روهڙي ويجهو ڪارنهن تڪرار تان نوجوان گوليون هڻي قتل،لاش اسپتال منتقل

ڳوٺ باگو خان جاگيراڻي جي رهواسي نوجوان نادر جاگيراڻي کي هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

روهڙي ويجهو ڪارنهن تڪرار تان نوجوان گوليون هڻي قتل،لاش اسپتال منتقل

روهڙي (رپورٽر) روهڙي ويجهو ڪارنهن تڪرار تان نوجوان گوليون هڻي قتل،لاش اسپتال منتقل، ڳوٺ باگو خان جاگيراڻي جي رهواسي نوجوان نادر جاگيراڻي کي هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ هو ته مقتول نادر جاگيراڻي ٻه سال اڳ پسند جو پرڻو ڪيو هو، واقعو ڪارنهن تڪرار تان پيش آيو آهي، مقتول جي سئوٽ محمد حسن جو چوڻ هو ته سولنگي برادري جي ٽن هٿياربندن گهر اندر داخل ٿي نادر کي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي، دبر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش روھڙي تعلقي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو