English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: سينيئر صحافي رياض خاصخيلي جي سالگرهه ملهائي وئي
views
|
02nd Jan 2025
•
سنڌي خبرون
بلاول سمون، عبيدالله جماري، محمد عمر سرائي، ممتاز علي سمون ۽ ٻيا شريڪ
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) عوامي پريس ڪلب ٺٽو پنهنجي روايت کي برقرار رکندي سينئر صحافي رياض خاصخيلي جي سالگرهه شاندار نموني سان ملهائي. تفصيل موجب عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي خزانچي رياض خاصخيلي جي سالگرهه جي تقريب عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ صدر بلاول سمون، نائب صدر عبيدالله جماري، جنرل سيڪريٽري محمد عمر سرائي، ممتاز علي سمون، ڪامريڊ زاھد جوکيو، مير خالد ڪيھر، سينيئر صحافي پيرل پياسي، فاروق شيخ، مظھر علي، علي نواز سيال، حفيظ چنڊ ۽ ٻين صحافين ۽ دوستن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر بلاول سمون ۽ جنرل سيڪريٽري محمد عمر سرائي چيو ته عوامي پريس ڪلب ٺٽو هميشه پنهنجي ميمبرن جي ڏک ۽ سک جي لمحن ۾ ساڻن گڏ رهيو آهي. هن خوشيءَ جي موقعي تي اسان رياض خاصخيلي جي خوشيءَ کي پنهنجي خوشي سمجھي سندس سالگره ملهائي رھيا آھيون. بعد ۾ سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو ويو ۽ رياض خاصخيلي کي مبارڪباد پيش ڪئي وئي. تقريب ۾ موجود دوستن کيس اجرڪون ۽ گلن جا هار پارايا. فقير علي نواز سيال سندس درازي عمر، صحت، ۽ خوشحاليءَ لاءِ دعا ڪئي. آخر ۾ رياض خاصخيلي تقريب ۾ شريڪ دوستن جا ٿورا مڃيندي سندن ساٿ ۽ محبت تي شڪريو ادا ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Oct 2025
•
تازہ ترین
شکارپور: مہر برادری کے دو گروپوں میں زمین کے تنازع پر تصادم، 3 افراد جاں بحق، خواتین سمیت 8 زخمی
21st Oct 2025
•
سندھ
گمبٹ: گورنمنٹ ہائر سیکنڈری اسکول وڈا لاکها کی عمارت کا کام التوا کا شکار، طلبہ تعلیم سے محروم
21st Oct 2025
•
تازہ ترین
پیپلز پارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری کی آغا سراج درانی کے انتقال پر ان کے بیٹے آغا شہباز درانی سے تعزیت
21st Oct 2025
•
تازہ ترین
خیرپور میں دلخراش واقعہ: خاتون نے شوہر، تین بیٹوں اور بیٹی کو قتل کر کے خودکشی کر لی
21st Oct 2025
•
تازہ ترین
شکارپور: مہر برادری کے دو گروپوں میں زمین کے تنازع پر تصادم، 3 افراد جاں بحق، خواتین سمیت 8 زخمی
21st Oct 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان 3 ڄڻا قتل، عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي
21st Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ ڊينگي ۽ مليريا جي مريضن ۾ اضافو, سرڪاري اسپتالن جي کوٽ سبب مريض سخت پريشان
21st Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: جهرڪ ويجهو بي آءِ ايس پي عملي کان 40 لک رپيا مبينا ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
عوامي پريس ڪلب
0 تبصرے