موسمياتي تبديلي دنيا جو اهڙو مسئلو بڻجي چڪو آهي، جنهن جا اثر هر ملڪ هر خطي ۽ هر سماج تي پيا آهن. هي تبديليون نه رڳو موسم ۾ تيزي سان ڦيرڦار آڻي رهيون آهن پر خاص ڪري زراعت ۽ معيشت کي بُري طرح متاثر ڪري رهيون آهن. ايشيا پيسفڪ ڪلائميٽ رپورٽ ۾ جيڪي انڪشاف سامهون آيا آهن، انهن پاڪستان لاءِ انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال کي اُجاگر ڪيو آهي. رپورٽ موجب موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار (GDP) ۾ 21 سيڪڙو تائين گهٽتائي اچي سگهي ٿي. اهو انگ پاڪستان جي معيشت تي لڳندڙ وڏو ڌڪ ثابت ٿي سگهي ٿو، خاص ڪري جڏهن ملڪ پهريان ئي مهانگائي ۽ بيروزگاري جهڙن مسئلن ۾ جڪڙيل آهي.
موسمياتي تبديليون ۽ زراعت جي تباهي:
پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، جتي عوام جو وڏو انگ زراعت سان لاڳاپيل آهي. زراعت نه رڳو ملڪ جي خوراڪ جي ضرورت پوري ڪري ٿي پر ايڪسپورٽ ذريعي آمدني جو وڏو ذريعو به بڻجي ٿي. ان صورتحال ۾، موسمياتي تبديلين جا اثر زراعت تي شديد نموني پئجي رهيا آهن. رپورٽ مطابق، موسمياتي تبديليءَ جي اثرن سبب پاڪستان ۾ چانورن جي پيداوار ۾ 40 سيڪڙو ۽ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 45 سيڪڙو تائين گهٽتائي جا امڪان آهن. اهو مطلب آهي ته ملڪ جي زرعي پيداوار ۾ آڻي وڏي پيماني تي گهٽتائي اچي سگهي ٿي، جيڪا غذائي تحفظ ۽ معيشت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندي.
چانور ۽ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ گهٽتائي:
چانور ۽ ڪڻڪ پاڪستان جا اهم فصل آهن، جيڪي هتان جي خوراڪ جو بنيادي حصو آهن. ان جي گهٽتائي سان ملڪ ۾ غذائي کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي. پاڻيءَ جي کوٽ، وڌندڙ گرمي پد، غير متوازن برساتن ۽ آفتن سبب پوک جا طريقا متاثر ٿي رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ فصلن کي غير يقيني صورتحال جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. اهي حالتون آبادگارن لاءِ تمام ڏکيو صورتحال پيدا ڪري رهيون آهن، خاص ڪري ننڍن آبادگارن لاءِ جيڪي محدود وسيلا رکن ٿا.
ٻين فصلن تي اثرات:
چانور ۽ ڪڻڪ کان سواءِ ٻين زرعي پيداوار جهڙوڪ ڪمند، ڀاڄين، ميون ۽ ٻين جنسن تي به موسمياتي تبديلين جا اثر پئجي رهيا آهن. ڪجهه مخصوص علائقن ۾ پوکيل فصلن کي غير معمولي برساتن، طوفانن، ۽ تيز گرمي پد سان نقصان پهچائي رهيو آهي، جنهن جو نتيجو پيداوار جي گهٽتائي ۽ زرعي صنعت جي تباهيءَ جي صورت ۾ نڪري رهيو آهي.
حڪومت جي خاموشي ۽ لاپرواهي:
اهڙي صورتحال ۾ جڏهن عالمي رپورٽن ذريعي واضع ٿئي ٿو ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جا اثر 2070 تائين برقرار رهندا، حڪومت طرفان سنجيده قدمن جي کوٽ انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي. عالمي ادارن پاران بار بار خبردارن ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن موسمياتي تبديلين خلاف اثرائتي پاليسي اختيار نه ڪئي وئي ته ملڪ کي سنگين غذائي ۽ اقتصادي بحران کي منهن ڏيڻو پوندو. حڪومت کي زرعي پاليسين کي جديد تقاضائن مطابق تبديل ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ موثر حڪمت عملي ۽ منصوبابندي شامل هجي. زرعي شعبي کي بچائڻ لاءِ آبپاشي، پاڻيءَ جي صحيح ورڇ، ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال انتهائي ضروري بڻجي ويو آهي.
زرعي پاليسين جي ضرورت:
ملڪ جي زراعت کي بچائڻ لاءِ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ لازمي آهي ته زرعي پاليسين ۾ اهم تبديليون ڪيون وڃن. حڪومت کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ جديد طريقن سان زراعت کي هم آهنگ ڪرڻو پوندو. ايئن نه ڪرڻ جي صورت ۾، ملڪ جي معيشت تي شديد دٻاءَ ايندو ۽ غذائي کوٽ وڌي ويندي.
حاصل مقصد:
موسمياتي تبديلين جو اثر پاڪستان ۾ رڳو وقتي طور ناهي، پر ايندڙ ڏهاڪن تائين برقرار رهندو. جيڪڏهن اسان اڄ ان جو حل ڪونه ڳوليون ته ايندڙ نسلن لاءِ اسان شديد خطرا پيدا ڪري ڇڏينداسين. حڪومت کي نه رڳو رپورٽن تي غور ڪرڻ گهرجي پر زراعت ۽ موسمياتي پاليسين ۾ جوڳيون تبديليون آڻي، خاص ڪري آبپاشي ۽ زراعت ۾ نيون ٽيڪنالاجيون لاڳو ڪرڻ گهرجن ته جيئن ايندڙ سالن ۾ غذائي کوٽ ۽ معاشي بحران کان بچي سگھجي.
0 تبصرے