ڄامشورو ۾ ٽن ڏينهن جو بيڊمينٽن ٽورنامينٽ: رمضان شفيق فائنل کٽي ورتو

ڀٽائي رسورس سينٽر ۽ اسپورٽ اينڊ يوٿ افئيرس سنڌ طرفان ٽن ڏينهن جو سميش ماسٽر بيڊمينٽن ٽورنامينٽ ڄامشورو ۾ ٿيو

ڄامشورو ۾ ٽن ڏينهن جو بيڊمينٽن ٽورنامينٽ: رمضان شفيق فائنل کٽي ورتو

حيدرآباد (اسپورٽس نيوز) ڀٽائي رسورس سينٽر ۽ اسپورٽ اينڊ يوٿ افئيرس ڊپارٽمنٽ سنڌ حڪومت طرفان نوجوانن لاءِ ٽن ڏينهن جو سميش ماسٽر بيڊمينٽن ٽورنامينٽ ڄامشورو ۾ منعقد ڪيو ويو. ٽورنامنٽ ۾ 12 رانديگرن حصو ورتو جنهن ۾ سيمي فائينل جي مقابلي ۾ حارث علي ۽ شعاب جو سخت مقابلو ٿيو جنهن ۾ حارث علي ڪاميابي ماڻي ۽ فائنل ۾ پنهنجي جڳھھ مضبوط ڪئي، ٻئي سيمي فائينل ۾ اسد رند ۽ رمضان شفيق جي وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو جنهن رمضان شفيق ڪاميابي ماڻي ئي فائنل ۾ پنهنجي جڳھھ مضبوط ڪئي، جنهن کانپوءِ فائينل ۾ حارث ۽ رمضان شفيق جي وچ ۾ وڏو مقابلو ٿيو جنهن ۾ رمضان شفيق ڪامياب ٿيو ۽ ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي، شرڪت ڪندڙ رانديگرن ۾ ٽرافيون ۽ انعام ورهايا ويا. اختتامي تقريب ۾ مهمان خاص اسپورٽس ڊاريڪٽر اجويد ڀٽي، سوشل ايڪٽيويسٽ سجاد ڀُرڳڙي ۽ ٻين شرڪت ڪئي اسپورٽس ڊاريڪٽر اجويد ڀٽي وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته نوجوانن جي حوصلا افزائي لاءِ اهڙيون ٽورنائيمٽس ٿيڻ گهرجن جيئن نوجوان احساسي محرومي مان نڪري سگهن ۽ انهن ۾ کيڏڻ جي صلحايت وڌي سگهي، ڇو ته ان سان رانديگرن کي پنهنجي راند بهتر ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي.