English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ پاران ڳيريلو ۽ ڳڙهي خيرو ۾ ۾ نوان ڪئنال منصوبي خلاف ريلي
views
|
20th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياھ سنڌ جو ساھ آھي، سنڌو درياھ ھزارين سالن جي تھذيب جو اھڃاڻ آھي: اڳواڻ
ڳڙهي خيرو /ڳيريلو (رپورٽرز) قومي عوامي تحريڪ پاران ڳيريلو ۾ سنڌو درياھ مٿان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن جميل احمد لاڙ، سهيل احمد ابڙو، ياسين سنڌي ،نادر بليدي ﷲ رکيو سولنگي جي اڳواڻي ۾ ڳيريلو بس اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي ڳڙھي خيرو ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن جاويد سنڌي نياز علي عمراڻي ماما زاھد حسين عاشق جمالي اصغر جمالي خالد عمراڻي معشوق جمالي شھبان جمالي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تہ سنڌو درياھ سنڌ جو ساھ آھي، سنڌو درياھ ھزارين سالن جي تھذيب جو اھڃاڻ آھي. سنڌو درياھ سنڌ جي زندگي آھي. حڪمرانن کي سمجھڻ گھرجي تہ انڊس رور سسٽم ۾ ملڪ جي ضرورت جيترو پاڻي ناھي، جنھنڪري ڪو بہ ڪئنال ۽ ڊيم ملڪ ۽ سنڌ جي مفاد ۾ ناھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، جيڪڏھن ڊيم ٺھي ويا تہ سنڌ تباھ ٿي ويندي. سنڌ جي زرعي معيشت تباھ ٿي ويندي. سنڌ جي ماڻھن کي غسل ڏيڻ جيترو بہ پاڻي نہ ملندو. اڳواڻن چيو تہ پيپلزپارٽي پارٽي اقتدار ۽ پئسي جي بک ۾ سنڌ جي تھذيب،تاريخ ۽ سنڌو درياءَ تي حملا نہ ڪري. سنڌو درياھ سان سنڌ آھي،7 ڪروڙ انسانن جي زندگي آھي، ملڪ جي بقا آھي، سنڌ خلاف ڪنھن بہ قسم جي سازش دراصل ملڪ خلاف سازش آھي، انڪري سنڌو درياھ کي ختم ڪرڻ، قتل ڪرڻ لاء ڪو بہ ڪئنال ۽ ڪو بہ ڊيم يا ٻيو منصوبو قبول نہ ڪيو ويندي. ان جي پرامن جدوجھد ذريعي لکين عوام سان گڏجي مزاحمت ڪئي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Oct 2025
•
سندھ
ڈی آئی جی ٹریفک پولیس پیر محمد شاہ کی جانب سے معروف اداکار اینکر و کامیڈین کاشف خان کو ٹریفک پولیس کا گڈ ول ایمبیسیڈر کا عہدہ تفویض کیا گیا
20th Oct 2025
•
کھیل
ملک میں کھیلوں کی سرگرمیوں میں اضافے کی ضرورت ہے قرۃ العین خان
20th Oct 2025
•
سندھ
حضرت قطب عالم شاہ بخاری رحمة اللہ علیہ کا مزار کراچی کے معروف مزارات میں سرفہرست ہے کفیل حسین
20th Oct 2025
•
سندھ
کراچی میں سیاسی ہلچل , پیپلز پارٹی اور جماعت اسلامی کے کونسلرز مسلم لیگ (ن) میں شامل
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو جرڳائي وڏيرن خلاف احتجاج
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون واسين جو قبضاگيرن ۽ ڀتي خورن خلاف احتجاج
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ ۾ سماجي تنظيم احساس سوشل فورم پاران مستحقن جي مدد
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ آرا مشين يونين، ٽريڪٽر اونرز ۽ مزدورن طرفان پوليس خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
قومي عوامي تحريڪ
عوامي تحريڪ
0 تبصرے