پاڪستان ھون ته ڪافي ڏھاڪن کان بيچني واري ڪيفيت مان سفر ڪري رھيو آھي پر تازو ورلڊ جسٽس پروجيڪٽ (World Justice Project) ھڪ اڻ ڌريو ۽ غير سياسي ادارو آهي، جيڪو دنيا ۾ قانون جي بالادستي، انصاف جي فراهمي، بنيادي حقن ۽ حڪومت جي احتساب کي فروغ ڏيڻ لاءِ تحقيق ۽ تجزيي تي ٻڌل رپورٽون شايع ڪندو آھي ورلڊ جسٽس پروجيڪٽ جي طرفان جاري ڪيل "رول آف لا انڊيڪس" ۾ ملڪن جي درجه بندي ڪئي ويندي آهي ته ڪھڙو ملڪ ڪھڙي معيار مطابق پور لھي ٿو ان تحقيق ۾ دنيا جا 142 ملڪ شامل آهن.
ھن تحقيق جو نج مقصد اھو ھوندو آھي ڪھڙي ملڪ ۾ قانون جي پاسداري ٿي رهي آهي ۽ ڪٿي قانون جا بکيا آڏاريا وڃن ٿا ان تحقيق ۾ وڌيڪ ٻين مختلف پهلوئن تي به جانچ ڪئي ويندي آهي، جهڙوڪ امن امان، عدالتي نظام، شفافيت، ۽ حڪومت جي احتساب جو نظام جانچيو ويندو آھي. ورلڊ جسٽس پروجيڪٽ جي انڊيڪس 2024 ۾ قانون جي حڪمراني ۽ بالادستي ۾ 142 ملڪن جي چٽاڀيٽي اندر پاڪستان 140 نمبر تي رکيو ويو آھي جيڪو عالمي طور تي سڀ کان گهٽ ۾ گهٽ آهي، هن سال، پاڪستان جو مجموعي اسڪور ٿورو گهٽجي ويو، جيڪو حڪومت ۽ انصاف جي مختلف شعبن ۾ جاري درپيش مشڪلتن کي ظاهر ڪري ٿو ته پاڪستان قانون جي حڪمراني ڪرڻ ۾ ڪيتري قدر فيل ويو آھي پنھجي شھرين جي عزت ۽ جان ۽ مال جو تحفظ نه ڪري سگھيو آھي، قانون جي انڊيڪس آٺ اهم عنصرن جي تحت قانون جي اصول کي ماپ ڪري ٿو جنھن ۾ حڪومتي اختيارن تي پابنديون اهو عنصر جانچيندو آهي ته حڪومت جي اختيارن تي ڪيئن مؤثر روڪاوٽون لڳايون ويون آھن، رشوت جي غير موجودگي حڪومت ۾ رشوت جي سطح ۽ ان جي اثرات کي جانچيندو آهي، کليل حڪومت، حڪومت جي معلومات تائين عوامي رسائي جي شفافيت کي ماپيندو اھي، بنيادي انساني حق، بنيادي حقوق حقن جي تحفظ کي جانچيندو آهي،ترتيب ۽ تحفظ جرائم جي ڪنٽرول، تشدد کان تحفظ، ۽ شهري تڪرار جي حل کي جانچيندو آهي، قائدي جي نفاذ، قاعدن جي ۽ انصاف جي نفاذ کي ماپ ڪندو آھي، شهري انصاف، شهري انصاف جي نظامن جي انصاف ۽ رسائي کي جانچيندو آهي، جرم جي انصاف، جرم جي انصاف جي نظامن جي مؤثريت کي ماپ ڪندو آهي،
ورلڊ جسٽس پروجيڪٽ جي انڊيڪس 2024 ۾ پاڪستان جي مخصوص شعبن ۾ اسڪور هن ريت شائع ٿيو آھي جنھن ۾ حڪومتي اختيارن تي پابنديون، رينڪنگ (91) رشوت جي غير موجودگي 118، کليل حڪومت 102، بنيادي حقوق 123، ترتيب ۽ تحفظ 139، قائدي جي نفاذ 127 شهري انصاف 125، جرم جي انصاف 97 تي شامل ڪيو ويو آھي جيڪا رپورٽ ڇرڪائيندڙ آھي جنھن ۾ عالمي ادارا به تسليم ڪن ٿا ته پاڪستان ۾ انساني حقن جي لتاڙ ٿئي پئي.
https://worldpopulationreview.com/country-rankings/world-justice-project-rule-of-law-index
ورلڊ جسٽس پروجيڪٽ انڊيڪس 2024 جي رپورٽ ۾ زور ڏنو ويو آهي ته پاڪستان ترتيب ۽ تحفظ ڏيڻ ۾ خاص طور تي مشڪل صورتحال مان گزري رھيو آھي ، جيڪو حڪومت جي صلاحيتن جي باري ۾ اعتماد جي گهٽتائي کي ظاهر ڪري ٿو. بالمقابل، پاڪستان کان هيٺين رينڪنگ وارا ملڪ مالي ۽ نائجيريا آهن، اثرات ۽ علائقائي پس منظر پاڪستان جي صورتحال خاص طور تي تشويشناڪ آهي جئين اهو جنوب ايشيا ۾ 6 ملڪن مان 5 نمبر تي آهي، جتي نيپال علائقي ۾ بهترين ڪارڪردگي رکي ٿو 69 نمبر تي، اها درجه بندي هڪ وسيع علائقائي چيلنج کي اجاگر ڪري ٿي جتي ڪيترائي جنوبي ايشيائي ملڪن ۾ قانون جي اصولن ۾ گهٽتائي رھي آھي ورلڊ جسٽس پروجيڪٽ جي حاليه رول آف لا انڊيڪس رپورٽ پاڪستان جي عالمي درجه بندي ۾ نمايان ڪمزوري کي اجاگر ڪري ٿي. رپورٽ موجب، پاڪستان 142 ملڪن مان 140 نمبر تي آهي ۽ موجوده حالتن ۾ اسان هيٺ کان "نمبر ون" يعني دنيا جي سڀ کان غير محفوظ ملڪن مان هڪ آهي. صرف ٻه ملڪ، مالي (141) ۽ نائجيريا (142) اسان کان اڳ آهن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان انهن ملڪن ۾ شامل آهيون جن کي امن امان جي صورتحال درپيش آهي، جن کي روایتي طور تي عالمي سطح تي بحران زدہ ۽ غير مستحکم ملڪ قرار ڏنو ويندو آهي، پاڪستان جي ان تنزلي جي هڪ ٻي اهم نشاني اها آهي ته افغانستان، جيڪو طويلي عرصي کان عدم استحڪام جو شڪار رهيو آهي، ان انڊيڪس ۾ پاڪستان کان هڪ درجو بهتر يعني 139 نمبر تي آهي. ان جو مطلب آهي ته عالمي معيار موجب افغانستان کي پاڪستان کان وڌيڪ محفوظ سمجهيو پيو وڃي، هي رپورٽ پاڪستان جي نظام عدل و انصاف ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن لاءِ هڪ چيلنج آهي ان کي هڪ تنبيهه جي طور تي ڏسڻ گهرجي ته جيڪڏهن امن امان، عوام جي حقن جي تحفظ ۽ قانون جي بالادستي ۾ بهتري لاءِ فوري ۽ قدم نه کنيا ويا ته ملڪ ۾ استحڪام حاصل ڪرڻ جو خواب اڌورو رهجي سگهي ٿو.
0 تبصرے