عمرڪوٽ جي بوائز پرائمري اسڪول اين پاٽشالا ۾ سولر سسٽم جو افتتاح

تقريب ۾ ڊي اي او عنايت الله ڪنڀر، اي اي اوز بشير احمد کوسو، مير حسن آريسر، ٽي اي او رامچند اوڏ ۽ ٻيا به شريڪ

عمرڪوٽ جي بوائز پرائمري اسڪول اين پاٽشالا ۾ سولر سسٽم جو افتتاح

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ جي تعليم کاتي جي تعاون سان گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول (GBPS) اين پاٽشالا عمرڪوٽ ۾ سولر سسٽم جو افتتاح ڪيو ويو، سنڌ حڪومت جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه ۽ ضلع عمرڪوٽ جي ايڊيوڪيشن فوڪل پرسن، ميان خالد ولھاري جي گڏيل ڪوششن سان ھن منصوبو مڪمل ٿيو، افتتاحي تقريب ۾ ڪيترن ئي معززن ۽ تعليم کاتي جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، جن ۾ عنايت الله ڪنڀر، DEO عمرڪوٽ، بشير احمد کوسو AEO عمرڪوٽ، مير حسن آريسر AEO عمرڪوٽ، رامچند اوڏ TEO ميل پرائمري عمرڪوٽ، راڻو مل مالھي AEO عمرڪوٽ، آپا رضيه شاھ TEO فيميل عمرڪوٽ ۽ شاملال چوھاڻ AEO عمرڪوٽ شامل ھئا، ان موقعي تي گورنمينٽ پرائمري اسڪول نيشنلائيزڊ پاٽشالا عمرڪوٽ ھيڊ ماستر ۽ تقريب جي ميزبان گوتم پرڪاش چيو ته اھا اين پاٽشالا اسڪول ھڪ تاريخي حيثيت رکي ٿي انھي ڪري وزير تعليم سيد سردار شاهه اسان جي اسڪول جي ٻارڙن کي سولر پاور سسٽم لڳائي ڏنو آھي جنھن تي اسان ٿورا مڃون ٿا ۽ اميد ڪيون ته سٽي جي سڀني سرڪاري اسڪولن ۾ اھڙيون سهولتون ڏيندا، ھن تقريب ۾ پ ٽ الف جي اڳواڻن، سٽي عمرڪوٽ جا معزز هيڊ ماستر ۽ استاد صاحبان پڻ شرڪت ڪئي، انھيءَ موقعي تي ميان خالد ولھاري چيو ته سنڌ حڪومت جو مقصد تعليم جي بنيادي سهولتن کي بهتر بڻائڻ آهي، جيئن شاگردن کي جديد سهولتون فراهم ڪري سگهجن، هن سولر سسٽم کي پڻ ان ئي مشن جو حصو قرار ڏنو، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي هر هڪ سرڪاري اسڪول ۾ شاگردن لاءِ بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وينديون، جن ۾ سولر پاور سسٽم پڻ شامل آهي، تقريب دوران تعليم کاتي جي ٻين عملدارن پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، بشير احمد کوسي جو چوڻ ھو ته عمرڪوٽ جي استادن جا جائز مسئلا ھاڻ فوري طور حل ٿين ٿا جڏھن ته ضلعي پوري ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويو آھي ھن تاريخي اين پاٽشالا اسڪول ۾ چوڏھن ڪمرن تي مشتمل نئين بلڊنگ جو ترقياتي ڪم به جاري آھي ۽ ھاڻ شاگردن جي لاءِ سولر پاور سسٽم جو افتتاح ڪيو ويو آھي اھو صوبائي وزير ۽ فوڪل پرس ايجوڪيشن ضلع عمرڪوٽ ميان خالد ولھاري جن جون ڪاوشون آھن انھي موقعي تي انھن وڌيڪ چيو ته ھن اين پاٽشالا اسڪول جي هيڊماستر گوتم پرڪاش بجير کي به سلام پيش ڪجي ٿو جيڪو انتھائي محنت ۽ سچائي سان ھن اسڪول جي لاءِ ڪوششون وٺي رھيو آھي انھي موقعي تي مير حسن آريسر چيو ته سيد سردار شاهه جي ڪاوشن سان ھاڻ سنڌ ۾ تعليمي معيار ڪافي بھتري اچي رھي آھي انقلابي قدمن سان وڌيڪ بھتري ايندي ھن وڏيڪ چيو ته اڄ عمرڪوٽ جي مختلف اسڪولن بنيادي سهولتون ڏنيون پيون وڃن اھو اڳتي ھلي وڏو فائديمند ثابت ٿيندو انھي چيو ته ھي سسٽم نه رڳو اسڪول جي بجلي ضرورتن کي پورو ڪندو، پر تعليم جي ماحول کي وڌيڪ سازگار بڻائيندو.