بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي جي واقعن توڙي سيڪورٽي ادارن مٿان ٿيندڙ حملن حڪومت جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته حڪمرانن جي انتقامي ۽ ناانصافي تي ٻڌل پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ سياسي عدم استحڪام وڌي رهيو آهي، پورو ملڪ بدامني ۽ سنڌ ڌاڙيل راڄ جي وَر چڙهيل جڏهن ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي جي واقعن توڙي سيڪورٽي ادارن مٿان ٿيندڙ حملن حڪومت جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي، موجوده حڪومت امن امان جي بحالي توڙي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي چڪي، رڳو سياري ۾ نه بلڪه آءِ پي پيز سان ڪيل ظالماڻا معاهدا ختم ڪري عوام کي مستقل بنيادن تي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قباء آڊيٽوريم ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي صوبائي شورى جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جي نئين تنظيم سازي جو اعلان پڻ ڪيو ويو جنهن مطابق محمد يوسف کي جنرل سيڪريٽري جڏهن ته پروفيسر نظام الدين ميمڻ، حافظ نصرالله چنا، منعم ظفر ۽ افضال احمد آرائين کي جماعت اسلامي سنڌ جو نائب امير مقرر ڪيو ويو. صوبائي امير ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته سنڌ باب الاسلام آهي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ۽ گيس، پيٽرول سميت اين ايف سي ايوارڊ ۾ جائز حصو نه ملڻ تي خاموش ڪونه ويهنداسين، اسٽيبلشمينٽ ۽ سيڪورٽي ادارا سياست ۾ مداخلت ڪرڻ بدران پنهنجي اصل ڪم تي ڌيان ڏين ته جيئن ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جي پاڙ پٽڻ ۾ سولائي ٿي سگهي. فارم 47ذريعي اقتدار تي قبضو ڪندڙ جعلي حڪمران 26هين آئيني ترميم ذريعي اعلى عدالتن مٿان راتاهو هڻي عوام جي آخري اُميد سپريم ڪورٽ کي پنهنجي گهر جي ٻانهي بڻائڻ جي سازش رٿي، پارليامينٽ جي بالادستي جي نالي تي ٿيندڙ قانون سازي جو مقصد فقط پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. پيپلزپارٽي هڪ پاسي سنڌ اسيمبلي مان سنڌو مٿان اڏجندڙ ڪينالن خلاف قرارداد پاس ته ٻي پاسي صدر آصف علي زرداري ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏني جنهن مان سندن ٻٽي پاليسي صاف ظاهر آهي، سنڌ جون زرعي زمينون عسڪري ادارن حوالي ڪرڻ ۽ سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙو هرگز قبول ناهي، جماعت اسلامي سنڌ جي سڀني ديني توڙي سياسي پارٽين ۽ ساڃاه وندن سان گڏجي سنڌ جي وسيلن ۽ پاڻي خلاف ٿيندڙ سازشن خلاف ڀرپور جدوجهد ڪندي اجلاس ۾ سموري سنڌ جا ضلعي عھديدار ۽ برادر تنظيمن جا صوبائي صدر پڻ شريڪ ھئا. بزرڳ اڳواڻ مولانا اسدالله ڀٽو مرحومين جي مغفرت بيمارن جي صحتيابي ۽ نون چونڊيل عھديدارن جي لاءِ استقامت لاءِ خصوصي دعا ڪرائي.#
0 تبصرے