English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ميرپورساڪرو ڀرسان ڀائرن ۽ ڀائٽي هٿان قتل ٿيل نوجوان جي گهگهر ۾ جنازي نماز ادا
57 views
|
02nd Dec 2024
•
سنڌي خبرون
ھڪ ايڪڙ زرعي زمين جي تڪرار تان ڀائرن ۽ ڀائٽي ھٿان قتل ٿيل نبي بخش ڪلمتي جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) زمين جي تڪرار تان ڀائرن ۽ ڀائٽي هٿان مارجي ويل نوجوان جي گهگهر ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، ھڪ ڏينھن اڳ گھگھر واسي ٽن جوابدارن ھلان ڪري سڳي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو هو، ڀائرن ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان ھڪ ايڪڙ زرعي زمين جو تڪرار ھلندڙ ھو، تفصيل موجب ميرپور ساڪرو ٿاڻي جي حد ۾ ڀائرن ۽ ڀائٽي ھٿان بيدرديءَ سان قتل ٿيل نبي بخش ڪلمتي جي جنازي نماز ادا ڪئي جنهن ۾ سوين شھرين شرڪت ڪئي،ان سلسلي ۾ چيو وڃي ٿو ته گذريل ڇنڇر واري ڏينهن زميني تڪرار تان گھگھر واسي رمضان ولد تاج محمد پنھجي والد ۽ يوسف سان گڏجي ليٽ اسٽاپ ويجهو ڏرڙ موري تي رھندڙ نبي بخش عرف نبو ڪلمتي کي گھران ٻاهر سڏي حملو ڪري ڏنو حملي ۾ لٺين ڪھاڙين ۽ سرين جا وار ڪري کيس شديد زخمي ڪري فرار ٿي ويا اکين ڏٺن شاهدن موجب حملو ڪندڙن ڳوٺ وارن کي ذاتي مسئلي جو چئي زخمي کي کڻڻ جي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رھيا جنهن سبب پوري علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي ، زخمي شخص کي ڪيترن ئي ڪلاڪن کان پوءِ پوليس پھچي جناح اسپتال منتقل ڪيو جتي زخمن جا سور نه سهندي هو فوت ٿي ويو، جنهن جي جنازي نماز حمر ڳوٺ گھگھر ۾ ادا ڪرڻ بعد سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، ٻئي پاسي واقعي جو اطلاع ملڻ بعد مير پور ساڪرو پوليس ٻن جوابدارن، رمضان ولد تاج محمد ۽ يوسف ولد شفيع محمد کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مرحوم استاد عمردراز مهر، سنڌ ڌرتيءَ سان نينهن نڀائيندڙ علمي ڪردار
12th Jan 2026
•
سندھ
کراچی میں اجتماعی شادی کی تقریب، 75 ہندو جوڑے شادی کے بندھن میں بندھ گئے
12th Jan 2026
•
تازہ ترین
ٹرمپ کا انجام بھی فرعون، نمرود اور رضا شاہ جیسا ہوگا: ایرانی سپریم لیڈر
12th Jan 2026
•
تازہ ترین
صدر کی منظوری کے بغیر آرڈیننس جاری ہونے پر پیپلز پارٹی کا ایوان سے واک آؤٹ، بلاول نے اہم اجلاس طلب کر لیا
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
گهارو ويجهو حادثي ۾ هڪ ڄنو فوت، ٻيو زخمي
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه آسمان تي پهتل
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: ھاليجي ڍنڍ جي ڳوٺ حاجي ميربحر ۾ پورهيت جي گهر کي باهه، الهه تلهه سڙي رک
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
ميرپورساڪرو
0 تبصرے