حيدرآباد(بيورو) حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي جي 56ھين سالگره تقريب پريس ڪلب ۾ ملھائي ڪيڪ ڪاٽيو ويو. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي فنانس سيڪريٽري شوڪت تنيو طرفان ڪوٺايل سالگرھ پروگرام ۾ اياز لطيف پليجو، مظھر راھوجو، سينيئر صحافي نعمت کھڙو، فنڪاره ديبا سحر، قومي عوامي تحريڪ جو ميڊيا سيڪريٽري اشرف پليجو، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي، ھاري تحريڪ جو آرگنائيزر ڪرڙ ريٻاري، انور نوحاڻي، الطاف خاصخيلي، ايڊووڪيٽ مير کوسو، زاھد ٻٻر، ممتاز شيخ سميت اديب، شاعر ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. پروگرام ۾ شريڪ مھمانن اياز لطيف پليجي کي اجرڪن، لنگين ۽ گلدستن جا تحفا پيش ڪيا.
اياز لطيف پليجو جي شخصيت تي ڳالھائيندي اڳواڻن چيو ته اياز لطيف پليجو سنڌ جو واحد اڳواڻ آھي جنھن دنيا اڳيان سنڌ جو ڪيس انگن اکرن سان پيش ڪيو آھي. اياز لطيف پليجو وٽ جدوجھد جو آرٽ آھي. ھن وٽ سنڌ، قوم ۽ مظلوم عوام لاءِ بي مثال دليل آھن. اياز لطيف پليجي عالمي فورمن سميت ملڪ جي ھر فورم تي سنڌ دشمن سازشن کي بينقاب ڪري سنڌ ڪيس ڪاميابي سان پيش ڪيو آھي.
سالگرھ تقريب کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ جي نوجوانن جي اميدن جو قتل ڪيو آھي. ڪرپٽ حڪمراني سنڌ جي ماڻھن کي ذھني طور بيوس، لاچار، مايوس ڪري ماري رھي آھي. ميرٽ جو قتل ڪري نوڪريون ۽ ڊگريون وڪرو ڪيون پيون وڃن. چولستان ۾ 6 ڪئنال ڪڍيا ويا ته سنڌ جو پاڻي بند ٿي ويندو. شاھ لطيف، سچل، قلندر، شيخ اياز ۽ استاد بخاري جي سنڌ کي بنجر بڻايو پيو وڃي.
اياز لطيف پليجي چيو ته چار سئو ڪلوميٽر ڊگھي سامونڊي پٽي واري سنڌ بيروزگاري ۾ تڙپي رھي آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ کي جوڙڻ جي ضرورت آھي. لطيف جو فڪر ماڻھن کي جوڙڻ جو درس ڏئي ٿو. سنڌ ۽ ملڪ جا شاگرد مغرب جي جدت، رواداري ۽ شفافيت مان سبق حاصل ڪن. نوجوان ۽ شاگرد جيو ۽ جيئن ڏيو جي اصولن تي عمل ڪرڻ سکن. اياز لطيف پليجي چيو ته سائنس، تحقيق، ادب ۽ ثقافت کانسواءِ قومون کوکليون ٿي وينديون آھن. استادن، انجنيئرن ۽ ڊاڪٽرن کي جديد تحقيق سان ھم آھنگ ٿيڻو پوندو.
اسان کي شاھ لطيف، سچل، بلي شاھ ۽ فريد جي پيغام تي عمل ڪرڻو پوندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي کي 70 کان وٺي 2024 تائين بار بار اقتدار ملڻ کانپوءِ بہ سنڌ کي ترقي وٺرائڻ بدران سنڌ سان دشمنن وارو حشر ڪري سنڌي ماڻهن کي لاوارث بڻائي فقير پينو بڻائي ڇڏيو آهي، پيپلزپارٽي نٿي چاهي تہ قدرتي وسيلن سان مالا مال سنڌ جا ماڻهو خوشحال ھجن. دنيا ۾ اليڪشن ڪارڪردگي جي بنياد تي وڙھي ويندي آھي پر سنڌ ۾ عوام جي راءِ تي ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا. نتيجا تبديل ڪري عوام دشمن ۽ ڪرپٽ ماڻهن کي اقتدار تي قابض ڪيو وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي سدائين اٽي، لٽي ۽ اجھي جا ڪوڙا نعرا ھڻي سنڌ جا وسيلا وڪڻي ڇڏيا ۽ سنڌي ماڻھن کي پنھنجي وطن ۾ بي وطن ڪيو.
ڊجيٽل آدمشماري جي نالي ۾ سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪرپشن جو راڄ قائم ڪري ھر کاتي جي ڪارڪردگي عوام دشمن بنائي ڇڏي. ھاڻ درياھ تي ڌاڙو ھڻي 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ کان جيئڻ جو حق کسيو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته دنيا محنت ۽ ميرٽ وارن جي آھي.
0 تبصرے