ٺٽي ۾ پ ٽ الف اڳواڻ جو استاد خلاف احتجاج، پوٽي تي تشدد جو الزام

پيپلز اسڪول جي استاد 4 ورهين جي معصوم پوٽي تي تشدد ڪيو آهي: خير محمد بروهي

ٺٽي ۾ پ ٽ الف اڳواڻ جو استاد خلاف احتجاج، پوٽي تي تشدد جو الزام

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ٺٽي شھر لڳ ڳوٺ وڏيرو حاجي نور محمد بروھي جي رھواسي سينيئر استاد، پ ٽ الف ضلعي جي اڳواڻ خير محمد بروھي پاران پيپلز اسڪول ٺٽي جي استادن پاران سندس 4 سالن جي معصوم پوٽي کي سخت مارڪٽ ڪرڻ واري عمل خلاف ٺٽي ۾ صحافين اڳيان دانھيندي الزام ھڻندي چيو آھي تہ سندس ڳوٺ ڀرسان پيپلز اسڪول قائم ٿيل آھي، جنھن ۾ سندس پٽ ۽ پوٽا تعليم پرائين ٿا، جتي سندس معصوم پوٽي کي اسڪول جي ھڪ استاد پاران بلاجواز سخت تشدد جو نشانو بڻايو آھي، جيڪو بيمار ٿيڻ ڪري اسڪول بہ وڃي ناھي سگھيو، پ ٽ الف اڳواڻ خير محمد بروھي چيو تہ آء اسڪول ويس تہ اسڪول انتظاميہ مونسان ملڻ کان ئي انڪار ڪري مونسان اڍنگو رويو اختيار ڪيو اھي، جيڪو عمل برداشت کان بہ ٻاھر آھي، ھن ڊي سي ٺٽو سميت سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ ھن عمل جو نوٽيس وٺي اسڪول انتظاميہ کان وضاحت طلب ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ انصاف نہ ملڻ تي سخت احتجاج ڪرڻ سان گڏ اسڪول انتظاميہ خلاف ڪاروائي نہ ٿي تہ ھڪ استاد جي حيثيت ۾ پنھنجي تنظيم پ ٽ الف جي پليٽ فارم تان سخت احتجاج ڪيو ويندو، جنھن جي ذميواري اسڪول انتظاميہ تي ھوندي.