English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ماڻهو اجايو واويلا پيا ڪن، ڪئنالن جي منظوري صدر نه ڏيندو آھي اھو اختيار سي سي آء جو آھي: سيد سردار شاهه
views
|
22nd Dec 2024
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سي ايس ايس پي ۽ عمرڪوٽ سٽيزن فورم طرفان ثقافتي ميلو منعقد
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم سي ايس ايس پي ۽ عمرڪوٽ سٽيزن فورم طرفان عمرڪوٽ ثقافتي ميلو منعقد ڪيو ويو جنھن جو افتتاح ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ پاران ڪيو ويو جڏھن ته ثقافتي ميلي دوران رٿيل ثقافتي تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي مھمان خاص صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاھ چيو ته ڪئنال جي منظوري صدر نه ڏيندو آھي اھو اختيار سي سي آء جو آھي ماڻھو نڪو ٿا پڙھن ۽ سمجھن اجايون ويٺا ڳالھيون ڪن سي سي آء ۾ وزير وڏا وزير ۽ وزيراعظم به موجود ھوندو آھي ۽ اتي گڏيل راء سان فيصلا ٿيندا آھن ھن چيو ته پھرين چيو ويو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي صدر منظوري ڏئي ڇڏي آھي جيڪو غلط آھي ھن چيو ته ارسا ايڪٽ قومي اسيمبلي جو پاس ٿيل آھي ان ۾ ترميم صرف اسيمبلي ئي ڪري سگھي ٿي سنڌ جي پاڻي اشو ۽ ڪئنالن واري مسئلي تي پ پ حڪومت سنڌ سان گڏ اڄ به بيٺل آھي ھن چيو ته ڪئنالن واري اشو تي اسان وٽ ٽي رستا آھن مخالف ۽ مزاحمت سا ٿئي پئي سنڌ حڪومت ايڪنڪ ۽ سي سي آء ۾ ان جي مخالفت ڀرپور ڪندي ھن چيو ته ايڪنڪ ۽ سي سي آء ۾ اسانجو موقف نه مڃيو ويو ته اسان قانوني رستو اختيار ڪنداسين پر سنڌو تي ڪئنال اڏڻ نه ڏينداسين ھن چيو ته عمرڪوٽ ۾ ثقافتي ميلو اڳر مچي ٿو ته مونکي سڀ مصروفيتون ڇڏي پُھچڻو لازمي ھو ھنن جيڪي ڪتاب ڇپرايا آھن زبردست ڇپرايا آھن اسان وٽ مختلف سوچون ۽ رويا رکندڙ ماڻھو موجود آھن اھا سٺي ڳالھ آھي ۽ زندگي جو حسن آھي ثقافت سان چاھ رکندڙ ۽ اھڙا پروگرام ڪندڙ ثقافت کي اجاگر ڪندڙ آھن 16 لک ٻار ھر سال سنڌ ۾ ڄمن ٿا اھو قرضي ٿي پيدا ٿو ٿئي جيڪو اک ٿو پٽي اھو قرضي آھي ھن چيو ته سوشل ميڊيا جو دور ٽن ڏھاڪن کان پوء آيو جيئن زراعت کان ڪڻڪ ۽ ڪپھ جي شروعات ڪئي پوء صنعت ۽ بعد ۾ ٽيڪنالوجي ڪڍيائين اسان زرعي سماج مان نڪري ٽيڪنالوجي ۾ داخل ٿي وياسين پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ سوشل ميڊيا جو استعمال سنڌ کان ٿئي ٿو اھي به ھيٺين علائقن ۾ جنھن بابت اسان کي ماڻھن ۾ شعور پيدا ڪرڻ گُھرجي ته ھن ۾ ڪيھڙا فائدا نقصان آھن دنيا ۾ جيڪي معاشرا اڳتي وڌيا آھن اُھي تحرڪ مان نڪتا آھن مونکي جڏھن ثقافت جو وزير ڪيو ويو ته ماڻھن چيو ته ميلم جو وزير آھي اسان ھر مذھب ھر عقيدي جو احترام ٿا ڪريون عمرڪوٽ ۾ مذھبي رواداري صدين کان رھي آھي جتي ھندو برادري اڪثريت ۾ آھي صدين کان وٺي ھتي پريم ڀاو رھيو آھي سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي لاء احتجاج ڪندڙ صرف پنھنجي ٻچن جي پيئڻ لاء پاڻي لاء پيا دانھن ڪن ھن چيو ته معمولي اختلافن کي وساري ھر ماڻھو کي پنھنجي حصي جو ڪم ڪرڻ گُھرجي اسان جي بدقسمتي اھا آھي ته اسان جا سڀ ھيروز شھيد آھن اھڙا پروگرام اڳتي به ٿيڻ گُھرجن اسان کي جڏھن به سڏ ٿيو ته حاضر ھونداسين جڏھن ته ثقافتي ميلي ۾ ليکڪ عبدالعزيز رحماني جي ڇپرايل ڪتاب اکين ڏٺو عمرڪوٽ جي مھورتي تقريب پڻ ٿي گذري تقريب ۾ ضلعي ڇيئرمين حاجي بقا پلي، وائس چيئرمين ميان خالد ولھاري، ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ، ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير ميمڻ، نامياري اديبن شاعرن مير حسن آريسر، جلال ڪوري، نور محمد بجير، عبدالله کوسو، حاجي ساند، ڀارو مل امراڻي، علي اڪبر راھمون، عبدالحليم سومرو، ڊائريڪٽر ڪاليجز ميرپورخاص ميرچند اوڏ، سي ايم او ساجد شاھ، سارنگ رام مٿراڻي، سنجئه مٿراڻي، جاويد ڪنڀر، اسلم رونجھو، جبار ڪنڀر سميت ٻين پڻ شرڪت ڪئي، ثقافتي ميلي ۾ لطيفي راڳ پڻ ٿي جنھن ۾ پروفيسر بشارت علي، قائم علي، رحمت علي، رفاقت علي ۽ ٻين لطيفي راڳ ڳايو جڏھن ته فنڪارن استاد برڪت فقير، غلام رسول جافراڻي، ڍولڪ نواز رزاق فقير ۽ ٻين سنڌي ڪلام ۽ ڏورو ڳايو مرلي جي ڌن تي مور جوڳي ۽ سندس ٽيم طرفان سرن جي ورکا ڪئي ويئي ، ثقافتي ميلي تقريب ۾ سائينسي شين جا اسٽال لڳايا ويا جتي مختلف اسڪولن جي شاگردن طرفان اسٽال لڳايا ويا، ثقافتي ميلي ۾ ليکڪ عبدالعزيز رحماني جي ڇپرايل ڪتاب اکين ڏٺو عمرڪوٽ جي مھورتي تقريب پڻ ٿي گذري جنھن جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ سميت آيل معزز مھمان ڪتاب ھٿن ۾ کڻي ڪتاب جي مھورت ڪئي ڪتاب ڇپرائيندڙ عبدالعزيز رحماني چيو ته ھن ڪتاب ۾ عمرڪوٽ جي اھم شخصيتن جون لکڻيون آھن تاريخ کان وٺي تحقيق، تعليم، صحت سميت ٻين تي لکڻيون آھن پروفيسر جلال ڪوري ڪتاب اکين ڏٺو عمرڪوٽ تي روشني وڌي ۽ تعارف ڪرايو ، ثقافتي تقريب ۾ ننڍڙي شاگرد عبدالروف ھاليپوٽو سردار شاھ جو نظم پڙھيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jan 2025
•
دنیا
امریکا بھر میں ٹک ٹاک بند
19th Jan 2025
•
تازہ ترین
ژوب: پاک افغان بارڈر پر دراندازی کی کوشش ناکام، فورسز سے مقابلے میں 5 خوارج ہلاک
17th Jan 2025
•
سندھ
پاکستان ایگریکلچر اینڈ ہارٹیکلچر فورم کے سینئر نائب صدر خالد اعجاز کا حکومت سندھ سے پاکستان کے پہلے اے پی ای زیڈ کی خستہ حالی کا فوری نوٹس لینے کا مطالبہ
17th Jan 2025
•
سندھ
عمران خان اور بشریٰ بی بی کے خلاف عدالتی فیصلہ انصاف کی جیت ہے، اظفر صدیقی
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي ناليواري صحافي ۽ اديب پروفيسر بيدار جعفري جي ياد ۾ ملير ۾ تعزيتي ميڙاڪو
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سياست سان گڏ زندگي جي ھر شعبي ۾ جيستائين عورتن جو ڪردار شامل نه هوندو ڪاميابيون ممڪن ناهن: ياسمين چانڊيو
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
رسول بخش پليجو سنڌو درياھ جو وڪيل ھو: اياز لطيف پليجو
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ عوامي تحريڪ پاران زمينن تي قبضن ۽ تڪراري ڪئنالن خلاف ريلي ۽ بک هڙتال
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سيد سردار شاهه
عمرڪوٽ
سي ايس ايس پي
عمرڪوٽ سٽيزن فورم
ثقافتي ميلو
0 تبصرے