ٺٽي ۾ جانورن جي پالنا واري کاتي پاران ويڪسين جو عمل تيز

موسم تبديل ٿيڻ ڪري چوپائي مال ۾ وچڙندڙ بيمارين جي پکڙجڻ جو خطرو آهي: عملو

ٺٽي ۾ جانورن جي پالنا واري کاتي پاران ويڪسين جو عمل تيز

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) جانورن جي پالنا کاتي سنڌ جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي ۽ جانورن جي پالنا کاتي ٺٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ اينيمل ھسبينڊري ٺٽو ڊاڪٽر فياض احمد وڳڻ جي خاص ھدايتن تي جانورن جي پالنا کاتي ٺٽي طرفان چوپائي مال کي ويڪسين ڪرڻ توڙي بيمار جانورن جو علاج ڪرڻ وارو عمل تيزي سان جاري آھي، ان سلسلي ۾ جانورن جي پالنا کاتي ٺٽي جي ھڪ ٽيم درگاھ ستيون لڳ ڳوٺ خالو ميربحر ۾ پھچي چوپائي مال کي مختلف بيمارين کان بچاء جي ويڪسين ڪرڻ سميت بيمار جانورن جو علاج ڪري ڀاڳئين کي ھدايت ڪئي تہ ھاڻي موسم تبديل ٿيڻ ڪري چوپائي مال ۾ وچرندڙ بيمارين جي ڦھلجڻ جو انديشو آھي، ان ڪري احتياط ڪري پنھنجي چوپائي مال کي سردي کان محفوظ بڻائي چوپائي مال واري جڳھين کي صاف سٿرو رکي صفائي جو خاص خيال رکن. ھنن چيو تہ چوپائي مال کي ويڪسين توڙي بيمار جانورن جو علاج جانورن جي پالنا کاتي سنڌ جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي ۽ دپٽي ڊائريڪٽر ٺٽو ڊاڪٽر فياض احمد وڳڻ ھي ڏنل خاص ھدايتن تي ڪيو پيو وڃي، ڀاڳئين کي گھرجي تہ ھو چوپائي مال کي ويڪسين توڙي علاج ڪرائڻ لاء ساڻن رابطو ڪن. جيئن سندن جانورن جو بھتر علاج ڪري سگھجي.