English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ جي اسڪالر پبلڪ گرلس هاءِ اسڪول ۾ تعليمي ۽ ثقافتي تقريب منعقد
views
|
20th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران مختلف ٽيبلوز پيش ڪيا ويا
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ اسڪالر پبلڪ گرلس هاء اسڪول طرفان ساليانو تعليمي ثقافتي تقريب منعقد ڪئي ويئي جنهن ۾ شاگردن طرفان ثقافتي ٽيبلو ۽ بهترين تقريرون ڪيون ويون تقريب کي خطاب ڪندي ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جي پرنسپال عبدالرؤف سومرو چيو ته اهڙا پروگرام ٻارن جي ذھني نشونما لاءِ بهترين ثابت ٿيندا آهن ۽ شاگردن جو ٽيلينٽ نکرجندو آهي سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام جي ڊسٽرڪٽ مينيجر ميرحسن آريسر چيو ته سنڌ جون ريتون رسمون هڪ حسين روپ آھن جن کي زنده ڪرڻ لاءِ اهڙا پروگرام تمام ضروري آهن زرعي يونيورسٽي جي پروفيسر ذوالفقار مري چيو ته هم نصابي سرگرميون شاگردن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو فراهم ڪنديون آهن زليخان پنهور چيو ته عورت والدين جا خواب کڻي درسگاهن ۾ اچي ٿي انهن خوابن جي ساڀيان لاءِ محنت ڪرڻ کپي خالده منير ولھاري چيو ته اڄ جي عورت هر فيلڊ ۾ پنهنجو نالو ڪمايو آهي اوهان سڀاڻي جي سنڌ آهيو محنت ڪريو ۽ پنهنجو مستقبل بهتر بڻايو شيوارام سوٽهڙ چيو ته دنيا جديد ٿيندي پئي وڃي اڄ جي ٻار کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تعليم جي ضرورت آهي سينئر صحافي الياس ٿري چيو ته نياڻي جي تعليم گهر ۽ معاشري کي سڌارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي انڪري نياڻين کي تعليم جا موقعا فراهم ڪيو اسلم رونجهو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جو مقصد شاگردن کي پنهنجي ثقافت کان آگاھ ڪرڻ آهي انڪري هم نصابي سرگرمين ذريعي شاگردن کي اسين موقعا فراهم ڪندا آهيون جئين اهي پنهنجو ٽيلينٽ دنيا جي سامھون آڻي سگهن ان موقعي تي ڪوير چوهاڻ، علي نواز راهمون، جاويد ڪنڀر، گل منير ولهاري، غلام رسول ببلي بجير، عبدالحئي راهمون، سبب علي، ڪرشن ميگھواڙ، رسول بخش منڱريو، لائيبا ملڪ، نرملا، مهدي حسن راهمون، اشرف ڪنڀر، رام چارڻ، الهداد آريسر، معشوق رونجهو ۽ ممتاز ڪنڀر شرڪت ڪئي تقريب دوران شاگردياڻين ۽ شاگردن طرفان ٽيبلوز ۽ تقريرون ڪري خوب داد حاصل ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
اپوزیشن جماعتوں کا حکومت مخالف اتحاد کو مزید وسعت دینے کا فیصلہ
21st Feb 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
22فيبروري, اسڪائوٽن جو عالمي ڏينهن
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
حکومتِ سندھ اور آکسفورڈ پاکستان پروگرام کی جانب سے سندھ کے طلباء کے لئے آکسفورڈ یونیورسٹی میں گریجویٹ اسکالرشپس کا اعلان
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
چیف جسٹس سے تحریک انصاف کے وفد کی ایک گھنٹے طویل ملاقات
21st Feb 2025
•
سنڌي خبرون
پيروسڻ ۾ نوجوان ناري پاران پنهنجي پيءُ تي جنسي زيادتي جو الزام، ڪيس داخل
21st Feb 2025
•
سنڌي خبرون
گهارو ويجهو قومي شاهراهه تي حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي ٿي پيا
21st Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ڇهه ڪئنال سنڌ جي تباهي آهن: سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي: اياز لطيف پليجو
21st Feb 2025
•
سنڌي خبرون
سينئر سياستدان نوان يوسف ٽالپر جو ٽيجهو، سياسي سماجي شخصيتن جي شرڪت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ثقافتي ويس وڳا
عمرڪوٽ
اسڪالر پبلڪ گرلس هاءِ اسڪول
0 تبصرے