عوامي تحريڪ جي اڳواڻن پاران ڪراچي جي مختلف علائقن جا دورا

گڏاپ ۽ ٻين علائقن جي دوري دوران 17نومبر ڪراچي ريلي جي دعوت ڏني وئي

عوامي تحريڪ جي اڳواڻن پاران ڪراچي جي مختلف علائقن جا دورا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)گڏاپ سميت ڪراچي جي مختلف ڳوٺن ۾عوامي تحريڪ اڳواڻن جا دورا ريلي ۾ شرڪت جي دعوت. 17 نومبر 2024 تي ريگل چوڪ ڪراچي ۾ عوامي تحريڪ پاران ريلي ڪڍي ويندي. عوامي تحريڪ مرڪزي ڪميٽي جي ميمبر نور نبي پليجو ۽ ٻين دانش ميگھواڙ امبر اوڍاڻو، پپو ميگھواڙ، فاضل ڏاھري نھيال چند پرمار جن گڏاپ جي علائقي لاسي ڳوٺ ۾ ھمير هائوس تي پهچي مينگهواڙ برادري معزز شخصيت سائين همير سان ملاقات ڪري ريلي ۾ شرڪت جو دعوت نامو ڏنو۔ ان موقعي تي مينگهواڙ برادري پاران ڀرپور طريقي سان شرڪت جي يقين دهاني ڪرائي وئي ، ان دوران خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نورنبي پليجو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه تي ڪو به ڪينال قبول ناهي . پنجاب جا حڪمران گذريل ڏيڍ سئو سالن کان سنڌ جي حصي جو پاڻي ڦٻائي رهيا آهن، سنڌ جو 90 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي پنجاب جا حڪمران چوري ڪري رهيا آهن. ٻوڏن لاءِ ٺاهيل پنجاب جا ڌاڙيل واهه ۽ ڪينال ٻارهوئي وهي رهيا آهن، مٿان وري 6 نوان ڪينال ڪڍي سنڌ جو پاڻي مڪمل طور بند ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته پيپلز پارٽي سرڪار جي سرپرستي ۾ سنڌ اندر اغوا انڊسٽري قائم ڪئي وئي آهي. پيپلز پارٽي سرڪار ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪري عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت واري آئيني ذميواري تان ڦري وئي آهي.