English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ڊي سي نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ پوليو جي حوالي سان اجلاس
295 views
|
05th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
پوليو جو خاتمو ڪرڻ لاء اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: ڊي سي نويد الرحمان لاڙڪ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ پوليو جي جي حوالي سان اجلاس ٿي گذريو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ پوليو جو رائونڊ مڪمل ٿيڻ تي صحت کاتي جي عملدارن ۽ ورڪرن تي اطمينان جو اظهار ڪيو، ڊپٽي ڪمشنر چيو پوليو جو خاتمو ڪرڻ لاء اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، جڏهن تہ پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان رهجي ويل ٻارڙن کي جلد کان جلد پوليو جا قطرا پياريا وڃن ۽ ان ان جي رپورٽ پڻ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ڏني وڃي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ اي پي آئي جي ماھوار گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو تہ ضلعي ۾ جاري اي پي آئي واري پروگرام کي وڌيڪ بھتر بڻائڻ لاءِ پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪيو وڃي، ھن صحت کاتي جي عملي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو تہ اي پي آئي جي پروگرام کي ضلعي ۾ وڌيڪ فعال ۽ بھتر بڻائڻ لاءِ درپيش مسئلن کي حل ڪيو وڃي ۽ ويڪسين لڳائڻ جي رپورٽ ڏني وڃي.ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان ڀنگوار، مختيار ڪار سامارو آصف ڪالرو، ضلعي انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ھريش چندر، ايم ايس سول اسپتال عمرڪوٽ ڊاڪٽر فريد احمد هنڱورجو، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ايسر داس،اي پي آئي جي ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن ڊاڪٽر عمران، ڊبليو ايڇ او جي ڊاڪٽر درگاه شنڪر، پوليو فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجئہ ڪمار، ڊي ايم پي پي آئي ڊاڪٽر شرف الدين ميمڻ، ڊاڪٽر گووند رام مالھي، ، ڊاڪٽر جيوراج، ڊاڪٽر سنتوش ڪمار، ڊي ايس وي، ٽي ايس وي، ايل ايڇ وي، ويڪسينيٽرن سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نظريو ڇا آهي؟ غلط ۽ درست ڪيئن قرار ڏجي؟
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ انفارميشن آفيسرن جي سينيئر صحافي ۽ ليکڪ حاجن سولنگي جي عيادت
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو نالي وارو راڳي ذوالفقار راھي لاڏاڻو ڪري ويو
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ ايس ٽي پي پاران ڌارين جي نيڪالي لاءِ احتجاج
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
مظھر ماڊل اسڪول ڪراچي ڪيمپس ۾ استادن جو ٽيون تربيتي سيشن
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي نويد الرحمان لاڙڪ
عمرڪوٽ
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ
0 تبصرے