English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گهگهر ۾ هڪ ڪلاڪ دوران 4 وارداتون، مزاحمت تي نوجوان مارجي ويو، رهواسين جو ڌرڻو
144 views
|
10th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
هٿياربندن ڦورن پاران هڪ ڪلاڪ دوران ڦر جون 4 وارداتون ڪيون ويون، مزاحمت تي عارف اتيرو مارجي ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گهگهر ۾ ڦوروئن جو ڪڙو چاڙهي مين بازار مان ڦر، هڪ ڪلاڪ ۾ 4 وارداتون، مزاحمت تي نوجوان گوليون هڻي قتل، رهواسي قومي شاهراه تي نڪري آيا ڌرڻو، روڊ ٻنهي پاسن کان مڪمل طور تي بند، پولیس پاران 48 ڪلاڪن ۾ قاتل گرفتار ڪرڻ جي خاطري تي روڊ کوليو ويو، وارث نوجوان جو مڙهه سندن آبائي ڳوٺ نواب ولي محمد کڻائي ويا مڙه سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ويو، تفصيل موجب ملير جي پٺتي پيل علائقي گهگهر ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪي پئي آهي چوريون ڦرون معمول بڻيل آهن گذريل رات جو ساڍي ستين وڳي موٽر سائيڪل سوار 3 هٿياربند ڦورن گهگهر بازار کي ڪڙو چاڙهي هڪ ڪلاڪ تائين ڦر ڪندي ايم اي ٽريڊرز محڪم الدين کهاوڙ جي هول سيل دڪان تان لکين روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ فياض اتيرو جي سيڌي جي دڪان تان لکين روپيا روڪ، ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل ۽ ٽي موبائيل فون، غلام محمد ڳوٺ ۾ فياض اتيرو جي ڀائٽي عارف علي اتيرو جي دڪان تان ڦر ڪئي ان دوران للڪارڻ تي هٿياربندن گولي هڻي نوجوان عارف اتيرو کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو پئي ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو، ڦورن گهگهر جي سسئي پل وٽ ايزي لوڊ جو ڪم ڪندڙ ظهير عباس سومرو ۽ سندس دوست نعيم ملاح کي ڪار مان لاهي هزارين روپيا روڪ ۽ ٽي موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، گهگهر ۾ هڪ ڪلاڪ اندر ڦر جي چئن وارداتن ۽ هڪ نوجوان جي مارجڻ خلاف شهري فوتي جي چاچي قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ فياض اتيروجي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندا نڪري آيا ۽ گهگهر جي مک چوڪ تي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، احتجاج ۾ وارثن ۽ ڳوٺاڻن سميت قومي عوامي تحريڪ اڳواڻن منان شيخ، اشفاق چنڙ، ڪاشف خاصخيلي، فرحان لاڙڪ، سينگار بليدي، عوامي تحريڪ اڳواڻ شاني سومرو، جيئي سنڌ قومي محاذ اڳواڻ رشيد کوسو، جميعت العلماء جي حاجي اسماعيل مگسي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اعجاز سولنگي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي هنن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گهگهر کي انتظامي طور تي مڪمل ننڌڻڪو بڻايو ويو آهي جنهن سبب چوريون ۽ ڦرون معمول بڻيل آهن، اسان پنهنجي گهرن گهٽين ۽ دڪانن ۾ به غير محفوظ آهيون پوليس رڳو ڪاٻاڙين کان ڀتو اوڳاڙڻ ۾ مصروف آهي روڊ تي ناڪا هڻي غريب ۽ شريف ماڻهن کي حراسان ڪري پئسا وٺي ٿي باقي ڏوهارين کي کلي ڇوٽ مليل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ پوليس جي ڪجهه جوانن جي گهگهر ۾ ڊيوٽي لڳائي وڃي جئين ڏوهن تي ضابطو اچي سگهي، ياد رهي ته گذريل هڪ هفتي ۾ ڦر جون 10 وارداتون ٿي ويون پر پولیس انتظاميا ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي، جڏهن ته گهگهر قومي شاهراهه تي لڳل ڌرڻو پوليس پاران اٺيتاليھ ڪلاڪن ۾ جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائڻ بعد 8 ڪلاڪن کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪري روڊ کوليو ويو، هوڏانهن فوتي نوجوان جو مڙهه سندس آبائي ڳوٺ نواب ولي محمد نوابشاهه ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عارف اتيرو
گهگهر
ملير
0 تبصرے