عمرڪوٽ ۾ ڊي سي نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ پوليو جي حوالي سان اجلاس

پوليو جو خاتمو ڪرڻ لاء سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: نويد الرحمان لاڙڪ

عمرڪوٽ ۾ ڊي سي نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ پوليو جي حوالي سان اجلاس

عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ جي درٻار ھال ۾ پوليو جي رائونڊ ڊسمبر 2024ع جي حوالي سان اجلاس ٿي گذريو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ چيو ته پوليو جو خاتمو ڪرڻ لاء سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، جڏهن تہ 16 ڊسمبر 2024 کان 20 ڊسمبر 2024 تائين جاري رھندڙ پوليو مهم دوران سمورن مانيٽرن کي پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي تہ جئين ھن مھم کي ڪامياب ڪري سگھجي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو تہ ضلعي ۾ جاري اي پي آئي واري پروگرام کي وڌيڪ بھتر بڻائڻ لاءِ پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪيو وڃي، ان موقعي تي ھن سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن توڙي صحت کاتي جي آفيسرن کي سختي سان ھدايت ڪندي چيو تہ گذريل پوليو مهم دوران رھجي ويل 3943 ٻارڙن کي ھن پوليو مهم دوران پوليو جا ڦڙا ضرور پياريا وڃن ۽ انھن جي لسٽ سمورن يو سي ايم اوز کي ڏني وڃي، ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو و پٿورو سنجي ڪمار ترڪيو، ايم ايس سول اسپتال عمرڪوٽ ڊاڪٽر فريد احمد هنڱورجو، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر عظم کوسو، اي پي آئي جي ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن ڊاڪٽر عمران، ڊبليو ايڇ او جي ڊاڪٽر درگاه شنڪر، پوليو فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجئہ ڪمار، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر لڇمڻ داس، ڊي ايس پي عمرڪوٽ تصور جٽ، ٽي او تعليم، سوشل ويلفيئر کاتي، ڊاڪٽر گووند رام مالھي، ڊي ايس وي، ٽي ايس وي، ايل ايڇ وي، ويڪسينيٽرن، سماجي تنظيمن ھينڊز جي امام بخش خاصخيلي، ٽي آر ڊي پي جي ميڊم اظھرا قمبراڻي، سي ڊبليو ايس اي جي سارنگ رام سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اجلاس ۾ موجود سمورن سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پوليو مهم دوران پنھنجو ڀرپور تعاون ڪرڻ جي پڻ يقين ڌياني ڪرائي.