English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قائداعظم بين الصوبائي گيمز 2024 لاءِ سنڌ صوبي جي ٽرائلز ۾ شڪارپور جا سڀئي رانديگر سليڪٽ
67 views
|
11th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
تقريب ۾ 22 سالن کان گهٽ عمر جي ويٽ لفٽنگ ٽيم شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي
شڪارپور (اسپورٽس نيوز)قائداعظم بين الصوبائي گيمز 2024 لاءِ سنڌ صوبي جي ٽرائلز ۾ شڪارپور جا سڀئي رانديگر ڪاميابي سان سليڪٽ ٿي ويا. پاڪستان جي نمايان مقابلي، قائداعظم بين الصوبائي گيمز جي تقريب ۾ ۾، 22 سالن کان گهٽ عمر جي ويٽ لفٽنگ ٽيم شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. تقريب جا مهمانِ خاص: محترم عبدالعليم لاشاري صاحب (سيڪريٽري اسپورٽس اينڊ يوتھ افيئرز گورنمينٽ آف سنڌ) ۽ اعزازي مهمان احمد علي راجپوت، سيڪريٽري سنڌ اولمپڪس ايسوسيئيشن سنڌ هئا. ٽرائلز مقابلن جو اهتمام ڪراچي جي نسيم حميد اڪيڊمي ۾ ڪيو ويو، جتي ويٽ لفٽنگ جي اوپن ٽرائلز جو انعقاد ٿيو. شڪارپور جي ٽيم جا باصلاحيت پنج 5 نوجوان رانديگر اسرا علي سومرو، فيصل علي ڀٽو، محمد حسنين ڀٽو، مبين احمد زين ھڪڙو ۽ شير علي ھڪڙو شاندار شرڪت ڪري سنڌ ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪري قومي راند لاء سليڪٽ ٿيا. انهن سان گڏ لاڙڪاڻي ضلعي جا ٻه نوجوان رانديگر نور احمد ٽڳڙ ۽ سهيل احمد بروهي به پاڪستان جي قومي ٽيم لاءِ منتخب ٿيا. هي نوجوان رانديگر پنهنجي ضلعي ۽ سنڌ صوبي جو نالو روشن ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ ميدان ۾ لهڻ لاءِ تيار آهن. شڪارپور جي تجربيڪار ٽيڪنيڪل ڪوچ، استاد عبدالوهاب ڪاغذي، پنهنجي محنت ۽ لڳن سان انهن نوجوان رانديگرن کي بهترين تربيت فراهم ڪري رهيا آهن. انهن جي رهنمائي ۾، هي رانديگر قومي سطح تي نمايان ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ سنڌ لاءِ فخر بڻجڻ جي اميد رکن ٿا. سنڌ ويٽ لفٽنگ ٽرائلز ۾ ڪاميابي کانپوءِ، انهن نوجوانن جو عزم آهي ته قائداعظم بين الصوبائي گيمز ۾ پاڪستان جو جهنڊو بلند ڪندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
سنڌ صوبي
0 تبصرے