English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي، سيد غفور شاھ تقوي، راشد لکمير، مجيب سنڌي ۽ ٻين شاعري پيش ڪئي
263 views
|
30th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
گڏجاڻي رابطا سيڪريٽري نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي ملير جي هڪ سر سبز باغ ۾ ڪراچي جي رابطا سيڪريٽري نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنھن ۾ سيد غفور شاھ تقوي غزل، راشد لکمير غزل، مجيب سنڌي نظم، سڪندر سرواڻ غزل ۽ اصغر مهرائي غزل پيش ڪيو، جڏهن ته اديب الرحمان ڪورائي، رستم جوکيو، وحيد لاشاري، اقبال احمد، ۽ سليم اسحاق شرڪت ڪئي، ان موقعي تي صدارتي راءِ ڏيندي راشد لکمير چيو ته سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير سڄي سنڌ ۾ مثالي شاخ آهي، جنهن تمام سهڻا سرجڻھار پيدا ڪيا آهن، ملير شاخ ۾ هر ڀيري نئون ماحول ملي ٿو، ملير جي سرسبز ماحول ۾ پروگرام ۽ گڏجاڻيون ڪري نواڻ آندي آهي ۽ سنڌي ادب کي سائو ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي ۾ ملير شاخ جا دوست ادبي ڪمن ۾ سڀ کان وڌيڪ سرگرم آهن، اصغر مهرائي محنتي سيڪريٽري ۽سٺو مهمان نواز به آهي جنهن بهترين پروگرام ڪرايا آهن. راشد لکمير چيو ته تنقيد هڪ پاڪ عمل آهي، پر هڪ تخليق تي اصولن ۽ ضابطن تحت تنقيد ڪرڻ گهرجي، اڄڪلھ نوجوان سٺو ادب لکي رهيا آهن، اسان وٽ ڪيترائي مثالي تخليقڪار ٿي گذريا آهن ۽ اڳتي به سٺا تخليقڪار پيدا ٿيندا رهندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري
0 تبصرے