English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪئنال منصوبو سنڌو درياھ ۽ زرعي معيشت تي خوني حملو آھي: اياز لطيف پليجو
views
|
03rd Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري وڪرو ڪيو پيو وڃي، ڌرتي ڌڻين جي پيرن هيٺيان زمين ڪڍڻ وارو عمل برداشت نہ ڪيو ويندو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي عمر ڪوٽ ضلعي جي 14 ھزار ايڪڙ زمين مختلف ڪمپنين کي ڏيڻ جي مذمت ڪندي چيو تہ ڌرتي ڌڻين جي پيرن هيٺيان زمين ڪڍڻ وارو عمل برداشت نہ ڪيو ويندو. سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري وڪرو ڪيو پيو وڃي.ڪئنال منصوبو سنڌو درياھ ۽ زرعي معيشت تي خوني حملو آھي. جمھوريت جو نعرو پيپلز پارٽي جا ھاٿي وارا ڏيکارڻ وارا ڏند آھن. زرداري ٽولو اقتدار لاءِ سنڌ جا وسيلا ۽ زمينون کپائي رھيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ کي لٽڻ لاءِ پيپلز پارٽي کي 17 سالن کان مسلط ڪيو ويو آھي. اليڪشن نظام يرغمال آھي. ڪٺ پتلي حڪمران مڙھي من پسند فيصلا ورتا وڃن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي. ھڪ طرف پاڪستان عالمي طاقتن جي گھيري ۾ آھي ٻئي طرف ڪرپٽ حڪمران بلوچستان ۽ سنڌ جا وسيلا لٽي رھيا آھن. سنڌ جو عوام رستن تي آھي. جدوجھد جي باھ جا شعلا بلند ٿيندا ته ڪرپٽ حڪمران ھلي نہ سگھندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن جي نيلامي بند ڪئي وڃي. ميگا پروجيڪٽ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف ادارن ۽ وفاق جي حوالي ڪرڻ قبول ناهي. پيپلز پارٽي ٻيھر اقتدار لاءِ سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا وفاق حوالي ڪري تين وال ڪيا. سڄي سنڌ ۾ بي زمين ھاري خاندانن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 30 ايڪڙ في خاندان ۾ زمين مفت ورھائي ڏني وڃي تہ جيئن لکين خاندان پنھنجي پيرن تي بيھي سگھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت کي اھڙو ڪو اختيار ناھي جو سنڌو درياھ، سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا وڪڻي. مختلف منصوبن جي نالن ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين وفاق حوالي ڪري سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان سان ناانصافي آهي سنڌ جو عوام ڪئنال، وسيلن ۽ زمينن قبضن خلاف جدوجھد ۾ شامل ٿئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
26th Aug 2025
•
سندھ
ملیر: صالح محمد گوٹھ کے قریب سکھن ندی سے نوجوان کی لاش برآمد
26th Aug 2025
•
تازہ ترین
ڈیگاری بانو بی بی قتل کیس میں مقتولہ کا دیور کو گرفتار کرلیا گیا
26th Aug 2025
•
پاکستان
چین سے مزید 100 جدید ترین الیکٹرک بسیں شپ پر پاکستان روانہ ہوگئیں
25th Aug 2025
•
تازہ ترین
سکر: چیئرمین پاکستان پیپلز پارٹی بلاول بھٹو زرداری سے ترجمان سندھ حکومت و میئر سکھر بیریسٹر ارسلان اسلام شیخ کی ملاقات
26th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ور شهر ۾ شاگردياڻين کي تنگ ڪرڻ جا واقعا وڌي ويا، والدين پريشان
26th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير جي يوسي 10 ڀٽائي آباد مسئلن جي ور چڙهيل، 31 آگسٽ تي اي پي سي طلب
26th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد مان سياسي اڳواڻ خير محمد مگسي کان ڦر
26th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: معذورن جي تنظِم اين ڊي ايف جي چيئرمين عابد لاشاري جي مان ۾ تقريب
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے