English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ قومي مزاحمتي ۽ جمالياتي شاعر گدا حسين خاصخيلي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تعزيتي ميڙاڪو
views
|
03rd Nov 2024
•
سنڌي خبرون
تعزيتي ميڙاڪي جي صدارت جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو ڪئي
نوشهروفيروز(ڊ ر)سنڌ جي ناليواري قومي مزاحمتي ۽ جمالياتي شاعر گدا حسين خاصخيلي جي ڪيل خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ جيئي سنڌ محاذ ضلعي نوشھروفيروز پاران تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جنھن جي صدارت جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو ڪئي جڏھن تہ ھاشم کوسو، عبدالجبار کوسو، حبيب مشوري، منظور خاصخيلي مھمان طور شرڪت ڪئي. ھن تعزيتي ميڙاڪي ۾ شھرين، اديبن، سياسي سماجي ڌرين، جسم، ترقي پسند پارٽي، سنڌي ادبي سنگت، صحافين، قومي ورڪرن، سگھڙن، نارين ۽ سول سوسائٽي، قومپرست حلقي سان واسطو رکندڙن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي چيو تہ گدا ھڪ قومي انقلابي مزاحمتي جمالياتي شاعر ھو جنھن پنھنجي شاعري ذريعي عوامي سجاڳي پيدا ڪئي ھو ڌرتي تي امن ۽ پيار جو شاعر ھو جنهن پنهنجي قلم سان سنڌ جي سورن ۽ ماروئڙن جي دردن کي لکيو ۽ سادگيءَ سان گيڙو ويس ۾ ھميشھ امن جو سفير رھيو. ھن تڪليفن باوجود پاڻ کي پوئتي نہ رکيو، نہ ئي وڪرو ڪيو ۽ گدا جهڙا ارڏا ۽ بهادر شاعر صدين کان پوءِ جنم وٺندا سندس سنڌ ڌرتي، شاعري علم ادب ۽ ماروئڙن لاءِ خدمتون ڪڏھن به نه وسرنديون. ان کان اڳ گدا حسين خاصخيلي جي آخري آرام گاه تي گلن جي چادر چاڙهي وئي ۽ تعزيتي ميڙاڪي ۾ صوفي راڳين فقير هادي بخش بهڻ ۽ گدا خاصخيلي جي فرزند فقير لطف علي خاصخيلي صوفياڻا ڪلام ڳائي ويٺلن ۾ وجد طاري ڪري ڇڏيو. جڏھن تہ ھن ميڙاڪي ۾ گلبهار مري ، محرم چنو ،حسن فدا خاصخيلي، قربان کوسو، انيس خاصخيلي عمران کوسو، لطيف خاصخيلي، حاجن جانوري، سبحان سوز جتوئي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Oct 2025
•
سندھ
سافکو نے گراسپ پروجیکٹ کے تحت مالی امداد کے چوتھے مرحلے کا آغاز
22nd Oct 2025
•
پاکستان
خیبرپختونخوا پولیس کی بلٹ پروف گاڑیوں کا اصل راز بے نقاب!
22nd Oct 2025
•
پاکستان
بلدیاتی انتخابات کے انعقاد پر پیش رفت، سیکریٹری الیکشن کمیشن نے چیف سیکریٹری پنجاب کو خط لکھ دیا۔
22nd Oct 2025
•
تازہ ترین
ٹھٹھہ: شہید ناظم جوکيو کی بیوہ شیرین جوکيو کی دوسری شادی کا انکشاف، معاملہ عدالت پہنچ گیا۔
22nd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
کهڙا ۾ پراڻي دشمني تان حاضري تان موٽندڙ شخص گوليون هڻي قتل
22nd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ پير صدرالدين شاه راشدي جي سالگرھ ملهائي وئي
22nd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: نبي سر ٿر ۾ هٿياربندن هٿان ٻه سڳا ڀائر بيدردي سان قتل، لاش ڪهاڙي سان ڪٽيا ويا
22nd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جا ماڻھو سنڌو درياھ، زمينن، وسيلن، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪرپشن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف جدوجهد ڪن: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهروفيروز
قومي مزاحمتي
جمالياتي شاعر
گدا حسين خاصخيلي
0 تبصرے