English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ پاران 24 نومبر تي ٽنڊو محمد خان ۾ درياءَ بچايو سنڌ بچايو جلسي جو اعلان
181 views
|
07th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي تباهي جي ذميوار حڪمران جماعت آهي سنڌ ۾ ھٿرادو غربت ۽ بدحالي مسلط ڪئي وئي آھي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ پاران 24 نومبر تي ٽنڊو محمد خان شهر ۾ درياءَ بچايو سنڌ بچايو جلسي عام ڪرڻ جو اعلان. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي تباهي جي ذميوار پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت سنڌ آهي سنڌ ۾ ھٿرادو غربت ۽ بدحالي مسلط ڪئي وئي آھي. پيپلز پارٽي ڪرپشن ڪم۽ اقتدار لاءِ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ۽ وسيلا ڏئي ڇڏيا آھن. سنڌ جا ماڻھو پنھنجي زمينن ۽ وسيلن جي مالڪي لاءِ جدوجھد جي تياري ڪن. پيپلز پارٽي اقتدار لاءِ ھر سودو ڪرڻ لاء تيار آھي، انڪري چوٿون ڀيرو اقتدار تي مسلط ڪيو ويو آھي. سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آھي. روزگار ناھي. بک، بدحالي ۽ بيروزگاري آھي. جھالت ۽ لاقانونيت آھي. سنڌ جا ماڻھو عوام دشمن نظام مان بيزار آھن.اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ سنڌ ڌاڙيل راڄ، غربت، بدامني، ڪرپشن ۽ بيروزگاري جي گھيري ۾ آھي. سنڌ حڪومت امن امان ۽ ڪوڙن مقابلن کي روڪڻ لاءِ ڌاڙيلن لاءِ عام معافي جو اعلان ڪري تہ جيئن ڏوھن ۾ ملوث ماڻھو پوليس وٽ پيش ٿين. سنگين ڏوھن ۾ ملوث ڏوھارين کي 10 سال سزا ڏني وڃي تہ جيئن اھي واپس اچي پنھنجي آھي زندگي گذاري سگھن. قبائلي جھيڙن، طاقت جي زور تي انتقام، قانون جي حڪمراني نہ ھجڻ ڪري ڏوھ ٿين ٿا. سنڌ حڪومت جي ايجنڊا تي امن ناھي. حڪمران چاھين تہ امن بحال ٿي سگھي ٿو.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ سڀ کان وڌيڪ روينيو ڏيندڙ صوبو آھي. سنڌ جو تيل، گئس ۽ ٻيا وسيلا وفاق جي حوالي آھن. سنڌ جي ڪمائي تي سڄو ملڪ ھلي ٿو. سنڌ ۾ جتان گئس نڪري ٿو اتي جا ماڻھو گئس جي سھولت کان محروم ڪيا ويا آھن. ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ بجلي جي لوڊ شيڊنگ سنڌ ۾ آھي. گئيس جي لوڊ شيڊنگ جو عذاب بہ سنڌ ۾ آھي. سڀ کان وڌيڪ مھانگائي بہ سنڌ ۾ آھي. ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن بہ سنڌ ۾ آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قومي عوامي تحريڪ
ٽنڊو محمد خان
اياز لطيف پليجو
حڪمرانن ڪرپشن
سنڌ جا ماڻھو
حيدرآباد
0 تبصرے