سياست کي سياست تائين رهڻ ڏنو وڃي ذاتي دشمني ۽ انتقامي ڪاروايون جمهوريت لاءِ خطرناڪ عمل آهي. ڪاشف شيخ
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ هڪ اعلى سطحي وفد سميت جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽرصفدر علي عباسي، اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسي سان سندن رهائش گاهه تي ملاقات ڪئي. صوبائي امير معظم علي عباسي ۽ سندس فرزند وليد عباسي مٿان داخل ڪوڙي ڪيس تي سخت ڳڻتي جو اظهار ۽ مذمت ڪندي چيو ته سياست ۾ سياسي ۽ نظرياتي اختلاف رکڻ جمهوريت جو حسن آهي، پر سياست ۾ دشمني ۽ ذاتي انتقامي ڪاروايون ڪرڻ جمهوريت ۽ ملڪ لاءِ انتهائي خطرناڪ عمل آهي، ڪوبه سياسي ۽ نظرياتي ڪارڪن مخالفن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ کي صحيح نٿو سمجهي. ڪجهه وقت اڳ بلوچستان کان جيڪب آباد ايندڙ صوبائي مشير جي پوليس اسڪواڊ واري گاڏي مان جديد هٿيار پڪڙجڻ، صحافي جان محمد مهر ۽ نصرالله گڏاڻي کي قتل ڪرڻ وارن واقعن جي نشاندهي هجڻ باوجود اڄ تائين قاتل قانون جي پڪڙ کان ڇو آجا آهن؟ هتي جيڪو جيترو وڌيڪ ڪرپٽ آهي اهو اوترو ئي وڌيڪ طاقتور ۽ ڪمزور توڙي شريف شهرين کي وڌيڪ دٻايو ٿو وڃي، امير ۽ غريب لاءِ الڳ الڳ قانون آهن. ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته سُهيل سيال جي بنگلي ٻاهر ٿيندڙ فائرنگ واري واقعي جي اڻڌري جاچ ڪرائي معظم عباسي مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي. ان موقعي تي ضلعي امير ايڊوڪيٽ نادر علي کوسو، علي گل چانڊو ۽ ايڊوڪيٽ طارق علي مير جت پڻ موجود هئا.
0 تبصرے