حيدرآباد ۾ درياهه بچايو ڪميٽي جو نون ڪئنالن خلاف جلسو، لکين ماڻهو شريڪ، نوان ڪئنال منصوبو رد

جلسي ۾ جي ڊي اي جي مقامي اڳواڻن جي به شرڪت، عورتون به وڏي انگ ۾ شريڪ

حيدرآباد ۾ درياهه بچايو ڪميٽي جو نون ڪئنالن خلاف جلسو، لکين ماڻهو شريڪ، نوان ڪئنال منصوبو رد

حيدرآباد:سنڌو درياهه بچايو ڪميٽي پاران سنڌو درياهه تي چولستان سميت 6 ڪئنالن جي اڏاوت خلاف حيدرآباد ۾ جلسو منعقد، جي ڊي اي جي مقامي اڳواڻن جي به شرڪت، عورتون به وڏي انگ ۾ شريڪ، جلسي ۾ شرڪت لاءِ سنڌو بچايو ڪميٽي جي ڪنوينر ۽ ايس يو پي سربراهه زين شاهه جي اڳواڻي ۾ ريلي، ريلي سڪرنڊ کان نڪتي جيڪا آمري پل، سن، مانجهند، منظور آباد ۽ ڄامشورو کان ٿي قاسم آباد پهتي

قاسم آباد ۾ ريلي ۾ شامل ماڻهن سيد زين شاهه ۽ اياز پليجو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مارچ به ڪيو جلسي شامل ماڻهن سنڌو درياهه تي ڪئنالن جي اڏاوت واري عمل کي رد ڪري ڇڏيو، سخت نعريبازي

جلسي کي سيد زين شاهه، اياز لطيف پليجو، عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ لال شاهه ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه تي چولستان سميت 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو عمل ملڪ لاءِ هاڃيڪار به ٿي سگهي ٿو، حڪمران پنهنجي هوڏ تان لهي وڃن ۽ سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏيڻ واري عمل کي يقيني بنائين. 1975ع ۾ سنڌ جا ماڻهو درياهه جا 70 سيڪڙو مالڪ هئا پر 1991ع ٺاهه کانپوءِ کين 40 سيڪڙو درياهه جا مالڪ ٺاهيو ويو

اسان هن فيڊريشن ۾ خودمختياري، پنهنجي وسيلن ۽ زمين تي مالڪي جي حق لاءِ شامل ٿيا هئاسين پر سنڌين سان ويساهه گهاتيون ڪيون ويون ۽ اهو سلسلو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي، ويسا گهاتين ۾ پيپلزپارٽي برابر جي شريڪ آهي، چولستان رڳو هڪ ڪئنال نه آهي پر ان جا مختلف فيز آهن، گريٽر ٿل ڪئنال کي سنڌ رد ڪيو هو،

هاڻي وري فيز ٽو شروع ڪيو پيو وڃي. ايس آءِ ايف سي ون يونٽ جو هڪ نئون نالو آهي، ايس آءِ ايف سي وارو ڪارنامو به پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جو گڏيل ڪارنامو آهي.

سنڌ جا ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز به سنڌ سان گڏ ٿي بيهن، وڏيون آباديون ۽ تهذيبون دريائن جي ڪري ٺهنديون آهن. تهذيبن جي ارتڪا سدائين دريائن جي ڪناري سان ٿي آهي. سنڌ جي پروگريسو، ترقي پسند ۽ قومپرست ڌرين سان تعلق رکندڙ سمورن ماڻهن کي گڏجي اثرائتي جدوجهد ڪرڻي پوندي

سنڌ سان تعلق رکندڙ اسيمبلي ميمبرن کي ڪئنالن واري مسئلي تي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي، جيڪڏهن انهن اسيمبلي ميمبرن ائين نه ڪيو ته تاريخ کين سٺن لفظن سان ياد نه ڪندي: پليجو سنڌو درياهه خاطر سنڌ جي چپي چپي تي مزاحمت ٿيندي، سنڌ کي ڀت سان نه لڳايو وڃي، جلسي کي ايس يو پي اڳواڻ جڳديش آهوجا، روشن ٻرڙو، امير آزاد پنهور، جي يو آءِ اڳواڻ مولانا تاج محمد ناهيون، فنڪشنل ليگ اڳواڻ رفيق مگسي، جماعت اسلامي جي اڳواڻ طاهر مجيد ۽ ٻين به خطاب ڪيو