شڪارپور جي يوسي محمودا باغ ۾ ضمني چونڊ ٿي گذري

ڊي آر او الطاف احمد چاچڙ ۽ ٻين پولنگ اسٽيشنن جا دورا ڪيا

شڪارپور جي يوسي محمودا باغ ۾ ضمني چونڊ ٿي گذري

شڪارپور ( احسان ابڙو )شڪارپور جي يونين ڪائونسل محمودا باغ ۾ ضمني چونڊ ۽ سموري يونين ڪائونسل حساس قرار، تفصيل موجب : شڪارپور جي يونين ڪائونسل محموده باغ تي ضمني چونڊ ۽ سموري يوسي حساس قرار۔ ڊي آر او/ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ، آر او / اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور محمد فيضان چيما، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر سيد عامر شاه، ڊي آءِ بي انچارج سيد شاهجهان شاه ۽ ڊي ايس پي خانپور پڻ اليڪشن دوران پولنگ اسٽيشنن تي پڻ دورا ڪيا۔ ان موقعي تي ڊي آر او/ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ ڳالھائيندي چيو ته شڪارپور جي يونين ڪائونسل محمودا باغ ۾ هي ضمني چونڊ شفاف نموني ٿي ۔ هتي هن يوسي ۾ 4 پولنگ اسٽيشنون آھن۔ هنن پولنگ اسٽيشنن تي 6903 ووٽ داخل هئا۔ هن چيو ته پولنگ عملو ۽ سڪيورٽي لاءِ 50 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا هن چيو ته پ پ پ پاران اليڪشن اميدوار سجاد احمد سومرو ۽ جي يو آءِ اميدوار اسدالله سومرو ۾ پڻ مقابلو ٿي گذريو۔ هن چيو ته اليڪشن جو عمل صاف شفاف ٿي گذريو،