English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ پاران 24 نومبر تي ٽنڊو محمد خان ۾ درياءَ بچايو سنڌ بچايو جلسي جو اعلان
24 views
|
07th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي تباهي جي ذميوار حڪمران جماعت آهي سنڌ ۾ ھٿرادو غربت ۽ بدحالي مسلط ڪئي وئي آھي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ پاران 24 نومبر تي ٽنڊو محمد خان شهر ۾ درياءَ بچايو سنڌ بچايو جلسي عام ڪرڻ جو اعلان. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي تباهي جي ذميوار پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت سنڌ آهي سنڌ ۾ ھٿرادو غربت ۽ بدحالي مسلط ڪئي وئي آھي. پيپلز پارٽي ڪرپشن ڪم۽ اقتدار لاءِ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ۽ وسيلا ڏئي ڇڏيا آھن. سنڌ جا ماڻھو پنھنجي زمينن ۽ وسيلن جي مالڪي لاءِ جدوجھد جي تياري ڪن. پيپلز پارٽي اقتدار لاءِ ھر سودو ڪرڻ لاء تيار آھي، انڪري چوٿون ڀيرو اقتدار تي مسلط ڪيو ويو آھي. سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آھي. روزگار ناھي. بک، بدحالي ۽ بيروزگاري آھي. جھالت ۽ لاقانونيت آھي. سنڌ جا ماڻھو عوام دشمن نظام مان بيزار آھن.اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ سنڌ ڌاڙيل راڄ، غربت، بدامني، ڪرپشن ۽ بيروزگاري جي گھيري ۾ آھي. سنڌ حڪومت امن امان ۽ ڪوڙن مقابلن کي روڪڻ لاءِ ڌاڙيلن لاءِ عام معافي جو اعلان ڪري تہ جيئن ڏوھن ۾ ملوث ماڻھو پوليس وٽ پيش ٿين. سنگين ڏوھن ۾ ملوث ڏوھارين کي 10 سال سزا ڏني وڃي تہ جيئن اھي واپس اچي پنھنجي آھي زندگي گذاري سگھن. قبائلي جھيڙن، طاقت جي زور تي انتقام، قانون جي حڪمراني نہ ھجڻ ڪري ڏوھ ٿين ٿا. سنڌ حڪومت جي ايجنڊا تي امن ناھي. حڪمران چاھين تہ امن بحال ٿي سگھي ٿو.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ سڀ کان وڌيڪ روينيو ڏيندڙ صوبو آھي. سنڌ جو تيل، گئس ۽ ٻيا وسيلا وفاق جي حوالي آھن. سنڌ جي ڪمائي تي سڄو ملڪ ھلي ٿو. سنڌ ۾ جتان گئس نڪري ٿو اتي جا ماڻھو گئس جي سھولت کان محروم ڪيا ويا آھن. ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ بجلي جي لوڊ شيڊنگ سنڌ ۾ آھي. گئيس جي لوڊ شيڊنگ جو عذاب بہ سنڌ ۾ آھي. سڀ کان وڌيڪ مھانگائي بہ سنڌ ۾ آھي. ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن بہ سنڌ ۾ آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Dec 2025
•
تازہ ترین
فیصل آباد: ماموں کانجن میں ظالم بیوی نے ڈانٹ ڈپٹ کا بدلہ لینے کے لئے خاوند کی زبان کاٹ ڈالی
03rd Dec 2025
•
دنیا
آئس لینڈ دنیا کے سب سے محفوظ ممالک میں شامل، محفوظ ترین ممالک کی فہرست جاری
03rd Dec 2025
•
دنیا
بھارت میں لرزا خیز سانحہ: عورت نے حسد میں آکر اپنے ہی بیٹے سمیت 4 بچوں کی جان لے لی
03rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی پریس کلب کے ممبرز کے639 پلاٹس کا حصول بڑی کامیابی ہے،سہیل افضل خان
03rd Dec 2025
•
تازہ ترین
فیصل آباد: ماموں کانجن میں ظالم بیوی نے ڈانٹ ڈپٹ کا بدلہ لینے کے لئے خاوند کی زبان کاٹ ڈالی
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سڄي سنڌ جيان ملير به ثقافتي رنگ سان رڱجي ويو
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ميمڻ گوٺ ۾ مائي نياڻي درگاهه ڀرسان ندي مان اڻڄاتل شخص جي لاش هٿ
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ڪورٽ ۾ حادثو، مزدور ٽئين ماڙ تان هيٺ ڪري فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
قومي عوامي تحريڪ
ٽنڊو محمد خان
اياز لطيف پليجو
حڪمرانن ڪرپشن
سنڌ جا ماڻھو
حيدرآباد
0 تبصرے