شڪارپور ۾ سماجي تنظيم پاران غريب نوجوان کي ڪٽنب جي ڪفالت لاءِ رڪشا ڊوزر ڏئي ڇڏيو

2022 جي برسات کانپوءِ اسان جي آرگنائيزيشن مسلم چيئريٽي يو ڪي جي تعاون سان 245 گھر تعمير ڪرائي ڏنا: مجاهد ڀٽو

شڪارپور ۾ سماجي تنظيم پاران غريب نوجوان کي ڪٽنب جي ڪفالت لاءِ رڪشا ڊوزر ڏئي ڇڏيو

شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور ۾ سماجي تنظيم ڊولپمينٽ انسٽيٽيوشنس نيٽورڪ پاڪستان مسلم چيئريٽي يو ڪي جي تعاون سان اڄ ھڪ غريب برسات متاثر گھراڻي جي ڪفالت ڪندي 200 سي سي رڪشا ڊوزر سميع الله بروهي کي ڏئي سندس جي گھر جي گذر سفر ۾ مدد ڪئي ڊولپمينٽ انسٽيٽيوشنس نيٽورڪ پاڪستان جي ايگزيڪٽو ڊاريڪٽر مجاهد ڀٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ گذريل 2022 جي برسات کان وٺي اسان جي آرگنائيزيشن مسلم چيئريٽي يو ڪي جي تعاون سان شڪارپور جي مختلف علائقن ۾ 245 گھر تعمير ڪرائي ڏنا آھن ۽ 40 کان مٿي ننڊڙن دڪاندارن سان گڏ ريڙھي وارن کي بہ روزگار ۾ سپورٽ ڪئي آھي ۽ 320 کان وڌيڪ غريب برسات متاثرن گھراڻن کي ھينڊ پمپ لڳائي ڏنا آھن اسان مسلم چيئريٽي يو ڪي جي تعاون سان اڃان وڌيڪ برسات متاثرن جي مددت واري عمل ۾ ڏينهن رات محنت ڪري رھيا آھيون انهن موقعي تي سماجي تنظيم سپورٽ فائونڊيشن جي چيف ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر صائمه ڀٽو چيو تہ اسان مسلم چيئريٽي يو ڪي جي پوريءَ ٽيم جا ٿورائتا آهيون جنهن دن آرگنائيزيشن سان گڏجي برسات متاثرن جي ڀرپور خدمت ڪري رھيا آھن انھن موقعي تي دن آرگنائيزيشن جي پروگرام ڪوآرڊينيٽر نشاء ڀٽو سينٽر آف ھوپ پاڪستان جي ايگزيڪٽو ڊاريڪٽر سلطان احمد رند ڪميٽي فار رورل ڊيولپمينٽ پروگرام سنڌ جي ايگزيڪٽو ڊاريڪٽر پرويز احمد ابڙو دعا بتول سڌير احمد ڪلھوڙو ۽ علي اصغر ڪلھوڙو پنھنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو تہ 2022 جي برسات کان وٺي ھن ٽائيم تائين دن آرگنائيزيشن مسلم چيئريٽي يو ڪي سان گڏجي جيڪا انسان ذات جي خدمت ڪئي آھي اھا خدمت حقيقت ۾ عبادت آھي ڇو جو وڏئي مان وڏي عبادت انسانيت جي خدمت آھي اسان مسلم چيئريٽي يو ڪي مان اڃان وڌيڪ اميد ڪيون ٿا تہ اھو ائين ئي برسات متاثر غريب ماڻهن جي ھميشه خدمت ڪندا رھندا