عمرڪوٽ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا مقابلا

عبدالله شاھ ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي جتوئي چئلينجر کي شڪست

عمرڪوٽ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا مقابلا

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ماروي اسٽيڊيم ۾ ھلندڙ 24 ھون آل سنڌ ۽ پاڪستان قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي اھم ميچ ۾ جتوئي چيلينجر قاضي احمد پھرئين بيٽنگ ڪندي 25 آورن ۾ 184 رنسون ٺاھيون جنھن ۾ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽر دانيال راجپوت 79 رنسون ٺاھيون، اقبال احمد 7 وڪيٽن جي نقصان تي 31 رنسون ٺاھي نمايان رھيا عبدالله شاھ ڪرڪيٽ اڪيڊمي کي 185 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جواب ۾ بيٽنگ ڪندي عبدالله شاھ ڪرڪيٽ اڪيڊمي ڀاڻ سعيد آباد 3 وڪيٽن جي نقصان تي 185 رنسون ٺاھي ميچ کٽي ورتو جنھن ۾ فرالدين 73 رنسون ماجد 58 رنسون، عبيد 33 رنسون ٺاھي نمايان رھيا مين آف دي ميچ جو ايوارڊ فرالدين عبدالله شاھ ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي رانديگر کي ڏنو ويو عبدالله شاھ ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي ڪاميابيءَ تي وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ ۽ ٽيم جي سرپرست اعلي ڊاڪٽر عبدالستار راھي پوٽو عبدالله شاھ ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي چيو تہ عمرڪوٽ جو ڪرائوڊ ۽ ميچ جو مزو ۽ ماروي گرائونڊ اسپانسر چيئرمين ميونسپل ڪميٽيءَ سيف اللہ خالد سراج سومرو، آرگنائزر رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۽ المھراڻ ڪرڪيٽ ڪلب جي سيڪريٽري رسول بخش رحيمداڻي، آرگنائيزر تاج محمد ڊي او ۽ ٻين جا شڪرگذار آھيون جيڪي ھر سال سنڌ جو بھترين قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرائيندا آھن جنھن جو مثال نٿو ملي، جڏھن تہ اڄ اربع جي ڏينھن عبدالله شاھ ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۽ ايمس حيدرآباد جي وچ ۾ ڪواٽر فائينل کيڏيو ويندو، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو ھي ميچ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرہ جي حوالي سان منسلڪ ڪيو ويو آھي اھڙو اظھار ٽورنامينٽ جي آرگنائيزر رسول بخش رحيمداڻي صحافين کي ٻڌائيندي ڪيو ۽ چيو تہ اڄ اربع جي ڏينھن منتخب نمائندا آفيسر ۽ اسپانسر چيئرمين ميونسپل ڪميٽيءَ عمرڪوٽ سيف اللہ خالد سراج سومرو آرگنائيزر تاج محمد ڊي او ۽ ٻيا بابائي قوم باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح جو ڪيڪ ڪاٽي سيليبرٽ ڪندا ان سلسلي ۾ ماروي اسٽيڊيم کي پاڪستاني جھنڊن سان سجايو ويو آھي.