گرفتار ٿيلن ۾ محمد سليمان لوڊو، قاسم ميمڻ، تعميز چانڊيو ۽ ٻيا شامل
سجاول (رپورٽر)ضلع سجاول پوليس جون چيگينگ دوران گھٽڪا فروشن خلاف سخت ڪاروايون. 9 ڏوهاري گرفتار 8170گهٽڪا ۽ 100ڪلو گرام گھٽڪو سوپاري ۽ هڪڙي ڪيا اسپورٽيج گاڏي نمبر bk 6145 هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب. انچارج سي ائي اي ۽ ايس ايڇ او لاڏيون چيڪينگ دوران گڏيل ڪاروائي ڪندي گھٽڪو مٽيريل ۽ گھٽڪو سپلائي ڪندڙ ڏوهاري محمد سليمان لوڊو کي هڪ اسپورٽيج گاڏي سميت تحويل ۾ وٺي گاڏي جي تلاشي دوران 100 ڪلو گرام گھٽڪو سوپاري ۽ 2000 گھٽڪا هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او بٺورو آفتاب احمد جاگيراڻي چيڪينگ دوران ڪاروائي ڪندي گھٽڪا فروش ڏوهاري قاسم ميمڻ کي 880 گھٽڪن سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او بٺورو ٻي ڪاروائي ڪندي گھٽڪا فروش ڏوهاري تعميز چانڊيو کي 850 گھٽڪن سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او چوهڙ جمالي صفدر علي سولنگي چيڪينگ دوران ڪاروائي ڪندي گھٽڪا فروش ظهير احمد ڪنڀار کي 1200 گھٽڪن سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او جھوڪ حامد علي اوٺو چيڪينگ دوران ڪامياب ڪاروائي ڪندي گھٽڪا فروش ڏوهاري معشوق چانڊيو کي 610 گھٽڪن سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او سجاول مير محمد گاڏهي چيڪينگ دوران ڪاروائي ڪندي گھٽڪا فروش ڏوهاري نياز ميمڻ کي 1020 گھٽڪن سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او سجاول جي ٻي ڪامياب ڪارروائي گھٽڪا فروش ڏوهاري محمد صديق شر کي 910 گھٽڪن سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او جاتي عبدالحفيظ سومروچيڪينگ دوران گھٽڪا فروش ڏوهاري سالو نائيڪ کي 300 گھٽڪن سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او ٻنون غلام مصطفي عطار چيڪينگ دوران گھٽڪا فروش ڏوهاري عبدالرزاق سمون کي 400 گھٽڪن سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو
0 تبصرے