الله پاڪ جي قدرت ڪامله سان هي پورو نظام جيڪو جوڙيو ويو آهي اهو الله پنهنجي آخري نبي خاتم النبين حبيب ڪريم صلي الله عليه وسلم جي صدقي پيدا فرمايو، الله رب العالمين آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم سان اسلام جي آفاقي پيغام کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائڻ لاءِ سندن جي صحابه ڪرام اصحاب رسول جي ذريعي پهچايو ويو. انهن مڙني صحابه ڪرام ۾ افضل خليفه اول حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رضي الله عنہ جو جون لازوال ۽ بي مثال قربانيون شامل آهن، حضرت انس رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته پياري آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته ابوبڪر سان محبت ڪرڻ ۽ انهي جو شڪر ادا ڪرڻ منهنجي امت تي واجب آهي،
حضرت عبدالله بن عباس رضي الله عنه کان روايت آهي ته مان ڏٺو ته آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم حضرت علي المرتضيٰ شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم سان گڏ هيا ايتري ۾ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه سامهون آيا، ته پياري آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم انهن سان هٿ ملائي پوءِ ڀاڪر پائي ڳلي لڳايو ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه جي منهن کي چميو ۽ حضرت علي المرتضيٰ شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم کي فرمايو “ اي ابوالحسن ! منهنجي لاءِ ابوبڪر جو اهو مقام آهي جيڪو الله وٽ منهنجو مقام آهي.حضرت ابوهريره رضي الله عنه کان روايت آهي ته مڪي مدني آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته مونکي آسمانن جو سير ڪرايو ويو پوءِ منهنجو جنهن به آسمان وٽان گذر ٿيو مان اتي پنهنجو نالو لکيل ڌٺو ۽ پنهنجي نالي پويان ابوبڪر جو نالو لکيل به ڏٺو، ٻئي روايت ۾ حضرت ابوهريره رضي الله عنه چون ٿا ته پياري آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته “ مون تي جن ماڻهن جو احسان هيو انهن جو مان چڪائي ڇڏيو آهي پر ابوبڪر جا مون تي اهي احسان آهن جن جو بدلو الله تعاليٰ روز قيامت ۾ انهيءَ کي عطا فرمائيندو، حضرت انس رضي الله عنه کان روايت آهي ته حضور سراپا نور صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته “ ابوبڪر دنيا و آخرت ۾ منهنجو ڀاءُ آهي، الله انهيءَ تي رحم فرمائي ۽ الله جي رسول جي طرفان انهيءَ کي بهتر جزا ڏي جو انهي پنهنجي جان ۽ مال سان منهنجي مدد ڪئي.
حضرت علي مشڪل ڪشا شير خدا رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته سچ کڻي تشريف وٺي اچڻ وارو آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جن آهن ۽ سچ جي تصديق ڪرڻ وارو خليفه اول حضرت سيدنا ابوبڪر صديق آهن، خاتم النبيين حضور سراپا نور صلي الله عليه وسلم جو پهريون خليفو ۽ رهبر ڪائنات محسن انسانيت صلي الله عليه وسلم جو سُهرو حضرت ابو ٻڪر رضي الله عنہ آهي. سندن نالو عبدالله ۽ ڪنيت ابو ٻڪر، لقب صديق ۽ عتيق آهي. سندن والد گرامي جو نالو عثمان، ڪنيت ابو قحافہ ۽ والدہ ماجدہ جو نالو سلمٰي، ڪنيت اُمُّ الۡخَيۡر آهي حضرت صديق اڪبر، حضور سراپا نور صلي الله عليه وسلم سان محبت، الفت ۽ سچي پڪي غلاميءَ جو اهڙو ته حق ادا ڪري ڏيکاريو جو دنيا حيران و ششدر آهي، سندن جي سيرت ۽ طرز عمل امت لاءِ مشعل راہ آهي-
اهو صديق اڪبر جنهن جي لاءِ بذات خود آقا و مولا حضرت محمد مصطفي خاتم النبیین صلي الله عليه وسلم هن لفظن ۾ دعا گھري " يعني؛ اي الله قيامت جي ڏينهن ابوبڪر کي منهنجو ساٿي بڻاءِ ته ان وقت الله تبارڪ وتعاليٰ وحي نازل فرمائي ۽ فرمايو ( اي محبوب) بيشڪ تنهنجي دعا قبول ٿي چڪي آهي، جڏهن هيءُ ٻار پيدا ٿيو هو ته غيب مان آواز آيو ته اي الله جي ٻانهي تون کي مبارڪ هجي جو هن ٻار جو آسمانن ۾ نالو صديق آهي ۽ هي محمد ڪريم صلي الله عليه وسلم جو ساٿي ۽ رفيق ٿيندو اها ڳالهه حضرت ابو بڪر صديق بيان ڪري بس ڪئي ته جبريل امين حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين يا رسول الله صلي الله عليه وسلم سهڻي ابو بڪر سچ چيو آ اِهو صديق آ ، هڪ دفعي حضرت ابو بڪر صديق رضي الله عنہ واپار جي سانگي ملڪ شام ويو اتي هڪ رات خواب ۾ ڏسي ٿو ته آسمان کان چنڊ لهي ڪري هن جي هنج ۾ پيو آ صبح ٿيندي ئي سهڻو صديق بحيرہ راهب وٽ ويو ۽ خواب جي تعبير پڇي ته راهب خواب ٻڌي چوڻ لڳو تون ڪٿئون جو رهاڪو آهين ته سائين جن فرمايو مان مڪي شريف جو رهاڪو آهيان وري ٻيو سوال ڪيائين ته تنهنجو قبيلو ڪهڙو آهي سائين فرمايو ته قريشي، راهب چيو توهان مان هڪ نبي ايندو ان جي زندگي با برڪت ۾ تون ان جو وزير هوندي ۽ ان جي ظاهري وصال کان پوءِ ان جو خليفو ٿيندي. حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ الله وتبارڪ تعالٰي جي راهه ۾ 10 هزار رات جو، 10 هزار ڏينهن ۾ ۽ 10 هزار لڪائي ڪري ۽ 10 هزار ظاهر ظهور ورهايا ته الله تبارڪ وتعالٰي صحابي رسول حضرت سيدنا صديق اڪبر رضي الله عنہ جي شان ۾ آيت نازل فرمائي. جنهن جو ترجمو آهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجو مال خيرات ڪن ٿا رات ۾ ۽ ڏينهن ۾ لڪائي ڪري ۽ ظاهر ظهور ڪري ته انهن جي لاءِ انهن جي رب وٽ انهن جو اجر آ نه انهن کي ڪو خوف آ ۽ نه اهي غمگين ٿيندا، اها آيت سيپارو 3 جي رڪوع 6 ۾ آهي ، حضرت جبيربن مطعم فرمائي ٿو ته هڪ عورت آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جي خدمت بابرڪت ۾ حاضر ٿي ڪري ڪنهن شيء جي باري ۾ پڇڻ لڳي ته آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جن ان عورت کي ڪنهن ٻئي وقت ۾ اچڻ لاءِ چيو ته ان عورت عرض ڪيو آقا يارسول الله “ توهان ٻڌايو جيڪڏهن مان اچان ۽ توهان کي نه لهان ته پوءِ ڇا ڪريان پاڻ فرمايائو جيڪڏهن تون مون کي نه لهين ته پوءِ حضرت ابوبڪر وٽ اچجانء اها حديث مسلم شريف جي جلد 2 ۾ ۽ مشڪوٰت ۾ آيل آهي. انهيءَ حديث مان معلوم ٿيو ته آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جن ابوبڪر صديق جو نالو کڻي پاڻ کان بعد ۾ پهرين خليفي هجڻ جو اعلان ڪيو. مشڪوٰة شريف جي حديث ۾ حضرت عمر فاروق رضي الله عنہ کان روايت آهي فرمايائون ته منهنجي هميشه اها ڪوشش هوندي هئي ته ڪنهن نه ڪنهن معاملي ۾ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ کان وڌي وڃان پر هڪ ڏينهن پياري آقا نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن الله تعاليٰ جي راهه ۾ مال خرچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان ڏينهن ۾ مال به مون وٽ تمام گهڻو ھيو مان خيال ڪيو ته اڄ مان حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ کان وڌي ويندس گهر آيس ۽ سراسر اڌ مال آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جي قدمن ۾ رکيو ۽ اڌ گھر وارن لاءِ ڇڏي آيس ۽ حضرت ابو بڪر صديق رضي الله عنہ حاضر ٿيا ته آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جن حضرت عمر فاروق رضي الله عنہ کان پڇيو ته ڇا کڻي آيو آهين، دربار رسالت ۾ عرض ڪيم آقا يا رسول الله صلي الله عليه وسلم اڌ مال گھر ڇڏي آيو آهيان ۽ اڌ مال کڻي آيو آهيان، جڏهن حضرت ابو بڪر صديق رضي الله عنہ جو وارو آيو ته آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته اي ابوبڪرصديق تون ڇا کڻي آيو آهين، خدمت ۾ عرض ڪيائين ته اي لڄپال آقا صلي الله عليه وسلم گھر جو سمورو سامان کڻي آيو آهيان. تنهن تي سائين ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن فرمايو گھر وارن جي لاءِ ڇا ڇڏي آيو آهين، سهڻي صديق اڪبر رضي الله عنہ عرض ڪيو ته الله ۽ ان جو رسول گهر وارن لاءِ ڇڏي آيو آهيان. تنهن تي ڪنهن عاشق چيو آ ،“ پرواني جي لاءِ ڏيئو ۽ بلبل جي لاءِ گل بس، صديق اڪبر جي لاءِ آ خدا جو رسول بس”، حضرت ابو هريره رضي الله عنہ کان روايت آ ته سائين ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته جيڪو شخص نمازي هوندو ته اُهو نماز جي دروازي مان جنت ۾ داخل ٿيندو ۽ جيڪو مجاهد هوندو اهو جهاد واري دروازي مان جنت ۾ داخل ٿيندو ۽ جيڪو سخي هوندو اهو سخاوت واري دروازي مان جنت ۾ داخل ٿيندو ته حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رضي الله عنہ عرض ڪيو آقا يا رسول الله صلي الله عليه وسلم ڇا اهڙو شخص به هوندو جيڪو سڀني دروازن کان گھرايو ويندو. تنهن تي الله تعاليٰ جي پياري مٺڙي محبوب ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو مان اميد ٿو ڪيان ته اي ابو بڪر تون انهن مان هوندي يعني تون کي جنت جو هر دروازو آواز ڏيندو ته تون مون مان جنت ۾ داخل ٿيءُ ايتري تائين جو آقا يارسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو! اي ابوبڪر حوض ڪوثر تي تون منهنجو ساٿي هوندي، هڪ دفعي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن حضرت ابو بڪر صديق کي فرمايو هي منڊي کڻي وڃ ۽ ان تي لا الہ الله لکائي اَچُ حضرت ابو بڪر صديق اها منڊي هڪ نَقۡش چِٽَڻَ واري کي ڏني ۽ چيو ته هن تي لا الہ الا الله محمد رسول الله لِکُ ته ان پورو ڪلمو شريف منڊيءَ تي لکيو جڏهن حضرت ابو بڪر صديق اُها منڊي رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي خدمت ۾ کڻي آيو ته آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم انهي منڊي تي “ لا الہ الا الله محمد رسول الله”، ابوبڪر صديق لکيل ڏٺو، تنهن تي فرمايائون “مَا هٰذِہٖ الزِيَادَة ”هيءَ زيادتي ڇا جي آهي عرض ڪيائون آقا يا رسول الله صلي الله عليه وسلم “ لا الہ الا الله سان محمد رسول الله ته مان لکايو آهي پر ابوبڪر صديق جي لکڻ جو مون کي علم نه آهي حضرت ابو بڪر صديق رضي الله عنہ اڃان عرض ڪري رهيو هو ته حضرت جبرائيل عليه السلام نازل ٿيو عرض ڪيو آقا يا رسول الله صلي الله عليه وسلم، الله تعاليٰ فرمائي ٿو توهان جي يارغار توهان جي نالي کي منهنجي نالي کان جدا نه ڪيو ته مون توهان جي نالي کي صديق سهڻي جي نالي کان جدا نه ڪيو، عاشق رسول شاعر ڊاڪٽر علامه اقبال فرمايو ته ، ڪي محمد سي وفا توني تو هم تيري هين، يه جهان چيز هي ڪيا لوح و قلم تيري هين، آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو يعني؛ ابو بڪر صديق ماڻهن مان سڀ کان بهتر آهي پر اهو نبي ناهي. ترمذي شريف جي حديث آ سائين ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ڪنهن شخص جي مال مون کي ايترو فائدو نه ڏنو آهي جيترو ابو بڪر صديق جي مال مون کي ڏنو آهي، اُهو ٻڌي ڪري حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رضي الله عنہ عرض ڪيو. آقا يا رسول الله صلي الله عليه وسلم مان ۽ منهنجو مال سڀ توهان جو ئي آهي. ترمذي شريف جي حديث ۾ آهي ته جڏهن حضرت ابو بڪر صديق رضي الله عنہ، حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي خدمت ۾ حاضر ڪيو ته پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن فرمايو، ابوبڪر صديق تون کي الله تبارڪ وتعاليٰ جهنم جي باهه کان آزاد ڪيو آهي، حضور سراپا صلي الله عليه وسلم، حضرت ابو بڪر صديق کي مخاطب ٿيندي فرمايو، اي ابو بڪر ٻڌ ! منهنجي امت مان سڀ کان پهريون تون جنت ۾ داخل ٿيندي ۽ حضرت انس رضي الله عنہ کان روايت آهي ته حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو حضرت ابوبڪر سان محبت ڪرڻ ۽ ان جو شڪر ادا ڪرڻ منهنجي پوري امت تي واجب آهي، حضرت امان عائشه صديقه رضي الله عنها کان روايت آهي ته چانڊوڪي رات ۾ جڏهن اسان جا آقا و مولا حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم جن پنهنجو مٿو سر مبارڪ منهنجي هنج ۾ رکيو ته مان عرض ڪيو ته آقا لڄپال صلي الله عليه وسلم ڪنهن شخص جون نيڪيون ايتريون به هونديون جيترا آسمان ۾ ستارا آهن، مدينه سرڪار صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته هائو حضرت عمر فاروق جون آهن، ان تي امان سانئڻ عائشه صديقه رضي الله عنها عرض ڪيو ته ڀلا منهنجي بابي حضرت ابو بڪر جون نيڪيون ڪيتريون آهن ته سائين ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن فرمايو عمر فاروق جي سڄي عمر جون نيڪيون حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ جي هڪ نيڪي جيڪا غار واري آهي ان جي برابر آ “معارج النبوت ۾ آ ته هڪ ڏينهن هڪ نانگ حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيائين يا روح الله مڪي شريف ڪهڙو رستو ويندو آ ته عيسيٰ عليٰ نبينا وعليہ السلام پڇيو اي نانگ تون کي مڪي ۾ ڪهڙو ڪم آ نانگ عرض ڪيو ته 600 سال گذري ويا آهن جڏهن کان آقا و مولا حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم جو نالو ٻڌو اٿم ان وقت کان ان جي ديدار لاءِ تڙپي رهيو آهيان. حضرت عيسيٰ عليہ السلام تنهن تي فرمايو منهنجي ۽ حضرت نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي وچ ۾ 600 سالن جو فرق آهي، تنهن تي نانگ عرض ڪيو، الله تعاليٰ جي رحمت کان نا اميد نه ٿيجي.حضرت عيسيٰ عليہ السلام ان نانگ کي مڪي جو رستو ڏسيو ته اهو نانگ شوق ديدار ۾ پنهنجي پيٽ تي روانو ٿيو ۽ هي اهو نانگ هيو جنهن حضرت ابو بڪر صديق رضي الله عنہ جي کُڙيءَ ۾ ڏنگ هنيو ۽ پريشان هيو ته جنهن محبوب ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ديدار لاءِ ڊگھي زماني کان انتظار ڪري رهيو آهيان هاڻي وقت آيو آ ته وري رڪاوٽ ٿي رهي آهي پر جيئن جيئن نانگ ڏنگيندو رهيو تيئن تيئن سهڻو حضرت ابو بڪر صديق رضي الله عنہ پنهنجي کڙي کي ٻُر جي مٿان ڌٻائيندو رهيو ته جيئن آقا يا رسول ﷲ صلي الله عليه وسلم جي آرام ۾ ڪنهن به قسم جو خلل نه پوي، آخر ڪار زهر جو اثر سڄي جسم ۾ پکڙجڻ لڳو ۽ اکين مان ڳوڙها محبت جا قطرہ سائين ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ڳل مبارڪ تي پيا ته سردار ڪائنات محسن انسانيت صلي الله عليه وسلم سجاڳ ٿيا ۽ فرمايائون اي ابوبڪر ڇا ڳالهه آهي، عرض ڪيائون آقا يا رسول الله صلي الله عليه وسلم نانگ ڏنگ هنيو آ، مهربان آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ڪٿي عرض ڪيائين کڙيءَ ۾ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم ان جڳهه تي پنهنجو مبارڪ مقدس ۽ متبرڪ لعاب دهن هنيو ته سور ختم ٿي ويو. جڏهن نانگ ٻاهر نڪتو ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن نانگ سان مخاطب ٿيندي فرمايو ته تون منهنجي غلام کي تڪليف ڇو ڏنئي. نانگ عرض ڪيو ته آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم توهان جي محبت ائين ڪرڻ تي مجبور ڪيو. جڏهن مڪي جي مشرڪن مسلمانن تي طرح طرح جون زيادتون، تڪليفون ۽ درد و آلام ڪرڻ شروع ڪيا ايتري تائين جو آخري نبي صلي الله عليه وسلم جي قتل ڪرڻ جي سازش جوڙيائون پر اهي نه پيا ڄاڻن ته جنهن شمعٰ کي خود خدا روشن ڪري ان کي ڪو به ناهي وسائي سگهندو، الله تبارڪ وتعالٰي فرمايون يعني ارادو ٿا ڪن ته الله تعاليٰ جي نور کي ڦوڪن سان وسائن ۽ الله پنهنجو نور کي پورو ڪندڙ آهي توڙي جو ان ڳالهه کي ڪافر نا پسند ڪن، آخر ڪار رات جي وقت هڪ جاء تي گڏ ٿي صلاح ڪيائون ته حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم کي قتل ڪيو وڃي پر هن طرح جو هر قبيلي مان هڪ بهادر چونڊيو وڃي ٿو، ائين ئي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي حويلي مبارڪ کي گھيري ۾ آندائون. الله تبارڪ وتعالٰي حڪم فرمايو اي جبرائيل عليه السلام وڃ منهنجي محبوب ڪريم صلي الله عليه وسلم کي سجاگ ڪر ۽ عرض ڪريس ته پنهنجي بستري تي سهڻي علي المرتضيٰ شير خدا رضي الله عنه کي سمهاري، حضرت ابو بڪر صديق رضي الله عنہ سان گڏ هجرت ڪري. پوءِ پاڻ ياسين شريف پڙهي مٽي ڪافرن جي منهن ۾ هڻندو وڃو ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم ٻاهر تشريف وٺي ويا پر ڪافرن کي ڪجهه به نظر نه آيو هوڏانهن جڏهن ڪافرن کي خبر پئي ته حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم ٻاهر وڃي چڪا آهن ته هنن پيرا کڻڻ شروع ڪيا قدمن جا نشان ڏسندا پي ويا ۽ سمجهن پيا ته ٻن ڄڻن جا قدم آهن پر جڏهن غار جي قريب پهتا ته ڇا ٿا ڏسن هڪ شخص جا پيرا آهن حيران ٿي ويا ته ٻيو شخص ڪاڏي ويو انهن مان هڪڙي ڳالهايو ته اڙي چريئون نٿا سمجهو ته غلام گڏ آ ،ٿي سگهي ٿو ڪنڌ تي کنيو هجائين. پر حقيقت به ائين ئي هئي، جڏهن سهڻي صديق اڪبر، آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم کي ڪلهي تي کنيو ته آسمان جا دروازا کلي ويا جو عرش الهٰي تي قدم رکڻ وارو اڄ حضرت اَبوبڪر رضي الله عنه جي ڪلهن تي سوار آهي، جنهن رهل تي اسان قرآن شريف رکندا آهيون ان کي چميون ڏيندا آهيون اکين سان لڳائيندا آهيون پر افسوس جنهن صديق جي ڪلهن تي قرآن وارو سوار هجي ان جي شان ۾ بي ادبي ڪئي وڃي آخرڪار ٻئي وڏيون هستيون رات جي وقت ۾ غار ۾ داخل ٿيون. معارج النبوة ۾ حضرت جبرئيل آمين عليه السلام ان وقت الله تبارڪ وتعالٰي جي بارگاه ۾ عرض ڪيو ته ياالله! مونکي اجازت ڏيو ته مان وڃي غار ته ڇا سڄي جبل کي پنهنجي پَرَ سان لڪائي ڇڏيان. الله تبارڪ وتعالٰي فرمايو حقيقي مالڪ ته مان آهيان منهنجي ڪامل قدرت ته هي آهي جو پنهنجي ڪمزور ترين مخلوق سان دشمن جي مڪر ۽ فريب کان انهن کي محفوظ ٿو رکان پوءِ الله تبارڪ وتعالٰي ڪوريئڙي کي حڪم فرمايو ته ان غار جي منھن تي ڄارو وڇائيو ۽ ڪبوتري کڏي ٺاهي ان ۾ آنا لاٿا پوءِ ڪافر ، سائين ڪريم حضور سراپا نور صلي الله عليه وسلم کي تلاش ڪندا ڪندا غار جي منھن تي پهتا ته صديق اڪبر رضي الله عنہ عرض ڪيو ته آقا يارسول صلي الله عليه وسلم دشمن ته غار جي منھن تي پهچي ويا آهن، الله تبارڪ وتعالٰي هن واقعي کي قرآن شريف ۾ بيان فرمايو پر ڪافرن غار جي منھن تي ڪوريئڙي جو ڄارو ۽ ڪبوتري جا آنا ڏسي سمجهي ويا ته جيڪڏهن غار ۾ اندر وڃن ها ته ڄارو ڪٽجي وڃي ها ۽ آنا ڀڄي پون ها اهي ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته شيطان آيو ۽ چغلي هڻڻ جي ڪوشش ڪيائين الله تعاليٰ فرمايو:اي جبرئيل جلدي وڃ پهريان هن ڳالھ کان جو دشمن، شيطان دشمني ڪري ان کي رغوهڻ جبرئيل خدا جي حڪم مطابق ان کي پَرَ هنيو ته شيطان اتي زمين ۾ وڃي ڪريو ۽ بيهوش ٿي ويو .مڪاشف القلوب ۾ آهي ته (جنهن ڪبوتري غار جي منھن تي آنا لا ٿا هئا ان ڪبوتري ۽ ڪبوتر کي الله تعالٰي اهڙي بي مثال جزا ڏني جو اڄ تائين جيترا به ڪبوتر آهن حرم پاڪ ۾ اهي سڀ انهن ڪبوترن جي اولاد مان آهن جيئن انهن الله تعالٰي جي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي حفاظت ڪئي ائين ئي الله تعاليٰ به حرم ۾ انهن جي حفاظت ڪئي يعني شڪار نه ڪيا ويندا آهن), .حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ وصيت ڪئي هئي ته جڏهن منهنجو وصال ٿئي ته منهنجو جنازو آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جي روضي پاڪ اطهر جي سامهون رکي عرض ڪجو ته السلام عليڪ يارسول الله هي ابوبڪر حاضر آهي، جيڪڏهن دروازو کلي ته ٺيڪ، ورنه جنت البقيع ۾ دفن ڪجو. پوءِ جنهن وقت حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه جو جنازو کڻي روضي مبارڪ جي سامهون رکي ساڳيا لفظ ورجايا ويا ته آواز آيو“ اُدۡخُلُوالۡحَبِيۡبَ اِلَي الۡحَبِيۡبِ” يعني دوست کي دوست سان ملايو، يعني سائين جن جو وصال 13 ھ 22 جمادي الثاني ۾ ٿيو. پاڻ 2 سال، 2 مهينا خلافت سنڀاليائون .حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رضي الله عنہ اڱاري جي رات سانجهي ۽ سومهڻي جي وچ 22 جمادي الثاني سن 13 ھ ۽ عمر 63 سالن جي ڄمار ۾ دنيا تان پردو فرمايائون.تنهن ڪري ئي سنڌ جي ناليواري مشهور بزرگ هستي حضرت سچل سرمست رحمت لله عليه پنهنجي شعريءَ ۾ فرمايو هي ته ؛ ياران ڪون جو نهين مڃيندا،
0 تبصرے