English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي، سيد غفور شاھ تقوي، راشد لکمير، مجيب سنڌي ۽ ٻين شاعري پيش ڪئي
128 views
|
30th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
گڏجاڻي رابطا سيڪريٽري نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي ملير جي هڪ سر سبز باغ ۾ ڪراچي جي رابطا سيڪريٽري نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنھن ۾ سيد غفور شاھ تقوي غزل، راشد لکمير غزل، مجيب سنڌي نظم، سڪندر سرواڻ غزل ۽ اصغر مهرائي غزل پيش ڪيو، جڏهن ته اديب الرحمان ڪورائي، رستم جوکيو، وحيد لاشاري، اقبال احمد، ۽ سليم اسحاق شرڪت ڪئي، ان موقعي تي صدارتي راءِ ڏيندي راشد لکمير چيو ته سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير سڄي سنڌ ۾ مثالي شاخ آهي، جنهن تمام سهڻا سرجڻھار پيدا ڪيا آهن، ملير شاخ ۾ هر ڀيري نئون ماحول ملي ٿو، ملير جي سرسبز ماحول ۾ پروگرام ۽ گڏجاڻيون ڪري نواڻ آندي آهي ۽ سنڌي ادب کي سائو ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي ۾ ملير شاخ جا دوست ادبي ڪمن ۾ سڀ کان وڌيڪ سرگرم آهن، اصغر مهرائي محنتي سيڪريٽري ۽سٺو مهمان نواز به آهي جنهن بهترين پروگرام ڪرايا آهن. راشد لکمير چيو ته تنقيد هڪ پاڪ عمل آهي، پر هڪ تخليق تي اصولن ۽ ضابطن تحت تنقيد ڪرڻ گهرجي، اڄڪلھ نوجوان سٺو ادب لکي رهيا آهن، اسان وٽ ڪيترائي مثالي تخليقڪار ٿي گذريا آهن ۽ اڳتي به سٺا تخليقڪار پيدا ٿيندا رهندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري
0 تبصرے