English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز جي ميونسپل چيئرمين ۽ ميونسپل آفيسر ۾ پيدا ٿيل اختلاف گهٽجڻ بدران وڌي ويا
118 views
|
07th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
ڪائونسلر محمد معروف پيرزادو جا ميونسپل آفيسر وليد شوري تي الزام
نوشهروفيروز(ڊ ر) ميونسپل ڪميٽي نوشھرو فيروز جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف مصطفي ميمڻ ۽ ميونسپل آفيسر وليد شوري وچ ۾ پيدا ٿيل اختلاف وڌيڪ تيز ٿي ويا آھن ۽ ٻنھي مان ڪوبه ھٿ ڪڍڻ لاءِ تيار ناھي. جڏھن ته پ پ قيادت پڻ اڃا تائين معاملي جو نوٽيس ناھي ورتو. چيئرمين ۽ ميونسپل آفيسر ۾ اختلافن سبب ميونسپل ڪميٽي جو ڪار وهنوار ٺپ بڻيل آھي. سڄي شھر ۾ گٽر اٿلي پيا آھن. جنھن ڪري شھري وڏي عذاب ۾ اچي ويا آھن. جڏھن ته ميونسپل ڪميٽي جا ڪائونسلر پڻ ميونسپل آفيسر وليد شورو جي خلاف ميدان تي اچي ويا آھن. ان سلسلي ۾ ڪائونسلر محمد معروف پيرزادو ۽ شاھنواز عمراڻي ٻڌايو ته ميونسپل آفيسر وليد شوري جي اچڻ سان ئي بحران پيدا ٿيو آھي. ڇاڪاڻ ته وليد شورو چيئرمين کي ڪم ڪرڻ نه ٿو ڏئي. ماضيءَ ۾ به وليد شورو ميونسپل ڪاميٽي جي اڪائونٽ مان 60 لک روپيا ڪڍرائي کاڻي ويو ۽ شهرين جي احتجاج ڪرڻ تي هتان بدلي ڪرائي ويو هو۽ ھاڻي ٻيهر ميونسپل ڪاميٽي نوشهروفيروز ۾ ڪرپشن ڪرڻ لاءِ آيو آھي. ھنن چيو ته سڄو شھر تباھ ٿي رھيو آھي. هر پاسي شھر ۾ گندگي وڌي وئي آھي. ان ڪري پارٽي قيادت کي نوٽيس وٺڻ گھرجي. جيڪڏھن ميونسپل آفيسر وليد شورو بدلي نه ٿيو ته پوءِ شھر ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو. ڪائونسلر ۽ اڳوڻي چيئرمين پير خالد سھروردي چيو ته ھي آفيشل ميٽر آھي. جنھن کي حل ڪرڻ لاءِ تڪڙو ميونسپل ڪميٽي جو اجلاس گھرايو وڃي. جيئن اجلاس ۾ کليل بحث ڪري مسئلي جو حل ڪڍي سگھجي. ھن چيو ته ميونسپل ڪميٽي جا اجلاس نه ٿا گھرايا وڃن. جنھن سبب ھي مسئلا پئدا ٿي رھيا آھن. ٻئي طرف ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف مصطفي ميمڻ ميونسپل آفيسر وليد شوري کي بدتميز قرار ڏيندي چيو آھي ته وليد شورو جو اچڻ وقت ئي رويو خراب ھو جنھن ڪري مان کيس ھٿ ڏيڻ به پسند ناھيان ڪندو. ھن چيو ته شھر جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ مون ڪجھ خانگي ماڻھو ڊيلي ويجز تي رکيا جيئن شھر ۾ صفائي سٿرائي جو نظام بھتر رھي. ائين اسان 9 مھينا بھترين طريقي سان شھر ۾ صفائي ڪرائي. پر وليد شورو انھن جي بلن تي صحيح نه ڪئي. ھن جي ڪم جو طريقيڪار ئي الڳ آھي. ھن چيو ته 500 خاندانن لاءِ سولر پليٽون، 200 خاندانن لاءِ سولر پمپ، 200 خاندانن لاءِ سولر پنکن جو آرڊر ڏنو آھي پر وليد شورو بل ڪرڻ لاءِ تيار ناھي جنھن ڪري اھي غريب ۽ مسڪين شھري سھولتن کان محروم ٿي ويا آھن. ھن چيو ته سمورو ڪم ڪائونسلرن کي اعتماد ۾ وٺي ڪيو آھي. ھن چيو ته ھن وقت شھر ۾ صفائي نه ٿي ٿئي. شھر جون آباديون گندي پاڻي ۾ ٻڏي ويون آھن. ھن چيو ته مون ٻن ڏينھن جي مھلت ڏني آھي بعد ۾ پنھنجو فيصلو ڪنداسين. ھوڏانھن ميونسپل آفيسر وليد شوري ٻڌايو ته ھن جو چيئرمين سان ڪوبه اختلاف ناھي. باقي معاملا ميڊيا تي آڻڻ نه ٿو چاھيان.چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف ميمڻ اچي پنهنجو ڪم ڪري مان کيس ڪم ڪرڻ کان ڇو جهليندس باقي هن جو ڪم الڳ آهي ۽ منهنجو ڪم الڳ آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Apr 2026
•
شوبز
جعلی تصاویر فحش ویب سائٹ پر دیکھ کر شدید صدمہ ہوا: جہانوی کپور کا انکشاف
06th Apr 2026
•
سندھ
حیدرآباد: آغا خان میٹرنل اینڈ چائلڈ کیئر سینٹر کی جانب سے ایک مفت طبی تشخیصی کیمپ کا انعقاد
06th Apr 2026
•
سندھ
موجودہ صورتحال کے پیش نظر پاکستانی سرمایہ کاروں کے لئے جامع معاشی پالیسی بنانے کی ضرورت ہے جمشید بشیر
06th Apr 2026
•
سندھ
کراچی؛ الغوثیہ ویلفیئر آرگنائزیشن پاکستان کی جانب سے سالانہ پارٹی کا اہتمام
06th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڪراچي پوليس پاران هفتي 940 کان وڌيڪ جوابدار گرفتارڪرڻ جي دعويٰ
06th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ ۾ لکين خاندان غربت جي لڪير کان ھيٺ ھليا ويا آھن: اياز لطيف پليجو
06th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت جي اعلان باوجود ڏوڪري جو خريداري سينٽر نه کليو، آبادگار پريشان
06th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پاران بلڊ ڊونيشن وارڊ جو افتتاح
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز
ڪاشف مصطفي ميمڻ
وليد شوري
0 تبصرے