سجاول شهر جي قديمي جامع مسجد سونهن وڃائڻ لڳي

تاريخي جامع مسجد 103 سال اڳ سيد عبدالرحيم شاھ ٺھرائي ھئي

سجاول شهر جي قديمي جامع مسجد سونهن وڃائڻ لڳي

سجاول(رپورٽر)سجاول شھر جي قديمي ۽ تاريخي جامع مسجد اوقاف کاتي ۽ سنڌ گورنمنٽ جي عدم دلچسپي جي ڪري پنھنجي سونھن وڃائي رهي آهي. جامع مسجد جا ٺھيل منارا جڳھ جڳھ تان ٽٽي وڃڻ ڪري ڪرڻ جو انديشو آهي اوقاف کاتي کي گھرجي ته جامع مسجد جي مناري کي بچائڻ لاء جوڳا اپاء وٺي. تفصيل موجب. سجاول شھر ۾ قديمي ۽ تاريخي جامع مسجد جيڪا 103 سال پھرين بخاري سيدن جي بزرگ سيد عبدالرحيم شاھ ٺھرائي ھئي ۽ کيس ڪوبه اولاد نه هو جنھن ڪري هن پنھنجي سموري ملڪيت مسجد جي لاء وقف ڪري ڇڏي سندس ملڪيت ۾ هزارين ايڪڙ زمين ۽ سوين دڪان شامل آهن. انھن سڀني جي آمدني مسجد تي خرچ ٿيندي هئي. جڏهن حڪومت طرفان اوقاف کاتو قائم ڪيو ويو ته اهي سڀ زمينون ۽ دڪان اوقاف کاتي پنھنجي هٿ ۾ وٺي ڇڏيا ان کان پوء هن مسجد تي اقاف کاتي طرفان هڪ روپيو به خرچ نه ڪيو ويو آهي. سجاول جي شھرين جو چوڻ آهي ته اوقاف کاتو درگاهن تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ٿو پر مسجد الله جي گھر جي لاء اوقاف کاتي وٽ پئسا ناھن انھن وڌيڪ چيو ته هن وقت اوقاف کاتي جو هينئر جو وزير پنھنجي ضلع جو آهي اسين ان کان مطالبو ٿا ڪريون ته خدارا سجاول شھر جي سڃاڻپ قديمي جامع مسجد جي بچاء لاء جوڳا اپاء وٺي ۽ هن جي مرمت جلد کان جلد ڪرائي وڃي ته جينئن ڪو جاني نقصان ٿيڻ کان بچي وڃي