English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪئنال منصوبو ملڪ جي لاءِ تباھي آڻيندو، سنڌ دشمن سازش ڪئي وئي آهي: اياز لطيف پليجو
views
|
10th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ سان ظلم جا خطرناڪ بحران پيدا ٿيندا، ڪئنالن خلاف 11 جنوري تي ھٽڙي باء پاس حيدرآباد کان بيداري مارچ ڪڍيو ويندو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ ڪئنال منصوبو ملڪ جي لاءِ تباھي آڻيندو. وفاقي حڪومت آصف زرداري جي مدد سان ڪجھ ڪمپنين کي خوش ڪرڻ لاء گرين انيشيٽو فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ دشمن سازش ڪئي آھي. ملڪ اڳ ۾ ئي سياسي ۽ معاشي بحران جو شڪار آھي. سنڌو تي ڌاڙا ۽هن لکين ايڪڙ زمينن تي قبضا احساس محرومي کي جنم ڏيندا ۽ خطرناڪ بحران پيدا ٿيندا. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ دشمن ڪئنالن خلاف 11 جنوري تي ھٽڙي باء پاس حيدرآباد کان بيداري مارچ ڪري ميرپورخاص پريس ڪلب وٽ جلسي عام ڪيو ويندو، جنھن ۾ لکين ماڻھو شريڪ ٿيندا. سنڌ جو عوام سنڌو درياھ بچايو تحريڪ جو ساٿ ڏئي. حيدرآباد کان عمرڪوٽ تائين عوام بيداري مارچ جو استقبال ڪري ان ۾ شامل ٿئي. ھي رڳو آبادگارن يا ھارين جو مسئلو ناھي. درياھ لاءِ جدوجھد نسلن جي بقا جي جدوجھد آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ چولستان ڪئنال ٺھيو ته ڪراچي سميت وڏن شھرن ۾ رھندڙ ماڻھن کي پيئڻ لاءِ پاڻي بہ نہ ملندو. پاڻي سان زرعي معيشت جڙيل آھي. زراعت جي ڪري پئسو سڄي ملڪ ۾ ھلي ٿو. ملڪ جي اصل معيشت زرعي معيشت آھي. دنيا جا سڌريل ملڪ زراعت ۾ جدت آڻين ٿا. ھارين ۽ آبادگارن لاءِ بھتر منصوبابندي ڪن ٿا پر خاص طور سنڌ ۾ آبادگارن ۽ ھارين کي ھٿ وٺي تباھ ۽ برباد ڪيو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ سان 7 ڪروڙ سنڌي ماڻھن جي زندگي جڙيل آھي. سنڌو درياھ اسان جي ھزارين سالن جي تھذيب آھي. سنڌو درياھ خلاف سازشون بند ڪيون وڃن. ڪو بہ سنڌ دشمن ڪئنال قبول نه ڪيو ويندو. حڪمران عوام کي بيوقوف بن بنائين. سسٽم ۾ ايترو پاڻي ناھي جو نوان منصوبا جوڙي سگھجن. ڪئنالن لاءِ اضافي پاڻي ناھي. ڪئنال ٺھيا تہ سنڌ جي کي ملندڙ پاڻي انھن ڪئنالن ڏانھن منتقل ٿي ويندو جنھن جي نتيجي ۾ اڳ ۾ آباد زمين ڀڙڀانگ ٿي ويندي. ڪروڙين ماڻھو، شھر ۽ ڳوٺ غربت ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سالن کان ملڪ ۽ سنڌ جي گھرج جيترو پاڻي نہ ھجڻ ڪري ڪوٽڙي کان ھيٺ پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاڪستان ۾ قبرستانن جي حالت زار – هڪ قومي الميو
11th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪينسر جو هڪ اهم ڪارڻ پلاسٽڪ
11th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
غريب عوام ۽ سرڪاري ملازمن لاءِ نيون ٽيڪسون
11th Jun 2025
•
سندھ
نئے مالی سال کاوفاقی بجٹ صنعتی شعبے کیلئے فائدہ مند نہیں،یونائٹیڈ بزنس گروپ
11th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاڪستان ۾ قبرستانن جي حالت زار – هڪ قومي الميو
11th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪينسر جو هڪ اهم ڪارڻ پلاسٽڪ
11th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
غريب عوام ۽ سرڪاري ملازمن لاءِ نيون ٽيڪسون
11th Jun 2025
•
سندھ
نئے مالی سال کاوفاقی بجٹ صنعتی شعبے کیلئے فائدہ مند نہیں،یونائٹیڈ بزنس گروپ
Advertisement
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌ
ڪئنال منصوبو
Advertisement
0 تبصرے