English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ قومي مزاحمتي ۽ جمالياتي شاعر گدا حسين خاصخيلي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تعزيتي ميڙاڪو
241 views
|
03rd Nov 2024
•
سنڌي خبرون
تعزيتي ميڙاڪي جي صدارت جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو ڪئي
نوشهروفيروز(ڊ ر)سنڌ جي ناليواري قومي مزاحمتي ۽ جمالياتي شاعر گدا حسين خاصخيلي جي ڪيل خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ جيئي سنڌ محاذ ضلعي نوشھروفيروز پاران تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جنھن جي صدارت جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو ڪئي جڏھن تہ ھاشم کوسو، عبدالجبار کوسو، حبيب مشوري، منظور خاصخيلي مھمان طور شرڪت ڪئي. ھن تعزيتي ميڙاڪي ۾ شھرين، اديبن، سياسي سماجي ڌرين، جسم، ترقي پسند پارٽي، سنڌي ادبي سنگت، صحافين، قومي ورڪرن، سگھڙن، نارين ۽ سول سوسائٽي، قومپرست حلقي سان واسطو رکندڙن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي چيو تہ گدا ھڪ قومي انقلابي مزاحمتي جمالياتي شاعر ھو جنھن پنھنجي شاعري ذريعي عوامي سجاڳي پيدا ڪئي ھو ڌرتي تي امن ۽ پيار جو شاعر ھو جنهن پنهنجي قلم سان سنڌ جي سورن ۽ ماروئڙن جي دردن کي لکيو ۽ سادگيءَ سان گيڙو ويس ۾ ھميشھ امن جو سفير رھيو. ھن تڪليفن باوجود پاڻ کي پوئتي نہ رکيو، نہ ئي وڪرو ڪيو ۽ گدا جهڙا ارڏا ۽ بهادر شاعر صدين کان پوءِ جنم وٺندا سندس سنڌ ڌرتي، شاعري علم ادب ۽ ماروئڙن لاءِ خدمتون ڪڏھن به نه وسرنديون. ان کان اڳ گدا حسين خاصخيلي جي آخري آرام گاه تي گلن جي چادر چاڙهي وئي ۽ تعزيتي ميڙاڪي ۾ صوفي راڳين فقير هادي بخش بهڻ ۽ گدا خاصخيلي جي فرزند فقير لطف علي خاصخيلي صوفياڻا ڪلام ڳائي ويٺلن ۾ وجد طاري ڪري ڇڏيو. جڏھن تہ ھن ميڙاڪي ۾ گلبهار مري ، محرم چنو ،حسن فدا خاصخيلي، قربان کوسو، انيس خاصخيلي عمران کوسو، لطيف خاصخيلي، حاجن جانوري، سبحان سوز جتوئي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ريجنل پاسپورٽ آفيس ۾ ايف آءِ اي جو وڏو ڪريڪ ڊائون، ڪرپشن نيٽ ورڪ بي نقاب، 7 جوابدار گرفتار
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ پاڻي ۽ بجلي جو بدترين بحران، سوين رهواسي رستن تي نڪري آيا، ميمڻ ڳوٺ روڊ ۽ قومي شاهراهه تي ڌرڻا
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ تي گھمڻ لاءِ آيل نينگر ٻڏڻ بعد اسپتال نيئندي رستي ۾ فوت
27th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سانوڻيءَ جي موسم ۾ شجرڪاري مهم جي شروعات
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز
قومي مزاحمتي
جمالياتي شاعر
گدا حسين خاصخيلي
0 تبصرے