سجاول شهر ۾ حددخلين جي آزار سبب ٽريفڪ جام رهڻ معمول بڻيل، شهري پريشان

مامون لاڏو چوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين روڊ جي ٻنهي پاسن کان ريڙهي وارن جا قبضا

سجاول شهر ۾ حددخلين جي آزار سبب ٽريفڪ جام رهڻ معمول بڻيل، شهري پريشان

سجاول.(رپورٽر)سجاول شھر ۾ حد دخلين جو آزار مامون لاڏو چوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين روڊ جي ٻنهي پاسن کان ريڙهي وارن جا قبضا دڪاندارن پنھنجي دڪانن جا ڇپرا وڌائي ڇڏيا رڪشي ۽ سوزوڪي وارن پنھنجا اسٽاپ بڻائي ڇڏيا آهن .سجاول پبلڪ پارڪ تي مڇي وارن جو قبضو بڻيل آهي .پبلڪ پارڪ جي اڳيان ڪار وارن ٽيڪسي اسٽينڊ بڻائي ڇڏيو آهي جنھن جي ڪري صبح سوير اسڪول وڃڻ وارن شاگردن ۽ اسپتال وڃڻ وارن مريضن کي پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. روڊ بلاڪ ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهي. جنھن جي ڪري پيدل هلڻ به مشڪل ٿي پيو آهي سجاول جي شھرين .عرفان ميمڻ. سيف الرحمان. عبدالشڪور کٽي. اقبال ميمڻ. صديق ميمڻ. ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته اسان ڪيترائي مرتبہ ڊپٽي ڪمشنر سجاول. ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سجاول کي شڪايتون ڪيون آھن پر انھن تي ڪابه ڪاروائي نه ڪئي وئي. انھن هڪ مرتبو وري به ڊپٽي ڪمشنر سجاول ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سجاول کان مطالبو ڪيو آهي ته سجاول شھر مان حد دخليون ختم ڪرائي شھرين کي پريشاني کان بچايو وڃي ته جيئن شاگرد ٽائيم تي اسڪول پھچي سگھن ۽پيدل هلڻ وارن کي به آساني ٿئي