English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏھرڪي ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌو درياھ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف ريلي
19 views
|
06th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ جا ماڻھو ڪڏھن به درياھ تي قبضو ٿيڻ نه ڏيندا: اڳواڻ
ڏھرڪي (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ پاران ڏھرڪي شهر ۾ سنڌو درياھ مان 6 غيرقانوني نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، لطف ميان شر، ارصلاح بھلڪاڻي، محبت سميجو، فدا محمداڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عوامي ھوٽل کان پريس ڪلب ڏھرڪي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي ريلي کي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ جي وجود کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي سنڌ جا ماڻھو ڪڏھن بہ درياھ وڪرو ٿيڻ نہ ڏيندا. چولستان ڪئنال ۽ ٻيا ڌاڙيل واھ ھرگز قبول ناھن. سنڌ کي ڀڙڀانگ ۽ بنجر ٿيڻ نہ ڏنو ويندو. سنڌ سميت دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ رھندڙ سنڌي ماڻھو پنھنجي درياھ ۽ وسيلن لاءِ ھڪ آواز آھن.سنڌ دشمن ڪئنالن جو منصوبو ڪرپٽ حڪمرانن جي اقتدار جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو. مظھر راھوجي چيو تہ سنڌ جي لٽيل دولت مان ڪرپٽ حڪمرانن ٻاھرين ملڪن ۾ پنھنجا محل جوڙي ڇڏيا آھن. پيپلزپارٽي جي ايم پي اي، ايم اين ايز ،سينيٽرز ۽ ڪرپٽ وزيرن ٻاھرين ملڪن ۾ پنھنجون ملڪيتون ۽ ڪاروبار قائم ڪري ڇڏيا آھن. چور، نااھل ۽ ڪرپٽ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آھي. نوڪرين سميت ھر شئي وڪرو ڪئي وئي آھي. سنڌ جو درياھ، زمينون ۽ وسيلا تين وال ڪيا پيا وڃن. قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي گهوٽڪي جي صدر لطف ميان شر خطاب ڪندي چيو تہ زرداري سنڌو درياھ مان چولستان سميت 6 نوان ڪئنال ڪڍي پنجاب کي سرسبز ۽ سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي منصوبن تي صحيح ٿو ڪري ۽ سنڌ جي مزاحمت کان پوءِ سندس پٽ بلاول ڀٽو زرداري ۽ پيپلزپارٽي سنڌي ماڻھن کي بيوقوف ٿا بڻائين. سنڌي ماڻهن کي سمجهڻو پوندو تہ پيپلزپارٽي، زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي عوام سان نہ پر پنجاب ۽ وفاق سان گڏ بيٺل آھن جيڪي سنڌو درياھ مان 6 نوان غير قانوني نوان ڪئنال ڪڍي گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌو درياءَ کي قتل ڪرڻ چاھين ٿا. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ارصلاح بھلڪاڻي خطاب ڪندي چيو تہ قومي عوامي تحريڪ جي سنڌو درياھ کي بچائڻ لاء جدوجھد شھرن سميت جھرجھنگ جاري رھندي. سنڌ دشمن ڪئنال ھرگز ٺھڻ نہ ڏينداسين.آصف علي زرداري ۽ پيپلزپارٽي ھٿ وٺي سنڌ جي عوام کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ چاهي ٿي. سنڌ جو عوام ڪڏهن سنڌو درياھ تي نوان ڪئنالن قبول نہ ڪندو چولستان سميت 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جو پاڻي بند تي ويندو. جنهن سنڌ تباھ ۽ برباد ٿي ويندي.قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ محبت سميجو خطاب ڪندي چيو تہ آصف علي زرداري ۽ پيپلزپارٽي سنڌو درياھ تي ڌاڙي ۾ سھولتڪار آھن. جيڪڏھن 6 نوان ڪئنال ٺھي ويا تہ سنڌ جي ماڻھن کي پيئڻ جو پاڻي بہ نہ ملندو. پاڻي جو معاملو رڳو آبادگارن جو ناھي. پاڻي جو معاملو زندگي جو معاملو آھي. ان موقعي تي فدا محمداڻي، گلشير ڏھر، رمضان آرائين ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
لڪي مروت آپگهاتي حملو دهشتگردي جي اندھيري موج ۽ عوامي تحفظ..؟؟
01st Dec 2025
•
سندھ
نوشہرو فیروز کی ہندو برادری نے بھارتی وزیر راج ناتھ کے بیان کو رد کردیا شاہی بازار سے پریس کلب تک ریلی
01st Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
یکم دسمبر ایڈز کا عالمی دن
01st Dec 2025
•
تازہ ترین
بدمعاشی کی صورت میں گورنر راج ممکن ہے - فیصل واوڈا کا سہیل آفریدی کو جواب
01st Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
لڪي مروت آپگهاتي حملو دهشتگردي جي اندھيري موج ۽ عوامي تحفظ..؟؟
01st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز جي هندو برادري جو ڀارتي وزير راج ناٿ جي بيان خلاف احتجاج
01st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مورو ۾ ڀٽائي ڪالوني واسي عورت جو وارثن سميت مڙس خلاف احتجاج
01st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مورو ۾ منشيات فروشن ۽ ڏوهارين کي بخش نه ڪيو ويندو: اي ايس پي راءِ محمد آصف کرل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڏھرڪي
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے