مورو ويجهو زهريلو کاڌو کائڻ سبب 10 مزدور بيهوش، اسپتال منتقل

جمالي هائوس ڦاٽڪ تائين ٺهندڙ روڊ تي مزدوري ڪندڙ مزدورن جي زهريلو کاڌو کائڻ سبب حالت خراب

مورو ويجهو زهريلو کاڌو کائڻ سبب 10 مزدور بيهوش، اسپتال منتقل

مورو (جاني جماڻي) ٻانڌي روڊ ڦاٽڪي کان جمالي هائوس ڦاٽڪ تائين ٺهندڙ روڊ تي مزدوري ڪندر مزدور مبينا زهريلو کاڌو کائڻ سبب 10مزدور بيهوش ٿي پيا ڊاڪٽرن پاران ٻن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي ان موقعي تي ليبر انچارج زاهد ڏاهري جو چوڻ هو ته اڄ شام ليبر لاء بورچي جو ڪم ڪندڙ دڪان تان سامان وٺي آيو جنهن مان کاڌو تيار ڪري کائڻ کانپوء مزدور بيهوش ٿي ويا جن مان ٻن ڄڻن خان محمد ۽ عبداللطيف مڱريو جي حالت خراب ٻڌائي پئي وڃي جن کي نوابشاهه منتقل ڪيو ويندو جڏهن ته تنوير، هاشم، ضامن، محسن،شاهد ۽ ٻين جو علاج هلندڙ آهي