آءِ جي صاحب، سنڌ پوليس پنهنجي شاندار ماضي ۽ وقار سان سڃاتي ويندي هئي پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هاڻوڪي سنڌ پوليس جو ڪردار انهيءَ شان کان پري ٿي چڪو آهي. عوام جي خدمتگار هجڻ بدران پوليس اڄڪلهه بااثر طبقن جي طرفداري ڪرڻ ۾ وڌيڪ مشهور ٿي وئي آهي، جنهن ڪري عوام ۾ پوليس جو اعتماد مجروح ٿي رهيو آهي.
ڪچي ۽ پڪي جو فرق ظاهر ۾ فقط لفظن جو آهي پر اصل ۾ تاثر اهو آهي ته ٻنهي جو مقصد هڪ ئي آهي – ڪچي ۾ ڏوهاري ڏوهن جا مرڪز قائم ڪن ٿا، ۽ پڪي ۾ پوليس انهن ڏوهارين جي حفاظت ۽ سرپرستي ڪندي نظر اچي ٿي.
اڄ پوليس جو اهو ڪردار عوام جي اڳيان سواليه نشان بڻجي ويو آهي، جتي غريب لاءِ پوليس جو رويو سخت آهي ۽ بااثر لاءِ نرم. جنهنڪري سنڌ جي عوام کي اهو محسوس ٿئي ٿو ته پوليس عوام جي محافظ هجڻ بجاءِ طاقتور طبقن جي خدمتگار بڻجي وئي آهي.
هڪ تاثر اهو به عام آهي ته منشيات ۽ ٻين سماجي براين جي اڏن جي هلڻ ۾ پوليس جي ملوث هجڻ کان وٺي، جعلي ايف آئي آرز داخل ڪرڻ ۽ انتقامي ڪارواين تائين، پوليس تي معاشري ۾ غير جانبدار نه هجڻ جا ڪيترائي الزام آهن.
اڳوڻي ايڊيشنل آءِ جي غلام قادر ٿيٻو جو حيدرآباد ۾ مقرري دوران لکيل خط، جنهن ۾ پوليس جي اندروني خرابين جي نشاندهي ڪئي وئي هئي، اڄ به هڪ اهم سوال طور باقي آهي.
ميمڻ صاحب!
اڄ اوهان تي هڪ تاريخي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته توهان سنڌ پوليس کي پنهنجي اصل مقصد – عوام جي خدمت ۽ تحفظ تي آڻيو. جيڪڏهن هن تاثر کي ختم نه ڪيو ويو ته پوليس عوام جي محافظ آهي ۽ نه ڪنهن بااثر جي خدمتگار، ته پوءِ سنڌ جي عوام جو پوليس تي اعتماد مڪمل طور تي ختم ٿي ويندو، ۽ تاريخ اوهان کي ڪڏهن معاف نه ڪندي.
اسين پُراميد آهيون ته اوهان بنا ڪنهن دٻاءَ ۽ سياسي مداخلت جي پوليس کي انهن خامين کان پاڪ ڪندا ۽ ان کي هڪ اهڙي فورس بڻائيندا جيڪا حقيقي معنيٰ ۾ عوام جي خدمتگار ۽ محافظ هجي، ۽ سنڌ پوليس جو شان ۽ وقار هڪ مثالي مستقبل ۾ تبديل ٿئي.
0 تبصرے