عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي وفد جي ايڪٽ انٽرنيشنل جي پروويزنل ڪوآرڊينيٽر سان ملاقات

عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي وفد جي ايڪٽ انٽرنيشنل جي پروويزنل ڪوآرڊينيٽر سان ملاقات

ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)ايڪٽ انٽرنيشنل جي پروويزنل ڪوآرڊينيٽر عبدالجبار ڀٽي سان عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي صدر بلاول سمون ۽ جنرل سيڪريٽري محمد عمر سرائي جي ملاقات. تفصيلي خبر موجب ٺٽي ۾ ايڪٽ انٽرنيشنل جي پروويزنل ڪوآرڊينيٽر عبدالجبار ڀٽي سان عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي صدر بلاول سمون ۽ جنرل سيڪريٽري محمد عمر سرائي جي ملاقات ٿي. ان موقعي تي عبدالجبار ڀٽي ٻڌايو ته ايڪٽ انٽرنيشنل گذريل وقت ۾ تعليم ۽ مائڪرو گرانٽ جي شعبي ۾ ڪامياب پروجيڪٽس مڪمل ڪري چڪي آهي. عبدالجبار ڀٽي وڌيڪ ٻڌايو ته هن وقت ايڪٽ انٽرنيشنل يونيڊو جي سهڪار سان مختلف ڪاروبارن لاءِ گرانٽ فراهم ڪري رهي آهي. ان پروگرام جو پهريون مرحلو، جنهن ۾ درخواستون وصول ڪيون پيون وڃن، 20 ڊسمبر تي ختم ٿي رهيو آهي. ان کانپوءِ اسڪريننگ وارو مرحلو شروع ٿيندو. هن ٻڌايو ته هن وقت تائين 600 کان وڌيڪ درخواستون وصول ٿي چڪيون آهن ۽ روزانو 150 کان 200 ماڻهو آفيس جو دورو ڪري رهيا آهن، جتي اسان جي ماهرن جي ٽيم سندن رهنمائي لاءِ موجود آهي. عبدالجبار ڀٽي ماڻهن کي خبردار ڪندي چيو ته اهي يقيني گرانٽ جا ڪوڙا آسرا ڏيڻ وارن کان بچن ۽ ڪنهن به قسم جي مالي فراڊ جو شڪار نه ٿين. هن عوام کي صلاح ڏني ته اهي نوان ۽ منفرد ڪاروباري خيال آڻين، جيڪي نه صرف روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪن پر ڪاروبار مان خدمت فراهم ڪرڻ جا مقصد پڻ حاصل ٿين. هن اهو پڻ ٻڌايو ته ايڪٽ انٽرنيشنل جي ويب سائيٽ تي پروگرام بابت مڪمل ڄاڻ موجود آهي ۽ ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ڳوٺن ۾ ڪئمپس لڳائي کين آگاھي پڻ ڏني پئي وڃي.ان موقعي تي عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي وفد ايڪٽ انٽرنيشنل کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. ملاقات دوران مظهر علي ۽ عبدالجبار ڀنڀرو پڻ موجود هئا.