ملير ۾ سنڌ عوامي سٿ جي مرڪزي دستوري گڏجاڻي ٿي گذري

دستوري گڏجاڻي جي صدارت مرڪزي چيئرمين مهر ڊٻائي ڪئي

ملير ۾ سنڌ عوامي سٿ جي مرڪزي دستوري گڏجاڻي ٿي گذري

ملير (رپورٽ : عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ عوامي سٿ جي مرڪزي دستوري گڏجاڻي سٿ جي مرڪزي چيئرمين مھر ڊٻائي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ مرڪزي جنرل سيڪريٽري احسان جمالي، وائس چئرمين رياض کيمٽيو پريس ۽ انفارميشن سيڪريٽري محبوب رند جڏهن ته ميٽنگ ۾ آن لائن مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري نورنبي ٻگھيو ۽ خزانچي ڊاڪٽر صدورو ناز ڪيريو شرڪت ڪئي ۽ مبصر طور عبدالصمد گبول به شريڪ هو، گڏجاڻي ۾ طئي ڪيوويو ته سموري سنڌجو تنظيمي دورو ڪيو ويندو جنهن جي شروعات دادو ضلعي کان ڪئي ويندي هلندڙ مهيني 22 23 ۽ 24 نومبر 2024 تي دادو ضلعي جي جنرل ميٽنگ ڪوٺائي ويندي جنهن ۾ ضلع باڊي جوڙي تنظيم کي فعال ڪيو ويندو ان دوران ڳوٺاڻي ڪچھرين جو پڻ اهتمام ڪيو ويندو جنهن ۾ سنڌو تي غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ متعلق عوام کي آگاهي ڏيڻ ۽ ان جي نقصان متعلق ڄاڻ به ڏني ويندي جيئن سنڌ جو عوام پنهنجو درياهه بچائڻ لاء متحد ٿي آواز اٿارين گڏجاڻي ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته سموري سنڌ ۾ وڌ ۾ وڌ ميمبر سازي ڪري تنظيم کي سگهاروڪيو وڃي.