English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ ٻارن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان آگاهي ريلي ڪڍي وئي
187 views
|
20th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
عوام ۾ شعور اجاگر ڪري پنهنجي مستقبل جي معمارن جي بهتر تعليم ۽ تربيت لاءِ شعور پيدا ڪرڻو پوندو: لياقت علي لنڊ
نوشهرو فيروز (ڊر)ضلعي انتظاميا نوشهروفيروز ۽ سوشل ويلفيئر کاتي پاران ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر لياقت علي لنڊ جي اڳواڻي ۾ ٻارن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان هڪ آگاهي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر ارباب علي اڄڻ، پرنسپال گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوشهروفيروز محمد افضل ميمڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن غلام عباس ڳوراهو ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن، سماجي تنظيمن جي نمائندن سميت مختلف اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا جن تي ٻارن جي حقن ۽ تعليم جي تحفظ بابت نعرا لکيل هئا. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر لياقت علي لنڊ چيو ته ٻارن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان کي گهرجي ته عوام ۾ شعور اجاگر ڪري پنهنجي مستقبل جي معمارن جي بهتر تعليم ۽ تربيت جي لاءِ شعور پيدا ڪيون ته جيئن اهڙو ماحول پيدا ڪري سگهجي، جتي ٻارن کي محفوظ بڻائي سگهجي. هر ٻار محفوظ، معزز ۽ بااختيار ھجي سنڌ حڪومت پاران ٻارن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ پڻ قائم ڪيا ويا آهن، ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر نوشهروفيروز ارباب علي اڄڻ چيو ته هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ٻارن جي تحفظ جو عزم آهي اسان سڀني کي پنهنجي ۽ علائقي جي سڀني ٻارن جي حقن ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
لياقت علي لنڊ
نوشهرو فيروز
0 تبصرے