English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شوڪت شورو ٻن وڙهيل ملڪن جي جُڙيل سنڌي اديبن وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪيو:مقرر
views
|
25th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
شوڪت حسين شورو جي ڪتاب“پيارا شوڪت” جي مھورت
حيدرآباد (پ ر)”شوڪت شورو ٻن وڙهيل ملڪن جي جُڙيل سنڌي اديبن وچ ۾ پيار جي پُل جو ڪردار ادا ڪيو. هو پنهنجي شخصيت ۾ ماٺيڻو پر لکڻين ۾ زوردار اثر رکندڙ ليکڪ هو. شوڪت شوري جي ڪھاڻين سان گڏ سندس شخصيت جو سحر به اسان تي ڇانيل آهي.“ اهڙن خيالن جو اظھار سارنگا ادبي سوسائٽيءَ پاران شوڪت حسين شوري جي ياد ۾ ٿيل تقريب ۾ سنڌ جي ناميارن اديبن ڪيو. نامياري دانشور جامي چانڊيي صدارتي خطاب ڪندي چيو ته شوڪت شورو مڃيل اديب هئڻ سان گڏ سنڌ جو نمائنده ڪھاڻيڪار هو. اسان جو همعصر ۽ گهڻ پڙهيو شوڪت منفرد وجود رکندڙ سداحيات مرڪ رکندڙ شخص هو. هُو گهڻن حوالن سان ڏکيو شخص به هو، ادب ۾ مخصوص ذوق رکندڙ، سماجي اُٿ ويهه ۾ به مخصوص لاڳاپن وارو هو. هو پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار به لفظن بجاءِ رويي ۾ موڊ جي تبديليءَ سان ڪندو هو. ”ڪتاب پيارا شوڪت“ منفرد نوعيت جو مجموعو آهي. جنهن ۾ هڪ ادبي دور جا منظر ۽ مُرڪندڙ شوڪت جو عڪس جهلڪي ٿو. اهڙا ادبي نڪتا به اٿاريا ويا آهن، جيڪي ادبي تنقيد ۾ اچن ٿا. ڪتاب ۾ادبي لاڙن ۽ شخصي ۽ گروهي اختلافن جو اولڙو به شامل آهي. جامي چانڊيي تنقيدي خطن بابت تفصيلي ويچار ونڊيا. پروفيسر سليم ميمڻ خطاب ۾ چيو ته شوڪت شوري جي خاموشيءَ ۾ سندس اکين جي زبان ڳالهائيندي هئي. برجستگي، همٿ ۽ بيباڪي سندس فطرت ۽ جلت جا اهم موضوع هئا. سندس ڪهاڻيون اُن جي همعصرن کان منفرد آهن، پڙهندڙن کان هُجائتو نظر ايندي، جديديت کي پنهنجي لکڻين ۾ آندو. مخلص، کرو ۽ انسان دوست شخص هو. اسحاق سميجي جي ڪتاب ”گناهه جا گيت“ جو مھاڳ شوڪت شوري جي علمي حيثيت کي نمايان ڪن ٿيون. هند ۾ لڇمڻ ۽ سنڌ ۾ شوڪت شورو اهڙا ليکڪ آهن جيڪي جنهن سان ملندا هئا. اهو ائين سمجهندو هو ته هي منهنجا دوست آهن. نامياري اديب تاج جويي چيو ته، شوڪت شوري جي اڪيلائي توڙي خاموشيءَ ۾ ميلا متل هوندا هئا. هُو مختصر نويس هو، هُن ڪالم ۽ ڪهاڻيون مختصر پر جامع انداز سان لکيڻو شوڪت شورو، مشتاق شورو ۽ ماڻڪ ڪهاڻيءَ ۾ نوان لاڙا ڏنا. اها هڪ ادبي ڌارا هئي، جن نوجوانن جي بيوسي، خودڪلامي، سماجي مسئلن تي لکيو. ۽ ٻيون ڪهاڻيون ”خوف جو موت“، ”رات جو رنگ“. هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ خط نويسيءَ کي ادبي صنف طور متعارف ڪرائڻ وارو محمد ابراهيم جويو آهي. ”پيارا شوڪت“ ڪتاب پڻ ادبي دنيا ۾ اهم جاءِ والاريندو. خط،. آتم ڪٿا کان وڌيڪ سچي تاريخ آهن. هن ڪتاب جو عنوان پڻ خوبصورت ۽ مواد سان ٺهڪي ٿو. هي خط ڇپائي سنڌ ۽ هند جي اديبن وچ ۾ هڪ نئين پُل اڏڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي.ڊاڪٽر تھمينه مفتيءَ ان موقعي تي چيو ته سارنگا پاران ڇپيل هي ڪتا ب ”پيارا شوڪت“ ماضيءَ جي رسالي”آرسي“جيان اهم آهي. شوڪت شوري جو ڪتاب”رات جو رنگ“ ترقي پسند لاڙي ۽ وجوديت جي فلسفي کي اُجاگر ڪري ٿو. ون يونٽ توڙي لساني فسادن واري دور ۾ به شوڪت شوري همٿ سان لکيو. سندس ڊرامي ”باک“ جا ڪردار مشهور ان ڪري به ٿيا جو ان ۾ سنڌ جي اهم مسئلن جي عڪاسي هئي. نامياري صحافي ۽ ليکڪ نياز پنھور چيو ته شوڪت شورو صاحب پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. ڪتاب ”پيارا شوڪت“ ۾ شامل خط عالم ارواح ۾ پهتل سرڳواسي اديبن جا خط آهن. خطن کي جيئن جو تيئن ڇپائي ادبي ذميواريءَ جو مظاهرو ڪيو ويو آهي. خطن جي صنف به الڳ حيثيت رکي ٿي ۽ هي ڪتاب هڪ ادبي کوٽ پوري ڪرڻ جي پهرين وک آهي. سارنگا ادبي سوسائٽيءَ جي سرواڻ ڊاڪٽر اسحاق سميجي خطاب ڪندي چيو ته شوڪت صاحب نهايت ڳُوڙهو ماڻهو هو، خاموشيءَ جو مجسمو هوندي به سندس ايترا مداح ڏسي حيرت ٿيندي آهي. سندس تحريرون اَڻ مٽ آهن، سندس وڇوڙي کانپوءِ سندس گهر جي ڪمري ۾ موجود مواد مان مليل خط مُون ان ڪري سهيڙيا، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ سنڌي ادب جو هڪ شاندار دور ڌڙڪي رهيو آهي، اهي خط وڇڙيل سنڌين وچ ۾ رابطي جي پُل جيان آهن. موهن ڪلپنا، هيري شيوڪاڻيءَ، هري موٽواڻيءَ، لعل پشپ ۽ ٻين اهم اديبن جي خطن ۾ سنڌ جي تڏهوڪي ٽهيءَ جي ليکڪن بابت رايا ۽ اُن وقت ٻنهي پاسن ڇپجندڙ ادب جا عڪاس آهن. ناليواري شاعر علي دوست عاجز خيالن جو اظھار ڪندي چيو ته شوڪت شورو اڪثر خاموش رهندو هو، پر هن جي خاموشيءَ ۾ به طوفان هوندو هو، گهڻ پڙهيو ليکڪ هو. هو ڌيرج جو اهڙو درياهه هو جنھن جو وهڪرو سنڌي ادب جي آبياري ڪري ويو. ڊاڪٽر احسان دانش ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته شوڪت شورو سنڌي ادب جو امر ليکڪ آهي، سندس ڪهاڻيون سنڌي سماج جو اولڙو پيش ڪن ٿيون. هن ڪتاب ”پيارا شوڪت“ تي تبصرو ڪندي چيو ته هي ادبي خط ادبي تاريخ جو هڪ خوبصورت حصو آهن، خطن سان گڏ ڪتاب جو مهاڳ پڻ نهايت عالماڻو آهي. انهن خطن مان سنڌ، سنڌي ادب ۽ سنڌي ثقافت جي اُڪير ۽ محبت بَکي ٿي. شوڪت شورو خاموش رهندهي به سنڌ جو اهڙو آواز آهي، جيڪو صدين تائين گونجندو رهندو. ڊاڪٽرمحمد علي مانجهيءَ چيو ته شوڪت حسين شورو سنڌ جو اهم ترين ليکڪ هو، سندس ڪهاڻيءَ جو اسلوب مختلف هو. سندس ڪهاڻيون سماجي ۽ قومي مسئلن کي به اُجاگر ڪن ٿيون. سندس ڪھاڻين جي ٻولي، ڪردار معياري آهن، نامياري ليکڪ عزيز گوپانگ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ادب ۾ خطن جي اهميت ڪيتري آهي، ان جو مثال ”پيارا شوڪت“ ڪتاب ۾ ملي ٿو. شوڪت شوري کي لکيل هند جي سنڌي اديبن جا خط سندس پُرڪشش شخصيت کي نمايان ڪن ٿيون، انهن خطن ۾ ادبي تنقيد، ادبي لاڙا ۽ رويا، اختلاف، اقرار ۽ پيارَ جهلڪن ٿا. ڊاڪٽر اسحاق سميجي کي جَس هجي جنهن اهڙا اهم خط سهيڙيا. ڊاڪٽر محمود مغل خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪتاب ”پيارا شوڪت“ ۾ ڇپيل 48 خط سدا بهار حيثيت رکن ٿا. اڄ کان ٻه چار ڏهاڪا اڳ خطن جو سلسلو رابطي جو اهم ذريعو هو ۽ خطن جي جواب جو بيچينيءَ سان انتظار رهندو هو. هنن خطن ۾ هند جي اهم اديبن جا منفرد خط شامل ڪيل آهن. پي ٽي وي تي شوڪت شوري جا ڊراما ڌٻڻ، ملڪيت، باک ٻين ڊرامن کان موضوعاتي لحاظ کان به منفرد هئا. هن تقريب ۾ ڪتاب ”پيارا شوڪت“ جو مھورت به ڪيو ويو. پروگرام ۾ اديبن، عالمن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
25th Nov 2024
•
تازہ ترین
راولپنڈی ۔ پی ٹی آئی وفد کی اچانک اڈیالہ جیل آمد ۔ ذرائع
25th Nov 2024
•
پاکستان
سکولوں میں موسم سرما کی تعطیلات کا اعلان
25th Nov 2024
•
تازہ ترین
مظاہرین کے پاس وہ ہتھیار ہیں جو صرف پولیس کے پاس هوتے ہیں: مریم نواز
25th Nov 2024
•
تازہ ترین
عمران خان، بشرہ بی بی، علی امین سمیت متعدد پی ٹی آئی رہنماؤں کے خلاف ایک اور مقدمہ درج
25th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
چولستان جي ريگستان کي آباد ڪرڻ لاءِ نوان ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي کي رد ڪيون ٿا: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
25th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
پنجاب ۽ پختونن جو مڊل ڪلاس ۽ ڪروڙپتي مقابلي جي ميدان ۾ لٿل آھن: اياز لطيف پليجو
25th Nov 2024
•
تازہ ترین
راولپنڈی ۔ پی ٹی آئی وفد کی اچانک اڈیالہ جیل آمد ۔ ذرائع
25th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ محتسب سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر خالد شيخ پاران کلي ڪچهري منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شوڪت شورو
شوڪت حسين شورو
پيارا شوڪت
حيدرآباد
0 تبصرے