English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر الطاف احمد چاچڙ جي صدارت هيٺ گڏجاڻي ٿي گذري
19 views
|
04th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
گڏجاڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي هڪ کان 4 گريڊ جي نوڪرين جي حڪم جي حوالي سان ٿي
شڪارپور (احسان ابڙو) سنڌ هاء ڪورٽ سکر بئنچ جي پٽيشن ۾ ڏنل حڪم تحت هڪ گريڊ کان چار گريڊ جي نوڪرين لاء ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ گڏجاڻي۔تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي گذري۔ گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ظفر عباس، گورنمينٽ ڊگري ڪاليجن جي پرنسپالن، ڊي اي او سيڪنڊري ۽ ڊي اي او پرائمري اسڪولس، پاپوليشن ڊپارٽمينٽ، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ڊپارٽمينٽ، هائي وي ڊپارٽمينٽ، بلڊنگس، ايڊيوڪيشن ورڪس، پبلڪ هيلٿ، ايگريڪلچر، سوشل ويلفيئر، بيورو آف اسٽيٽڪس ڊپارٽمينٽ ۽ ضلعي جي ٻين مختلف کاتن جي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ چيو ته سنڌ هاء ڪورٽ سکر جي پٽيشن ۾ ڏنل حڪم تحت 1 گريڊ کان 4 گريڊ جي نوڪرين لاء ضلعي جي سڀني آفيسرن کي ڪورٽ جي ليٽر ذريعي آگاهي ڏني آھي ته پنهنجي پنهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ 1 گريڊ کان 4 گريڊ جي خالي پيل جاين جي هڪ لسٽ ٺاهي ڏني وڃي ته جيئن اسان ڪورٽ جي حڪم تحت اهي ڊپارٽمينٽل لسٽون ٺاهي چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ايس اينڊ جي ڊي سيڪريٽري کي اماڻي سگهون۔ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ چيو ته اسان کي سنڌ هاء ڪورٽ سکر، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ايس اينڊ جي ڊي سيڪريٽري جون سخت هدايتون مليل آھن ته جيترو جلدي ٿي سگهي اسان ڊپارٽمينٽل لسٽون ڏنيون وڃن ته جيئن اسان پنهنجا نمائندا مقرر ڪري 15 کان 20 ڏينهن اندر انهن تي عمل شروع ڪري سگهون۔ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ چيو ته اسان پهريون ترجيح پٽيشنرن کي ڏينداسين ۽ جن جا والدين سروس دوران گذاري ويا آھن ۽ جيڪي معذور رهجي ويا انهن کي انٽرويو ذريعي انهن کي به نوڪري ۾ کڻنداسين۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Dec 2025
•
دنیا
آئس لینڈ دنیا کے سب سے محفوظ ممالک میں شامل، محفوظ ترین ممالک کی فہرست جاری
03rd Dec 2025
•
دنیا
بھارت میں لرزا خیز سانحہ: عورت نے حسد میں آکر اپنے ہی بیٹے سمیت 4 بچوں کی جان لے لی
03rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی پریس کلب کے ممبرز کے639 پلاٹس کا حصول بڑی کامیابی ہے،سہیل افضل خان
03rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی میں مشتعل افراد کا حملہ، انسداد تجاوزات کا ٹرک نذرِ آتش
03rd Dec 2025
•
دنیا
آئس لینڈ دنیا کے سب سے محفوظ ممالک میں شامل، محفوظ ترین ممالک کی فہرست جاری
03rd Dec 2025
•
دنیا
بھارت میں لرزا خیز سانحہ: عورت نے حسد میں آکر اپنے ہی بیٹے سمیت 4 بچوں کی جان لے لی
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ فرينڊز فورم پاران دبئي ۾ سنڌ جي هزارين سالا شاندار تاريخ رکندڙ ثقافت جو ڏھاڙو ملھايو ويو
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي سنڌ جي ڪچي جو نو لکو ھار آھي. ڪراچي ۾ ڪنهن بہ ھٿ وڌو ڪراچي کان ڪشمور تائين روڊ رستا بند ڪري سنڌ جام ڪري ڇڏينداسين: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
ڊپٽي ڪمشنر الطاف احمد چاچڙ
ڊي اي او سيڪنڊري
0 تبصرے