گڏجاڻي ۾ سنڌ جي نوجوانن کي معاشي، صحت ۽ تعليم جون سهولتون ڏيڻ تي غور ويچار ڪيو ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ نيشنل ڊويلپرز ايسوسيئيشن جي اهم گڏجاڻي ٿي گذري, گڏجاڻي ۾ سنڌ جي نوجوانن کي معاشي، صحت ۽ تعليم جون سهولتون ڏيڻ تي غور ويچار ڪيو ويو، سنڌ جا نوجوان هن وقت معاشي بدحالي جو شڪار آهن تعليم ۽ صحت جون سهولتون نه هجڻ سبب سخت پريشان آهن علي اعجاز بلوچ، ايس اين ڊي سنڌ ۾ نوجوانن جي معاشي حالتن کي سڌارڻ خاطر ننڍا ننڍا ڪاروبار کولڻ لاءِ پراجيڪٽ کولڻ لاءِ ڪوشان آهي حسن وساڻ تفصيل موجب، سنڌ نيشنل ڊويلپرز ايسوسيئيشن جو اهم اجلاس مرڪزي آفيس پي اي سي ايڇ ڊي 50 تي ايس اين ڊي جي مرڪزي چيئرمين علي اعجاز بلوچ جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ مرڪزي جنرل سيڪريٽري حسن وساڻ، نسرين پنهور، آفرين، بشير سوڍو، عيسي خان سنگراسي، عبدالعزيز انڍڙ، صفدر کوکر، انور سهتو، طارق جان سهتو، عبدالقدير شاھ، امتياز علي ڀٽو، ايڊوڪيٽ علي اصغر ڪنڀر، ممتاز مسڪين، محمد صديق مسافر، عبدالڪريم سوڍو، عبدالحليم انڍڙ ۽ ڪراچي ٽائمز جي چيف ايڊيٽر فدا حسين جيسر شرڪت ڪئي ايس اين ڊي جي چيئرمين علي اعجاز بلوچ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ نيشنل ڊويلپرز جو مقصد سنڌ جي نوجوانن جي معاشي حالتن کي سڌارڻ آهي سنڌ جو نوجوان هن وقت سخت مشڪلاتن جو شڪار آهي سنڌ نيشنل ڊويلپرز جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري حسن وساڻ چيو ته ايس اين ڊي سنڌ جي نوجوانن جي معاشي حالتن سان گڏ صحت ۽ تعليم تي به ڪوششون ڪري پئي سنڌ ۾ صحت ۽ تعليم جي پڻ ضرورت آهي گڏجاڻي کي نسرين پنهور ايڊوڪيٽ علي اصغر ڪنڀر عبدالعزيز انڍڙ عيسي خان سنگراسي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته ايس اين ڊي ميمبر انور سهتو جي ڀيڻ جي وفات تي ساڻس تعزيت پڻ ڪئي وئي.
0 تبصرے