شڪارپور ۾ رهواسين جو سئوٽن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

گھر ۽ زرخيل واري علائقي ۾ 16 جريب زمين تي سئوٽ قبضو ڪرڻ چاهين ٿا: ميھر سنجراڻي

شڪارپور ۾ رهواسين جو سئوٽن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

شڪارپور(احسان ابڙو ) شڪارپور ۾ سنجراڻي برادري جي ماڻھن طرفان گھر ۽ زرعي زمين تي قبضي ڪرڻ خلاف ميھر سنجراڻي,عبدالوھاب عرف عدنان سنجراڻي پريس ڪلب پھچي ڪري احتجاج ڪيو ان ميڊيا آڏو دانھيندي چيو تہ سنجراڻي محلا ۾ ھڪ گھر جڏھن تہ زرخيل واري علائقي ۾ 16 جريب زرعي زمين آھي جيڪا اسان جي ذاتي ملڪيت آھي,جنھن تي اسان جا سئوٽ عبدالمالڪ سنجراڻي,عبدالباسط سنجراڻي گھر ۽ زرعي زمين مٿان قبضو ڪرڻ چاھين ٿا,ان خلاف اسان پنھنجي وڪيلن محمد علي مھر,شڪيل انصاري معرفت شڪارپور جي سيشن ڪورٽ ۾ عبدالمالڪ ۽ سندس جي ڀائرن عبدالباسط سميت ٻين خلاف انصاف لاء پٽيشن داخل ڪرائي آھي,ھنن ٻڌايو تہ مٿي ڄاڻايل قبضو ڪندڙ عبدالمالڪ ۽ عبدالباسط سنجراڻي نامعلوم نقاب پوش ھٿياربندن سان گڏجي رات جو گھر مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪئي آھي,جڏھن تہ قتل ڪرڻ ۽ اغوا جون پڻ ڌمڪيون ڏيئي رھيو آھي,اسان کي ڪجھ بہ ٿيو تہ ان جا ذميوار عبدالمالڪ ۽ سندس جا ڀائر ھوندا, ھنن جو چوڻ تہ ھو بااثر آھن ھنن جا ڏوھاري قسم جي ماڻھن سان واسطہ آھن اسان مسڪين پورھيت آھيون,ھنن آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ,ڊي آء جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ,ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ سميت وس وارن کي اپيل ڪندي گھر ڪئي تہ اسان کي انھن ھٿياربند قبضہ خورن کان تحفظ فرھام ڪيو وڃي ۽ انھن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي جيئن اسان کي انصاف ملي سگھي.