English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير پوليس پاران ايڊيشنل ايس ايڇ او جي اغوا ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
views
|
07th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
ايڊيشنل ايس ايڇ او حبيب الله شاهاڻي جي اغوا ۾ ملوث 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي: پوليس
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي ايڊيشنل ايس ايڇ او جي اغوا وارو معاملو، پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي اغوا ۾ ملوث 3 جوابدار گرفتار، اغوا ڪارن وٽان 8 هزار ڪلو سوپاريون ۽ گاڏيون هٿ ڪرڻ جي دعوي، تفصيل موجب ملير جي اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي ايڊيشنل ايس ايڇ او حبيب الله شاهاڻي کي 26 آڪٽوبر تي اغوا ڪارن اغوا ڪري بلوچستان کڻي وڃي تشدد بعد آزاد ڪري ڇڏيو هو، ان سلسلي ۾ جاچ پوليس پڌرائي ڪئي آهي ته ايڊيشنل ايس ايڇ او حبيب الله شاهاڻي جي اغوا ۾ ملوث 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي گرفتار جوابدارن جي قبضي مان 8 هزار ڪلو پابندي پيل سپاري 3 گاڏيون ريوو، الٽس ڪار ۽ وين هٿ ڪئي وئي آهي، پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايڊيشنل ايس ايڇ او جي اغوا ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ماڙي پور، ڪورنگي سميت مختلف علائقن ۾ ڇاپا هنيا ويا ۽ اغوا ۾ ملوث 3 جوابدارن سليم، حبيب الله ۽ محمود کي گرفتار ڪري ورتو آهي، شروعاتي جاچ ۾ جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي ته پوليس اسان جي گدام تي ڇاپو هنيو ان تي انسپيڪٽر کي اغوا ڪري بلوچستان کڻي وياسين، پوليس موجب وقت تائين 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته 3 فرار ٿي ويا آهن، جوابدار بلوچستان کان منشيات کڻي ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ وڪرو ڪندا آهن، جوابدارن کي ٽيڪنيڪل بنيادن تي گرفتار ڪري ورتو آهي جوابدارن انسپيڪٽر کي اغوا جو اعتراف ڪري ورتو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي فرار ٿي ويل جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Oct 2025
•
سندھ
سافکو نے گراسپ پروجیکٹ کے تحت مالی امداد کے چوتھے مرحلے کا آغاز
22nd Oct 2025
•
پاکستان
خیبرپختونخوا پولیس کی بلٹ پروف گاڑیوں کا اصل راز بے نقاب!
22nd Oct 2025
•
پاکستان
بلدیاتی انتخابات کے انعقاد پر پیش رفت، سیکریٹری الیکشن کمیشن نے چیف سیکریٹری پنجاب کو خط لکھ دیا۔
22nd Oct 2025
•
تازہ ترین
ٹھٹھہ: شہید ناظم جوکيو کی بیوہ شیرین جوکيو کی دوسری شادی کا انکشاف، معاملہ عدالت پہنچ گیا۔
22nd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ بدنام ۽ انعام يافته ڌاڙيلن سميت 71 ڏوهارين صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا
22nd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
کهڙا ۾ پراڻي دشمني تان حاضري تان موٽندڙ شخص گوليون هڻي قتل
22nd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ پير صدرالدين شاه راشدي جي سالگرھ ملهائي وئي
22nd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: نبي سر ٿر ۾ هٿياربندن هٿان ٻه سڳا ڀائر بيدردي سان قتل، لاش ڪهاڙي سان ڪٽيا ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
ايڊيشنل ايس ايڇ او
حبيب الله شاهاڻي
0 تبصرے