English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ هينڊز پاڪستان' طرفان نيشنل ڪانفرنس 2024 ۽ ايوارڊ تقريب منعقد
views
|
09th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سالياني ضلعي پوسٽر پريزنٽيشن ۽ اعترافي ايوارڊز جي تقريب جو انقاد، معززين جي شرڪت
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سماجي تنظيم ھينڊز پاڪستان عمرڪوٽ پاران ايرڊ زون پاڪستان عمرڪوٽ جي آڊيٽوريم هال ۾ نيشنل ڪانفرنس سال 2024 ۽ ساليانو ڊسٽرڪٽ پوسٽر پريزنٽيشن ۽ مڃتا ايوارڊ ڏيڻ جي حوالي سان ھڪ پروگرام منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي پروگرام ۾ مھمان خصوصي جي حيثيت سان وائيس چيئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ ميان خالد ولھاري، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو پاران شرڪت ڪئي ويئي، ان موقعي تي نيشنل ڪانفرنس کي صدارتي خطاب ڪندي وائيس چيئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ ميان خالد ولھاري چيو ته سماجي تنظيم ھينڊز جا سوشل سيڪٽر ۾ تمام گهڻا ڪم ڪيا آھن، ھن چيو ته سنڌ حڪومت 68000 ھزار گھر ٺھرائي ڏيئي رھي آھي جنھن سان عمرڪوٽ ضلعي جي اڌ آبادي کي تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيندو، ھن چيو ته سنڌ حڪومت جيڪو ٻوڏ دوران عوام سان واعدو ڪيو ھو اڄ انھي واعدي کي پائيا تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ عوام کي ٻيھر گھر ٺھرائي ڏنا پيا وڃن، ھن چيو ته سماجي تنظيم ھينڊز کي اھو اعزاز حاصل آھي تہ اھا انھي گھرن کي ٺھرائي ڏيڻ واري پروجيڪٽ جي نمائندگي ڪري رھي آھي ۽ اميد آھي تہ اھو پروجيڪٽ جلد مڪمل ٿيندو ۽ عوام کي وڏو فائدو ٿيندو، ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري خطاب ڪندي چيو تہ عمرڪوٽ جو گھڻو حصو ٿر جو آھي ۽ اتي اڪثر ڏڪار واري صورتحال ٿيندي آھي جنھن جي ڪري گذريل ٻوڏ سبب متاثر ٿيل خاندان جي مالي سهائتا ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سنڌ توڙي ورلڊ بئنڪ جي سھڪار سان متاثر خاندانن کي ٻيھر گھر ٺھرائي ڏنا پيا وڃن جيڪا ھڪ بھترين قدم آھي، ھن چيو ته ضلعي انتظاميا جو سماجي تنظيمن سان ھميشه سھڪار رھيو آھي، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو خطاب ڪندي چيو تہ ھينڊز ٽيم جي سموري ڪارڪردگيءَ کي مڃتا ڏجي ٿي، ھن چيو ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ ڪل 68 ھراز گھر ھينڊز طرفان ٺھرايا ويندا جنھن سان انھي ڪميونٽي جي بھتري لاءِ ساراھ جوڳو قدم آھي، ھن چيو ته ھينڊز جي ٽيم کي اڃا وڌيڪ محنت ڪرڻ جي ضرورت آھي تہ جيئين اھي گھرن جي تعميراتي ڪم جي رفتار کي وڌائي سگھجي، ان موقعي تي پروگرام کي خطاب ڪندي ھينڊز جي چيف سروسز پاڪستان انيس دانش چيو ته ھينڊز پاڪستان جي اھا واحد آرگنائيزيشن آھي جنھن جي شروعات سنڌ سان ٿي ۽ ھاڻي پوري پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهي آھي، ھينڊز 44 سالن کان ڪم ڪري رھي آھي، ھن چيو ته اسان جو مقصد آھي ماڻھن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪريون ۽ ماڻھن جي ترقي جي لاءِ اڳتي وڌون، ھن چيو ته ھن وقت ھيڊز پاڪستان جي 61 ضلعن ۾ ڪم ڪري رھيو آھي، ھن چيو ته ھينڊز جا اسپتال آھن، ماروي ورڪرز آھن، ھن چيو ته اسان ٻھراڙيءَ جي عورت کي مڪمل طور تي سکيا ڏني ويندي آھي تہ جيئين اھا پنھنجي ٻارڙن جو پنھنجي صحت جو مڪمل طور تي خيال رکي سگھي، ھن چيو ته اسان وٽ 763 اسڪول آھن جيڪا اسان حڪومت جي گڏيل سھڪار سان ھلائي رھيا آھيون، ھن چيو ته اسان ماڻھن کي بغير وياج جي لون ڏيئي رھيا آھيون ته جيئن اھي پنھنجي ضرورت پوري ڪري سگھن، ھن چيو ته اسان 9123 اسڪيمون ڏنيون آھن جنھن ۾ پاڻي جا تلاءُ، واش روم، ھينڊ پمپ ۽ ٻيون اسڪيمون شامل آھن، ھن چيو ته ھينڊز پاڪستان ھائوسنگ پروجيڪٽ جيڪو ورلڊ بينڪ جي سھڪار سان اسان 14758 شيلٽرز ھائوس تيار ڪري ڏنا آھن، اسان وٽ ڪميونٽي جا ڪل 13882 گروپس جڙيل آھن جيڪي ڪميونٽي کي موبلائيز ڪرڻ ۾ اسان کي مدد فراهم ڪري رھيا آھن، ان موقعي تي سماجي تنظيم ھينڊز عمرڪوٽ جي ڊسٽرڪٽ مئنيجر امام بخش خاصخيلي چيو ته ھينڊز جي روايت رھي آھي تہ ھر سال پنھنجي فيلڊز ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن کي مڃتا ايوارڊ ڏيڻ جي لاءِ پنھنجي سرگرمين جي ڪارڪردگي مطابق مڪمل طور تي آگاھي ڏني ويندي آھي ۽ انھن ورڪرن کي کيس مڃتا ڏيڻ جي لاءِ ھڪ نيشنل ڪانفرنس ڪوٺائي انھن کي ڀرپور مڃتا ڏني ويندي آھي، ھن چيو ته ھينڊز ضلعي عمرڪوٽ ۾ بھتر ڪم ڪري رهي آھي، ان موقعي تي سماجي تنظيمن جي اڳواڻڻ مير حسن آريسر، غلام مصطفي کوسو، ڊاڪٽر عزيز رحماني، پرنسپال ڊگري ڪاليج پروفيسر عبدالرؤف سومرو ۽ ٻين خطاب ڪيو، ان موقعي تي خصوصي مھمانن پاران ھينڊز جي ورڪرن فنانس آفيسر نريندر ڪمار سوٽھڙ، پروجيڪٽ آفيسر محمد علي وساڻ، پروجيڪٽ مئنيجر توفيق احمد، سپورٽ اسٽاف خميسو سومرو ۽ ٻين کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا، ان موقعي تي ھينڊز جي ٻين ورڪرن توڙي ملازمن کي بھترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا، ان موقعي تي پروگرام ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر عمرڪوٽ نور محمد شيخ، ڊپٽي ڊائريڪٽر پاپوليشن عمرڪوٽ علي محمد پنھور، ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جي پرنسپال پروفيسر عبدالرؤف سومرو، سماجي تنظيم سامي فائونڊيشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر غلام مصطفي کوسو، سماجي تنظيم سي ايس ايس پي جي ڊسٽرڪٽ مئنيجر مير حسن آريسر، ذوالفقار سميجو، اڳوڻي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر عزيز رحماني، پريس ڪلب عمرڪوٽ جي صدر غلام محمد ڪنڀر، سماجي اڳواڻن سردار ڀيو، حق نواز سومرو، سارنگ رام سوٽھڙ، عبدالله کوسو، ايڊووڪيٽ محمد بخش ڪنڀر، ڪيتار گل، ڊبليو ايڇ او جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر درگاهه شنڪر، پوليو جي ڪميونيڪيشن آفيسر ارباب منگريو، مشتاق احمد ڪنڀر، منٺار آريسر، سيد ياور شاھ، مسرور رونجھو صحافين ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jan 2025
•
دنیا
امریکا بھر میں ٹک ٹاک بند
19th Jan 2025
•
تازہ ترین
ژوب: پاک افغان بارڈر پر دراندازی کی کوشش ناکام، فورسز سے مقابلے میں 5 خوارج ہلاک
17th Jan 2025
•
سندھ
پاکستان ایگریکلچر اینڈ ہارٹیکلچر فورم کے سینئر نائب صدر خالد اعجاز کا حکومت سندھ سے پاکستان کے پہلے اے پی ای زیڈ کی خستہ حالی کا فوری نوٹس لینے کا مطالبہ
17th Jan 2025
•
سندھ
عمران خان اور بشریٰ بی بی کے خلاف عدالتی فیصلہ انصاف کی جیت ہے، اظفر صدیقی
19th Jan 2025
•
دنیا
امریکا بھر میں ٹک ٹاک بند
19th Jan 2025
•
تازہ ترین
ژوب: پاک افغان بارڈر پر دراندازی کی کوشش ناکام، فورسز سے مقابلے میں 5 خوارج ہلاک
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
اطلاعات کاتي سنڌ جي ڊپٽي سيڪريٽري جو ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيس ٺٽي جو دورو
17th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ اجمير نگر پوليس تي 2 لک نه ڏيڻ تان نوجوان کي هاف فراءِ ڪرڻ جو الزام
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
ھينڊز پاڪستان
0 تبصرے