مريم نواز هميشه عوام جي حقن لاءِ آواز اٿاريو ۽ سندس قيادت ۾ پارٽي نئين بلندين تي پهچي چڪي آهي: سيد صفدر شاهه
عمرڪوٽ(ڪانجي مل رکيسر) وزير اعلي پنجاب مريم نواز جي 47 هين سالگرهه جي موقعي تي عمرڪوٽ ۾ زيدي ھائوس تي ڪيڪ ڪاٽيو ويو خبر موجب پاڪستان مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ وزير اعلي پنجاب مريم نواز جي 47 هين سالگرهه جي موقعي تي زيدي هائوس تي ڪيڪ ڪاٽيو ويو ان موقعي تي رٿيل تقريب ۾ پارٽي ڪارڪنن، مقامي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي سالگرھ تقريب کي خطاب ڪندي سيد صفدر شاهه چيو ته مريم نواز هميشه عوام جي حقن لاءِ آواز اٿاريو ۽ سندس قيادت ۾ پارٽي نئين بلندين تي پهچي چڪي آهي تقريب دوران مريم نواز جي صحتيابي ۽ وڏي ڄمار لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي ۽ مريم نواز جي سالگرهه جي موقعي تي سندس خدمتن کي ياد ڪرڻ ۽ سندس وڌيڪ ڪاميابين لاءِ دعا پڻ ڪئي ويئي
0 تبصرے