عباس علي جت پاڻ تي بندوق جو فائر ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو: وارث
سجاول (رپورٽر)سجاول ويجهو ڳوٺ جمال جت ۾ ڪجھ عرصو اڳ 16 سالن جي فهميده جت جي مبينا قتل کانپوء کيس چاهيندڙ نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي. عباس علي جت پاڻ تي بندوق جو فائر ڪري پنهنجي زندگي جو خاتمون آڻي ڇڏيو. عباس جت جي والد جو چوڻ آهي ته عباس علي ۽ فهميده هڪ ٻئي سان محبت ڪندا هئا. فهميده جي قتل ٿيڻ کانپوء هن اهو قدم کنيو آهي. پوليس فهميده جت جي قتل جو ڪيس پھرين ئي سرڪاري مدعيت ۾ داخل ڪري ڇڏيو هو. داخل ڪيس ۾ ڇوڪري جي ڀاء امين جت کي شڪ ۾ گرفتار ڪيو آهي. ايس ايس پي سجاول جو چوڻ آهي ته ان واقعي جي شفاف جاچ ڪئي پئي وڃي. مقتول عباس علي جت جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاء تعلقہ اسپتال سجاول آندو ويو جتان ضروري ڪارروائي کان پوء لاش وارثن حوالي ڪيو ويو
0 تبصرے