English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز باءِ پاس وٽ ڌرڻو، نوان ڪئنال منصوبو سنڌ جي هزارين سالا تهذيب کي برباد ڪرڻ جي سازش آهي: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
175 views
|
22nd Nov 2024
•
سنڌي خبرون
جسقم ڪارڪنن پاران ريلي ڪڍي باءِ پاس وٽ ڌرڻو هنيو ويو، هزارين ماڻهو شريڪ
نوشهروفيروز(ڊ ر) سنڌو درياءَ مٿان ٺهندڙ ڪئنالن خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ جي ھزارين ڪارڪنن باء پاس نوشهروفيروز وٽ ڌرڻو ھڻي قومي شاهراھ کي ڪيترن ئي ڪلاڪن لاءِ بند ڪري ڇڏيو، جنھن سبب قومي شاهراھ تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. جسقم ڪارڪنن پھريان پريس ڪلب نوشهروفيروز وٽان احتجاجي ريلي ڪڍي. ريلي شھر جو گشت ڪرڻ بعد چار ڪلوميٽر پيدل مارچ ڪرڻ بعد باء پاس نوشهروفيروز وٽ پھتي جتي ڪارڪنن جسقم جي مرڪزي اڳواڻن ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سرفراز ميمڻ، اياز راڄپر، امتياز کوسو ،فقيرامداد منگي ۽ رواداري تحريڪ جي اڳواڻ پنھل ساريو، راڳي وقار ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌو دريا اسان جي ساھ جي رڳ آھي ۽ 6 ڪئنال اڏي سنڌوءَ جو منھن موڙي سنڌوءَ جي ھزارين سالن جي تھذيب کي برباد ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. ھن چيو ته پنجاب پنھنجو پاڻي اڳئي وڪرو ڪري چڪو آھي ۽ سدائين سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھنيا آھن. جنھن سبب سنڌو جي ڊيلٽا تباھ ٿي وئي آهي ۽ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳھي ويو آھي. لکين ماڻھو پاڻي نه ھجڻ ڪري دربدر آھن. سنڌ جي جھنگلي جيوت ذري گھٽ ختم ٿي وئي آھي. پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ جي ذريعي معيشت سخت متاثر آھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نه ٿو ملي. اھڙي صورت ۾ وري ڪئنال اڏي باقي سنڌوءَ جو منھن موڙيو ويندو جنھن کي سنڌ جا ماڻھو ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪندا. رواداري تحريڪ جي اڳواڻ پنھل ساريو چيو ته پنجاب سدائين سنڌ جي وسيلن ۽ پاڻي تي ڌاڙا ھنيا آھن. سنڌ وسيلن سان مالا مال ھجڻ باوجود سنڌ ۾ گئس، بجلي ناھي، ماڻھو پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آھن. ھن چيو ته پنجاب پنھنجي ھوڏ تان نہ لٿو ته ھي ملڪ به نه رھندو. ھن چيو ته سنڌو بچائڻ لاءِ لکين ماڻھو احتجاج ڪري رھيا آھن جيڪي ڪئنال اڏڻ وارو اعلان واپس نه ورتو ويو ته پوءِ پنجاب جا رستا بند ڪيا ويندا. راڳي وقار ملاح چيو ته سنڌ جا ماڻھو ڪڏھن به وفاق کي ڪئنال اڏڻ نه ڏيندا، ڇاڪاڻ ته ڪئنال منصوبو ڪالا باغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ آھي. ڌرڻي ۾ راڳي وقار ملاح قومي گيت ڳائي ڪارڪنن کي جهومائي ڇڏيو. ٻئي پاسي ڌرڻي سبب قومي شاهراھ تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون جيڪي ڪيترن ڪلاڪن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن سان بيٺل رهيون ۽ ڪيترن ڪلاڪن کان پوءِ سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏڻ خلاف ھنيل ڌرڻو ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ختم ڪندي 29 نومبر تي ٽنڊوالهيار ۾ ريلي ۽ 15 ڊسمبر تي قاضي احمد ۾ قومي شاهراھ تي ڌرڻو ھڻڻ جو اعلان ڪندي چيو ته جيستائين ڪئنال اڏڻ تان ھٿ نه کنيو ويندو، احتجاج جاري رھندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سارے سندھ میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
مریم نواز نے پنجاب میں پبلک ٹرانسپورٹ مفت کرنے کا اعلان کر دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عمرڪوٽ ۾ احتجاجن جي لهر، رڪشا ڊرائيورن جو ڌرڻو، ڀاڙن ۾ واڌ سان عوام پريشان
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: چشما ڳوٺ جو پرائمري اسڪول برساتي پاڻي جي گهيري هيٺ
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ملير طرفان مومن مليرائي لائبريري ۾ اسٽڊي سرڪل جو اهتمام
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سورهيه بادشاهه جي 83هين يوم شهادت جي حوالي سان تقريب منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز باءِ پاس
ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
JSQM
جسقم
نوان ڪئنال منصوبو
0 تبصرے