English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مورو ۾ ٻن ڏينهن واري مفت ميڊيڪل ۽ اکين جي ڪيمپ لڳائي وئي
views
|
19th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
مورو (جاني جماڻي)مورو ڀرسان چوٿين ميل وٽ معزز سماجي شخصيت ايمان پيٽرول پمپ جو مالڪ سماجي اڳواڻ حاجي خالد حسين ٻگھيو پاران سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي تعاون سان ٻه روزه مفت ميڊيڪل ۽ اکين جي ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ اکين جي ماھر سرجن ڊاڪٽر نديم ميمڻ، سرجن ڊاڪٽر جنيد، ڊاڪٽر صفدر، ڊاڪٽر فرقان، ڊاڪٽر ارسلان، ڊاڪٽر عظيم، ڊاڪٽر ڪامران، ڊاڪٽر ناصر، ڊاڪٽر يوسف ۽ ٻين مختلف بيمارين جي ماھرن ڊاڪٽرن پاران تعلقي موري جي پسگردائيءَ جي ڳوٺن وسندي واھڻ جي رھواسين مردن عورتن معصوم ٻارڙن تقريبن 2000 ھزار کان مٿي مريضن جو چيڪ اپ ڪيو 200 کان مٿي مريضن جنهن ۾ مرد توڙي عورتون جو اکين جو آپريشن ڪري مفت ۾ دوائون ڏنيون ويون. ان موقعي تي معزز سماجي شخصيت حاجي خالد حسين ٻگھيو صحافي جاني جماڻي صحافي عارف يوسفزئي سان ڳالهندي چيو تہ اسان بنا ڪنھن ذات پات رنگ ۽ نسل صرف الله پاڪ جي خاطر مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي بي پهچ ماڻھن کي صحت جون سهولتون ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ھن ڪئمپ ۾ ھن علائقي جي ھزارين ماڻھن فائدو حاصل ڪيو آھي جن کي ھر سھولت سان گڏ علاج ۽ دوائون ڏنيون ويون آھن ۽ اھا ڪوشش جاري رھندي ھن چيو تہ ھن علائقي جي عوام لاءِ مون سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ وارن کي زمين پڻ ڏني آھي جيڪي ھتي نياڻين ۽ نوجوانن لاءِ الڳ الڳ ديني تعليم ڏيڻ لاءِ درسگاھ ٺاھيندا ۽ ننگر خانو پڻ قائم ڪيو ويو آهي جتي ھر غريب مسڪين پورھيت مزدور طبقي سان واسطو رکندڙن کي مفت ۾ کاڌو ڏنو پيو وڃي ھن چيو ته هن علائقي ۾ گذريل برساتن جي ڪري پيٽ جون بيماريون، چمڙي جون بيماريون، اکين جي تڪليف ۽ هاءِ بلڊ پريشر جهڙيون بيماريون عام ٿينديون ٿيون وڃن جنھن کي منھن ڏيڻ لاء ڪئمپ لڳائي ته جيئن غريب ماڻھن کي رليف ملي سگھي.......
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Oct 2025
•
شوبز
مہک نور: کامیڈی کنگ عمر شریف کے ساتھ اسٹیج پر جادو جگانے والی فنکارہ کا نیا سفر
24th Oct 2025
•
پاکستان
سندھ حکومت کا عوام دوست فیصلہ — ڈینگی اور ملیریا ٹیسٹ کی قیمتوں میں نمایاں کمی کا اعلان
24th Oct 2025
•
دنیا
بھارت میں شرمناک واقعہ — آسٹریلوی ویمن کرکٹرز کے کھانے کے دوران چوہا نکل آیا، انتظامات پر سوالات اٹھ گئے
24th Oct 2025
•
دنیا
موبائل میں بیوی کا نام ’موٹی‘ رکھنے پر شوہر کو بھاری قیمت ادا کرنا پڑ گئی!
24th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ابراهيم حيدري جي سماجي اڳواڻ جميل خاصخيلي جو ڀاءُ هفتي کان گم
24th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير جدوجهد ڪميٽي جي وفد جي ايم اين اي ڄام عبدالڪريم سان ملاقات
24th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ضلعي شڪارپور ۾ پوليو جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي
24th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ پوليو جي عالمي ڏهاڙي تي واڪ جو اهتمام
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
مورو
0 تبصرے